فن ۽ فنڪار

  • مشهور معروف اداڪار جميل فخري لاڏاڻو ڪري ويو

    فلم اسٽيج ۽ ٽي وي جي معروف اداڪار جميل فخري ڊگهي عرصي بيمار رهڻ بعد لاهور جي ميو اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، هن جي عمر 66 سال هئي، جميل فخري پنهنجي ڪيريئر جو آغاز نيشنل بئنڪ آف پاڪستان ۾ هڪ ملازم جي حيثيت سان ڪيو، پر خدا داد فنڪارانه صلاحيتن کي وڌيڪ دير تائين پوشيده نه رکي سگهيو ۽ 1963 ۾ ٿيٽر سان وابسطه ٿيو ، 1964ع ۾ پاڪستان ٽيليويزن ۾ ڪم ڪيائين ۽ شهرت جي بلندين تي پهتو

    وڌيڪ پڙھو
  • اداڪارا عتيقا اوڍو خلاف شراب رکڻ جو ڪيس داخل

    )ملڪ جي ناليواري اداڪاره ۽ آل پاڪستان مسلم جي نائب صدر عتيقه اوڍو جي خلاف شراب رکڻ جي الزام ۾ ايئرپورٽ ٿاڻي تي ڪيسداخل ڪيو ويو آهي، پوليس ذريعن موجب عتيه اوڍو جي خلاف ايف آءِ آر نمبر 464 ڪسٽم جي اسسٽنٽ ڪلڪٽر جي فرياد تي داخل ڪئي وئي آهي، ٿاڻي ۾ داخل ڪيل ڪيس ۾ اداڪاره کان شراب جون ٻه بوتلون هٿ اچڻ جو الزام لڳايو ويو آهي. ٻئي طرف هڪ پرائيويٽ ٽي وي موجب عتيقهاوڍو جي خلاف ڪيس داخل ٿيڻ بعد ٽيمون ڪراچي اداڪاره کي گرفتار ڪرڻ لاءِ روانيون ڪيون ويون آهن، ايئرپورٽ اختيارين شراب هٿ اچڻ بعد اداڪاره عتيقه اوڍو کي ڪراچي وڃڻ جي اجازت ڏني هئي

    وڌيڪ پڙھو
  • استاد منظور علي خان سنڌيت جي علامت قرارآھي

    سنڌ جي ڏاهن، اديبن ۽ نامور شخصيتن جڳ مشهور ڳائڪ استاد منظور علي خان کي سنڌيت جي علامت قرار ڏيندي چيو آهي ته استاد منظور علي خان پنهنجي راڳ ذريعي سنڌي ثقافت، تهذيب، تمندن، راڳ ۽ ڪلاسيڪل موسيقي کي ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ متعارف ڪرايو _ سندن چوڻ هو ته استاد منظور علي خان جهڙين شخصيتن جي وچوڙي سان سنڌي راڳ جون روايتون پڻ ختم ٿي چڪيون آهن _ اهڙو اظهار هنن گذريل رات دير سان سنڌي لينگويج اٿارٽي حيدرآباد جي ڊاڪٽر اين اي بلوچ هال ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد طرفان نامياري براڊ ڪاسٽر ڪوثر ٻرڙو جي استاد منظور علي خان جي فن ۽ شخصيت جي عنوان سان ترتيب ڏنل ڪتاب جي رٿيل مهورتي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو _ تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي ثقافت کاتي جي صوبائي وزيرسسئي پليجو چيو ته استاد منطور علي خان سنڌي ڪلاسيڪل راڳ جي سڃاڻپ آهي جنهن فن ذريعي سنڌ جي شاهڪار ۽ عظيم پس منظر ۽ ثقافت کي اجاگر ڪيو _ هن ثقافت کاتي طرفان ڪوثر ٻرڙو جي هن ڪتاب جون 100 ڪاپيون خريد ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته سندس کاتي طرفان سنڌ جي مختلف ادبي عملي شخصيت جا ڪتاب ڇپرائڻ سان گڏوگڏ فنڪارن ۽ گلوڪارن بابت ڪتاب پڻ ڇپرايا ويندا

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button