انڊس نيوز جو تعارف

تعارف: انڊس نيوز سنڌي ۾ ھڪ خبرن کي ويب سائٽ آھي جنھن ۾ خبرون، ڪالم، بلاگ، فيمينزم ۽ ٻين موضوعن تي مواد شايع ٿئي ٿو.
شروعات: 2007 ۾ نيشنل لئنگوئج اٿارٽي (مقتدره قومي) زبان جي آءِ ٽي شعبي ۾ ڪم ڪندي خيال آيو ته ڇو نه سنڌي ٻولي ۽ سنڌ لاءِ انٽرنيٽ تي ڪم ڪجي. ان ئي سال ماءِ سنڌ ڊاٽ انفو جي نالي سان ھڪ ڊومين ورتو ويو پر سال تائين به ان سلسلي ۾ ڊومين کان علاوه ڪابه اڳڀرائي نه ٿي سگھي. ريڊيو ٻڌڻ جو شوق ھئڻ ڪري ماءِ سنڌ ڊاٽ انفو سان گڏوگڏ ڊڪسنگ ورلڊ ڊاٽ انفو جي نالي سان ھڪ انگريزي ۾ ويب سائٽ شروع ڪئي ويئي جيڪا پنجن سالن تائين ھلي پوءِ ان کي بند ڪيو ويو. ان دوران ڊسمبر 2010 ۾ خيال آيو ته ڇو نه انٽرنيٽ تي خبرن جي ھڪ ويب سائٽ ٺاھي وڃي، ان سلسلي ۾ ڊڪسنگ ورلڊ ڊاٽ انفو تي ئي ھڪ سنڌي ويب سائيٽ ٺاھي ويئي پوءِ جولاءِ 2010 ۾ ان جو نالو تبديل ڪري انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ جي نالو رکيو ويو ۽ سموري سنڌ مان اعزازي نمائندا رکيا ويا جيڪي انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ کي اي ميل ذريعي خبرون موڪليندا رھيا.
ايوارڊ: سن 2011 ۾ پاڪستان بلاگ ايوارڊ ۾ علاقائي ڪيٽيگري ۾ انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ کي يوٽيوب، ڊيل، انٽيل، ايڪسپريس نيوز ۽ ڊي جوس طرفان ھڪ ايوارڊ ڏنو ويو.
پاڊڪاسٽ: ايوارڊ ملڻ کان پوءِ انڊس نيوز ڊاٽ تي آڊيو پاڊڪاسٽ جو سلسلو شروع ڪيو ويو، پھرين ڪڙي جو عنوان ھيو ته سنڌي سنڌين کي اڙدو ۾ ايس ايم ايس ڇو ڇا ته ڪن، ان سلسلي کي ڪافي موٽ ملي.
سوشل ميڊيا: انڊس نيوز جي شروعات ۾ ئي فيس بڪ. يوٽيوب ۽ يوٽيوب تي اڪائونٽ کوليا ويا ان طرح انڊس سوشل ميڊيا ذريعي خبرن جو سلسلو شروع ڪيو.
نمائندا: انڊس نيوز کي ھلائيندڙ اھي رضاڪار نمائندا آھن جيڪي سنڌ جي مختلف شھرن ۾ خبرون موڪليندا رھن ٿا.
ايس ايم ايس خبرون: 2012 ۾ ايس ايم ايس نيوز جو سلسلو شروع ڪيو ويو جنھن ۾ ھڪ يا ٻن لائينن جي خبرن ايس ايم ايس جي ذريعي وٺڻ شروع ڪئي ويئي ۽ ٽوئيٽر تي شايع ڪري ان کي ويب سائيٽ جي سائيڊ تي Embed ڪيو ويو.

Back to top button
Close