فن ۽ فنڪارڪراچي

پير مظهر جا ٺلھا آسرا، واعدو نه پاڙيو ، نه سمري تي صحي ٿي،ٺلهن آسرن سبب طارق جي حياتي کسجي وئي

Tariq Aalam Abro ڪراچي: سنڌ جي ناليواري ڪهاڻيڪار طارق عالم ابڙي کي پرڏيهه مان علاج لاءِ سنڌ سرڪار آخر تائين آسرن ۾ رکيو، سنڌ سرڪار توڙي ثقافت کاتي جي بي حسي طارق عالم کان حياتي کسي، تفصيل موجب طارق عالم کي فيبروري ۾ گڙدن جي تڪليف وڌڻ سبب ڊاڪٽر اديب الحسن رضوي چيڪ اپ کانپوءِ جگر جي ختم ٿي وڃڻ جو پڻ ٻڌايو ۽ ڊاڪٽر اديب طارق عالم کي جگر ۽ گڙدن جي آپريشن لاءِ پرڏيهه ۾ علاج جي صلاح ڏني ۽ ان تي 60 لک خرچ اچڻ جو ٻڌايو ان دوران مهراڻ رسالي جي ايڊيٽر طارق عالم سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين ۽ صوبائي وزير مخدوم جميل الزمان کي چيو ته مون کي رٽائر ڪريو يا سرڪاري طور تي پرڏيهه مان علاج ڪرايو، جنهن بعد صوبائي وزير وزير اعليٰ سنڌ کي طارق عالم جي پرڏيهه مان علاج جي سفارش ڪئي، جنهن تي وزيراعليٰ سنڌ جي حڪم تي ڪيترن ئي ڏينهن بعد صحت کاتي جو ميڊيڪل بورڊ 5 مئي تي ويٺو ، ميڊيڪل بورڊ ۾ 5 ڊاڪٽرن سنڌ حڪومت کي طارق عالم ابڙي جي پرڏيهه مان علاج جي سمري منظور ڪندي 60 لک جي پڻ سفارش ڪئي، پورو مهينو وزيراعليٰ جي ٽيبل تي طارق عالم جي پرڏيهه وڃڻ واري سمري صحيح لاءِ پيل رهي، آخر ڪار هڪ مهيني کان بعد وزير اعليٰ طارق عالم جي پرڏيهه مان علاج واري سمري 60 لک جي بدران 7 لک منظور ڪيا، طارق عالم کي ثقافت کاتي پاران 15 لک، سنڌي ادبي بورڊ پاران 5 لک ڏنا ويا، جڏهن ته طارق عالم ابڙي مئي ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي مهراڻ رسالي جي ايڊيٽر 18 گريڊ مان رٽائرمينٽ ورتي، پر بيماري کي نظر رکندي سنڌي ادبي بورڊ پاران رٽائرمينٽ جي پئسن ڏيڻ ۾ پڻ لاپرواهي ڏيکاري مرحوم کي بيماري دوران پنهنجا رٽائرمينٽ جا پئسا نه ملي سگهيا،اسپتال ۾ بيماري دوران صوبائي وزير تعليم پير مظهر الحق به ملاقات لاءِ آيو ۽ سرڪاري خرچ تي پرڏيهه مان علاج ڪرائڻ جو واعدو ڪيو، صوبائي وزير مخدوم جميل الزمان، صوبائي صلاحڪار سرفراز راڄڙ، سنڌ جو چيف سيڪريٽري عبدالسبحان ميمڻ ۽ ڪلچر کاتي جي عملدارن به عيادت ڪئي.۽ سندس پرڏيهه مان علاج ڪرائڻ جو آسرو ڏنو پر آخر تائين اهو علاج نه ٿي سگهيو، ان سلسلي ۾ مرحوم طارق عالم جي گهر واري رضيه طارق چيو ته سنڌ سرڪار شروع کان ئي اسان کي آسرو نه ڏئي ها ته اسان ڳهه ڳٽا وڪڻي به پرڏيهه مان علاج ڪرايون ها، هاڻي جڏهن اسان رقم جمع ڪئي ته ڊاڪٽرن طارق کي پرڏيهه وٺي وڃڻ کي خطرناڪ قرار ڏنو ۽ آخرڪار هن دم ڏنو، ٻئي طرف طارق عالم جي ويجهي دوست ناليواري اديب نصير مرزا چيو ته طارق عالم ابڙي جي علاج لاءِ 60 لک رپيا گهربل هئا، عظيم شاعر ۽ ليکڪ جو علاج ڀارت مان ڪرائڻ پئي چاهيوسين، سنڌ حڪومت اسان کي طارق عالم ابڙي جي علاج لاءِ گهربل 60 لک رپيا ڏيڻ جو يقين ڏياري آسري ۾ رکيو ۽ آخر ۾ صرف اهو چيو ته صوبائي حڪومت طارق عالم ابڙي جي علاج لاءِ صرف 7 لک رپيا ڏئي سگهي، اهڙي صورتحال بعد اسان کي تمام وڏو ذهني جهٽڪو آيو جو اسان طارق عالم ابڙو کي هميشه هميشه لاءِ وڃائي ڇڏيو، جيڪڏهن سنڌ حڪومت اسان کي وقت تي اهو ٻڌائي ها ته 60 لک رپيا صوبائي حڪومت نه ڏئي سگهندي ته اسان سڄي سنڌ ۾ جهوليون ڦهلائي به طارق عالم ابڙي جي علاج لاءِ گهربل 60 لک رپيا گڏ ڪريون ها، پر افسوس جو سنڌ حڪومت اسان کي آسري ۾ رکڻ کانپوءِ گهربل پئسا به فراهم نه ڪري سگهي، هن چيو ته اسان جو سماج ڏاڍو بي حس ٿي ويو آهي، خبر ناهي ته اسان جو سماج ڪيڏانهن وڃي رهيو آهي، جو اسان لطيف، اياز ۽ امر جليل جهڙن شاعرن، اديبن ۽ ليکڪن کان پوءِ موجوده دور جي سنڌ جي هڪ وڏي ليکڪ ۽ اديب کي اهڙي نموني وڃائي ڇڏيو، ٻئي طرف ثقافت واري صوبائي وزير سسئي پليجو چيو آهي ته ثقافت کاتي طرفان طارق عالم کي 15 لک رپيا ڏنا ويا هئا، سندس پرڏيهه علاج لاءِ وڏي وزير کي سفارش ڪئي هئي، آخر تائين اها سمري صحيح ڪرڻ لاءِ وڏي وزير سان رابطو ڪيو هو.
مانيٽرنگ ڊيسڪ

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button