فن ۽ فنڪار

  • جيجي زرينه بلوچ جهڙا انقلابي ڪردار پوئتي پيل ۽ غلام معاشرن لاءِ تبديلي جي ضمانت ٿين ٿا: صوبائي وزير

    جيجي زرينه بلوچ جهڙا انقلابي ڪردار پوئتي پيل ۽ غلام معاشرن لاءِ تبديلي جي ضمانت ٿين ٿا، ملڪ جي جمهوريت جي بحالي ، ون يونٽ جي خاتمي ، سنڌو درياهه تي بند ٻڌڻ خلاف ، ملڪي ۽ سنڌ جي قومي حقن لاءِ جيجي گيتن ، ڪهاڻين ۽ عملي طور تي لانگ مارچن ذريعي جدو جهد ڪري سنڌ ۾ مزاحمتي ڪردار طور پنهنجي تاريخ رقم ڪرائي اهڙو اظهار ثقافت کاتي جي صوبائي وزير حيدرآباد ۾ ڳڙهي خدابخش بيگم نصرت ڀٽو جي جنازي ۾ ويندي جيجي زرينه بلوچ جي ڇهين ورسي جي حوالي سان ميڊيا جي نمائندن سان ڳلهائيندي ڪيو هن چيو ته اسان پنهنجي قومي ڪردارن کي مڃتا طور ڀيٽا ڏيندي ايندڙ نسلن تائين سندن اهميت پهچائڻ جو پڪو پهه ڪيو آهي ۽ جيجي زرينه بلوچ به عظيم قومي ڪردار آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • ننڍي کنڊ جو عظيم گلوڪار ۽ غزل جو شهنشاهه جگجيت سنگهه 70 سالن جي عمر ديهانت ڪري ويو

    ننڍي کنڊ جو ناليوارو غزل جو بادشاهه جگجيت سنگهه 70 سالن جي عمر ۾ سومر ڏينهن ديهانت ڪري ويو، هو گذريل ڪيترن ئي هفتنکان ممبئي جي ليلا وسي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو. جگجيت سنگهه کي برينهيمرج سبب اسپتال جي انتهائي نگهداشت واري يونٽ ۾ رکيو ويو هو جتي هن جو 2 ڀيرا آپريشن پڻ ڪيو ويو پر هو صحتياب نه ٿي سگهيو ۽ گذريل ڏينهن هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو، جگجيت سنگهه 8 فيبروري 1941ع تي ڀارتي رياست راجستان جي علائقي شري گنگا نگر ۾ پيدا ٿيو، هن شروعاتي تعليم گنگا نگر ۾ حاصل ڪئي، جڏهن ته گريجوئيشن جي ڊگري ڊي اي وي ڪاليج جالنڌر مان حاصل ڪئي ۽ هريانه جي ڪرڪ شاسترا يونيورسٽيءَ مان ماسٽر جي ڊگري حاصل ڪئي، کيس ننڍي هوندي کان ئي فن ۾ دلچسپي هئي

    وڌيڪ پڙھو
  • سيد صالح شاهه جيلاني پير آف راڻي جو تعارف

    1943 to 1870مريدي جو سلسلو اڄ تائين به جاري آهي مرحوم نهايت اعليَ دماغ، عالي همت، باتهذيب، ۽ با اخلاق شخصيت ٿي گذريو، هي بزرگ با علم ۽ وقت جو نمايان شاعر به هو، سندس ڪلام ۾ حقيقت جي چاشني عجيب آهي. نموني طور هڪ ڪافي پيش ڪجي ٿي.

    وڌيڪ پڙھو
  • سنڌ جي مشهور شاعر نجفي فقير جو تعارف ۽ پيغام

    نالو هدايت علي فقير تخلص (نجفي) پوءِ (تارڪ) ولد ميان تراب علي عرف الله داد صاحب ذات تونيه فقير قريشي علوي ڳوٺ لعلورانڪ ضلع لاڙڪاڻه سنڌ1840، 1942ع، مرحوم فقير مشن انسان درويش، وڏو منصف ۽ نهايت چڱو مترجم سنڌي اردو،فارسي،عربي ۽ پشتو جو ماهر .انهن سڀني زبانن ۾ طبع آزمائي ڪيائين مرحوم (تارڪ) واقعي تارڪ الدنيا فقيرهو، آخر تائين فقيري حال ۾ ئي رهيو.اجھ تائين به نجفي فقير يا تارڪ فقير سڏبو آهي.

    وڌيڪ پڙھو
  • حيدر آباد ۾ نوجوانن کي موسيقي سکيا لاءِ ھڪ ميوزڪ اڪيڊمي قائم ڪئي وئي آهي

    ڊپٽي ڊائريڪٽر مهراڻ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد پنهنجي جاري ڪيل هڪ پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته صوبائي وزير ثقافت سسئي پليجو ۽ صوبائي سيڪريٽري ثقافت عبدالعزيز عقيلي ۽ کاتي جي دلچسپي سان شهيد محترمه بينظير ڀٽو يوٿ ڊولپمينٽ پروگرام جي شراڪت سان سنڌي موسيقي کي هٿي وٺرائڻ جي سلسلي ۾ نوجوانن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ميوزڪ اڪيڊمي قائم ڪئي وئي آهي جنهن ۾ سنڌي موسيقي جي مختلف ڪورسن جي ڪلاس لڳائڻ جو بندوبست ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ڳائڻ ، گيت ، غزل ، ڪافي ، ڪلاسيڪي سميت ساز سيکارڻ جهڙوڪ بوئينڊو ، الغوزو، شرنائي ، ڍولڪ ، طبلو، نقارو، هارمونيم ، يڪتارو، چپڙي، ، بينجو، دمبورو ۽ چنگ ، شامل آهن جي حوالي سان سنڌ جي ثقافت کاتي پاران ڪيترن ئي اخبارن ۾ اشتهار پڻ شايع ڪيا ويا آهن _ هن وڌيڪ ٻڌايو ته سنڌي موسيقي جي 6 مهينن جي سرٽيفڪيٽ واري ڪورس ۾ داخلا لاءِ صلاحيت مند ۽ ڳائپ جو شوق رکندڙ نوجوانن کان درخواستون گهرايون ويون آهن ۽ اهو سرٽيفڪيٽ ڪنهن ڊپلوما کان گهٽ نه هوندو .

    وڌيڪ پڙھو
  • طارق عالم ابڙو هڪ خوش طبيعت ۽ خوش اخلاق ماڻهو هو، حسن درس جديد شاعري جو حسن هو: ڊاڪٽر فهميده حسين

    سنڌ جي اديبن ، دانشورن ۽ ليکڪن سنڌي ٻولي جي ناليواري ليکڪن ۽ تخليقڪارن طارق عالم ابڙو ، منصور ملڪ ۽ حسن درس کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته سنڌ جي انهن ناميارن ۽ اڻملهه موتين جي وڇوڙي کانپوءِ پيدا ٿيل خال ڪڏهن به ڀرجي نٿو سگهي _ اهڙن خيالن جو اظهار هنن اڄ سنڌي ٻولي اٿارٽي پاران ڊاڪٽر اين اي بلوچ هال ۾ ڪوٺايل تعزيتي ريفرنس ۾ خطاب ڪندي ڪيو _ تقريب کي خطاب ڪندي سنڌي ٻولي اٿارٽِي جي چيئرپرسن ڊاڪٽر فهميده حسين چيو ته منصور ملڪ سنڌي ادب کي 11 بهترين ڪتاب ڏنا جن مان 5 شاعري جا آهن جيڪي هميشه اسان کي سندس ياد ڏياريندا رهندا _ هن چيو ته طارق عالم ابڙو بهترين ڪهاڻيڪار ، آرٽسٽ ۽ هڪ خانداني تخليقڪار هو _ هن وڌيڪ چيو ته طارق عالم ابڙو هڪ خوش طبيعت ۽ خوش اخلاق ماڻهو هو جنهن کي پنهنجي فن ۽ سنڌي ادب سان گهڻي دلسچسپي هئي _ حسن درس کي ڀيٽا ڏيندي ڊاڪٽر فهميده حسين چيو ته حسن درس جديد شاعري جو حسن هو، هوشيخ اياز جو تسلسل هو

    وڌيڪ پڙھو
  • سائين احمد خان مدهوش جي پهرين ورسي 26 جون تي شهر جوهي ضلع دادو ۾ ملھائي ويندي

    سنڌ جي ناليواري شاعر سائين احمد خان مدهوش جي پهرين ورسي 26 جون تي شهر جوهي ضلع دادو ۾ تمام گهڻي جوش، جذبي ۽ عقيدت سان ملهائڻ جون تياريون زور شور سان جاري آهن، ان سلسلي ۾ سندس فرزند خليل عارف سومرو، اسٽيشن ڊاريڪٽر ريڊيو پاڪستان خيرپور ڪوثر ٻرڙو، ڀٽائي سوشل ويلفيئر ايسوسيئشن جي چيئرمين خادم حسين ميراڻي ۽ جبار خاصخيلي سان ڀٽائي جي آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ساڻس ڪاڇي سان تعلق رکندڙ ۽ احمد خان مدهوش جي فن ۽ شخصيت تي لکيل ڪتاب جو ليکڪ عبدالرزاق جمالي پڻ گڏ هيو. ان موقعي ورسي جي انتظامن بابت صلاح مشورو ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ ڀٽائي سوشل ويلفئير ايسوسيئيشن جي ٽيم پاران احمد خان مدهوش جي پهرين ورسي ۾ ڀرپور شرڪت ڪرڻ ۽ ورسي جي انتظامن ۾ هر قسم جو ممڪن سهڪار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي

    وڌيڪ پڙھو
  • سنڌ جو سدا ملوڪ شاعر حسن درس روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيڻ بعد پوليس جي لاپرواهي سبب حياتي وڃائي ويٺو

    سنڌ جو حسن پرست ۽ يگانو شاعر حسن درس روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيڻ بعد پوليس جي لاپرواهي سبب فوت ٿي ويو. اربع ۽ خميس جي وچ واري رات جو اٽڪل چئين وڳي ڌاري پنهنجي دوستن جي محفل مان واپس گهر ڏانهن ايندي سندس گاڏي پونم چوڪ ويجهو فوٽ پاٿ تي چڙهي وئي. جنهن سبب هو زخمي ٿي پيو. موقعي تي موجود ماڻهن پاران فوري طور قاسم آباد پوليس کي اطلاع ڏيڻ بعد پوليس پهتي. جنهن حد نه هجڻ جو سبب ڄاڻائي ڪار ۾ زخمي حالت ۾ پيل حسن درس کي اسپتال نه پهچايو ۽ بعد ۾ جي او آر پوليس پڻ اطلاع ملڻ تي پهتي. جنهن به حد نه هجڻ جو جواز ڄاڻايو ۽ زخمي کي تڙپندو ڇڏي وئي. جنهن کان پوءِ واڌو واهه تان گذرندڙ هڪ ڄڃ ۾ شامل ڪجهه نوجوانن حادثي جو شڪار ڪار کي ڏٺو ۽ حسن درس کي اسپتال پهچايو ۽ سندس وارثن کي اطلاع ڏنو. هوڏانهن اسپتال پهچڻ بعد ڊاڪٽرن پاران طبي معائني بعد سندس اسپتال پهچڻ ۾ دير ٿيڻ سبب موت ٿي وڃڻ جي تصديق ڪئي، حسن درس جي لاڏاڻي جو ٻڌي سندس ڀاءُ اڪبر درس ۽ سندس دوست ذوالفقار شاهه فوري طور سول اسپتال پهتا.

    وڌيڪ پڙھو
  • پير مظهر جا ٺلھا آسرا، واعدو نه پاڙيو ، نه سمري تي صحي ٿي،ٺلهن آسرن سبب طارق جي حياتي کسجي وئي

    سنڌ جي ناليواري ڪهاڻيڪار طارق عالم ابڙي کي پرڏيهه مان علاج لاءِ سنڌ سرڪار آخر تائين آسرن ۾ رکيو، سنڌ سرڪار توڙي ثقافت کاتي جي بي حسي طارق عالم کان حياتي کسي، تفصيل موجب طارق عالم کي فيبروري ۾ گڙدن جي تڪليف وڌڻ سبب ڊاڪٽر اديب الحسن رضوي چيڪ اپ کانپوءِ جگر جي ختم ٿي وڃڻ جو پڻ ٻڌايو ۽ ڊاڪٽر اديب طارق عالم کي جگر ۽ گڙدن جي آپريشن لاءِ پرڏيهه ۾ علاج جي صلاح ڏني ۽ ان تي 60 لک خرچ اچڻ جو ٻڌايو ان دوران مهراڻ رسالي جي ايڊيٽر طارق عالم سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين ۽ صوبائي وزير مخدوم جميل الزمان کي چيو ته مون کي رٽائر ڪريو يا سرڪاري طور تي پرڏيهه مان علاج ڪرايو، جنهن بعد صوبائي وزير وزير اعليٰ سنڌ کي طارق عالم جي پرڏيهه مان علاج جي سفارش ڪئي، جنهن تي وزيراعليٰ سنڌ جي حڪم تي ڪيترن ئي ڏينهن بعد صحت کاتي جو ميڊيڪل بورڊ 5 مئي تي ويٺو

    وڌيڪ پڙھو
  • اليوارو ڪهاڻيڪار، اديب ۽ شاعر طارق عالم ابڙو هميشه لاءِ وڇڙي ويو

    ناليوارو ڊراما نگار، ناول نگار، اديب ۽ شاعر طارق عالم ابڙو ڪراچي جي سول اسپتال جي ايس آءِ يو سي وارڊ ۾ هميشه جي لاءِ وڇڙي ويو، طارق عالم گذريل 5 مهينن کان اسپتال ۾ گڙدن جي بيماري سبب داخل هو، ڊاڪٽرن کيس ڀارت ۾ علاج ڪرائڻ جي صلاح ڏني هئي، جنهن جو خرچ 60 لک روپيا اچڻو هو، جڏهن ته سنڌ حڪومت کيس 7 لک روپيا، ثقافت کاتي 15 لک ۽ ادبي بورڊ 5 لک روپيا ڏنا هئا. واضح رهي ته 1986ع ۾ پهريون ڀيرو لنڊن مان گڙدن جو علاج ڪرايو هو. جڏهن ته مرحوم جو مڙهه ڪراچي کان ڄامشورو سوسائٽي ڪالوني ۾ آندو ويو.

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button