آرٽيڪل

بي ملھ بڻيل رشتا

عزيزه حنا عباسي

Azizah Abbasi

اسان جي معاشري ۾ رشتن جي اهميت ڇو ختم ٿيندي پئي وڃي، اڄ جو انسان رشتن هوندي به اڪيلو ٿيندو پيو وڃي ڇو؟اسين مسلمان آهيون اسانجو دين اسلام آهي جيڪو سراپا انسانيت آهي،  اسلام ۾ حقوق دين کان به وڌيڪ اهميت الله پاڪ ۽ اسانجي پياري آقا رسول ڪريم جن طرفان حقوق العباد کي ڏني وئي آهي، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته هاڻي اسان وٽ ابتو ڪم ٿي ويو آهي حقوق دين تي وڌيڪ توجھ آهي ۽ حقوق العباد تي گهٽ جنهن جو مظاهرو اسين هر ٻئي ٽئي ڏينهن اخبارن ۽ سوشل ميڊيا جي زينت بنيل انهن خبرن مان لڳائي سگهون ٿا ته ڪيئن نه پيء کي پنهنجو اولاد ملڪيت خاطر ماري ٿو يا ڪنهن پوڙهي ٻڍڙي عورت کي. اولاد  گهر مان نيڪالي ڏي ٿو،  ڪٿي ڀائر ڀينرن جو حق ڦٻائي ويٺا آهن جيڪي پريس ڪلبن اڲيان دانهون ڪنديون آهن ڪٿي ماما چاچا ملڪيتن مان حصو نٿا ڏين، ڪٿي ڪو مسڪين غريب مائٽ غربت سبب خودڪشيون ٿو ڪري پر چڱا موچارا مائٽ هوندي سوندي به انهن جي مدد نٿا ڪن، افسوس ته ان ڳالھ جو آهي ته اسلام جي سڄي تعليمات تي دنيا جون ٻيون سڀ قومون عمل ڪن ٿيون پر اسين مسمان عمل نٿا ڪريون سواء ڪجھ خوف خدا رکندڙ ماڻهن جي،  جيڪي پنهنجي وس ۽ وت آهر پنهنجن ۽ پراون جي مدد ڪندا رهندا آهن، اسان وٽ وري  ڪجھ اهڙي مخلوق به آهي جيڪا پنهنجي گهر ۾ ته اٽو وٺي ڏيڻ لاءِ به تيار نه هوندي آهي پر دنيا ۾ ڏيکاء خاطر ماڻهن جي وڏي مدد ڪندي رهندي آهي پنهنجي گهر وارن سان اڍنگو رويو پر ٻاهر مٺا پيارا ٻول هوندا آهن، ان کان علاوه به هڪڙي اهڙي مخلوق به آهي جيڪا پڙهيل لکيل وڏيون ڊگريون رکندڙ هئڻ باوجود پنهنجن سان ڳالهائڻ وقت جيڪا ٻولي استعمال ڪري ٿي تنهنجا وڃي ٿيا خير، ان وقت انهن جي تعليم ۽ شعور هوا ۾ اڏامي وڃي ٿو،  افسوس ته اها شيء به سمجهي نٿي وڃي ته الله پاڪ جي طرفان سٺي گفتار به هڪ نعمت آهي، هڪ قسم وري اهڙو به آهي جيڪو پيسي واري مٽن مائٽن کي مرشد جو درجو ڏيئي آسمان تي ويهاريندو آهي انهن جي لاء  رستن  تي پنهنجون اکيون وڇائيندو آهي پر ڪو غريب غربو مائٽ ايندو ته ڄڻ ڪا مصيبت اچي وئي، رشتن جي انهن تضادن نمونن رشتن جي اهميت کي ختم ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي، غيرمسلم ملڪن ۾ ته الله پاڪ جي خلقيل هر مخلوق سان محبت ڪئي وڃي ٿي انهن جو خيال رکيو وڃي ٿو چاهي انسان هجي يا جانور پر اسان وٽ انسانن جو قدر جانورن کان به ڏينهون ڏينهن گهٽبو وڃي، ڇو ان جا سبب ڪهڙا آهن، اسان جي ديني تعليم تي عمل غير مسلم ته ڪن پيا پر مسلمان نٿا ڪن، ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾  شين ۾ ملاوٽ، ذخيره اندوزي، ڪوڙ ٺڲي  ۽ هن وقت جي صورتحال موجب معصوم ٻارڙن سان هر جاء تي ٿيندڙ ظلم چاهي مسجد هجي يا اسڪول ڳوٺ هجي يا شهر تمام گهڻا وڌي ويا آهن ۽ حيرت جي ڳالھ ته اها آهي ته هن ئي ملڪ ۾ وڏا وڏا تبليغي اجتماع به زور شور سان ٿين ٿا پو ء به  گهڻي قدرماڻهو اخلاقي ڏيوالپڻي جو شڪار ڇو آهن، جڏهن ته اسان جي پياري آقا رسول صلي الله عليه و آله وسلم جن رشتن جي اهميت تي ته گهڻو زور ڏنو پر پاڻ ڪريم جن پاڙيسريء جي اهميت ۽حقن تي ب ايتري قدر زور ڏنو جو صحابه ڪرام جن سمجهيو ته انهن سان به رشتيدارن وانگر ئي هلڻو پوندو، افسوس ان ڳالھ جو آهي ته اڄ دين صرف مسجدن ۾ سجدي وقت آهي باقي دين تي عمل تمام گهٽ آهي، اسان جي سنڌ سونهاريء جي شاعر لاکيڻي لطيف ڪيڏو نه سچو خوبصورت شعر چيو آهي ته

"پڙهيو پياپڙهن ڪڙهن ڪين قلوب ۾”

واقعي اسان وٽ صورتحال اها وڃي بيٺي آهي، هن ئي ملڪ جا سڀ ملڪن کان گهڻا ماڻهو حج تي به وڃن ٿا نمازون روزا به پابندي سان ڪن ٿا پر حقوق العباد ۾ ڪوتاهي بن گهڻي ڪن ٿا، رشتن ناتن جي عزت ۽ اهميت  گهٽبي وڃي پئي جيڪڏهن انهن کي مان ڏين عزت ڏين ته اڄڪلھ جي وڏي  بيماري بي سڪوني کان بچي پون،  صرف واپاري طبقو پنهنجي دين سان سچو ٿئي ۽ اهي ملاوٽون نقلي سامان، زخيره اندوزي، ڪوڙ، ٺڳيون بند ڪن ته به ملڪ مان اڌواڌ بيماريون به گهٽجي وڃن جيڪي ملاوٽ شده کائي وڌي ويون آهن،  پر اڄ جو انسان نه پنهنجن رشتن ناتن سان سچو آهي نه پنهنجي ملڪ ۽ قوم سان,دعا آهي ته الله پاڪ اسان مسلمانن کي سچائي سان زندگي گذارڻ جي توفيق عطا ڪري.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button