آرٽيڪل

جنگ عظيم ۽ ائٽم بم جو استعمال

غلام اصغر ڀٽو
بي ايس: پاڪستان اسٽڊيز۔
انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي اسلام آباد۔
Ghulam Asgher Bhuttoحضرت انسان جي زمين تي ابتدا ٿيڻ کان وٺي اڄ تائين سندس جي وسيلن تي جنگ جاري آھي۔ ھي جنگيون ۽ انھن جي وڙھڻ جو طريقو وقت جي گذرڻ ۽ جديد دؤر جي طرف وڌنڌي مختلف ٿيندو پيو اچي۔ مثال جي طور، لٺ باٺي، تير تلوار، ماڻھن (فوج) جي تعداد کان، گولي ۽ ٽيڪنالاجيءَ تائين۔
آءُ اھا ڳالھ پھرين به لکي چڪو آھيان ته پراڻي زماني ۾ جنگ کٽڻ جو ڪاٿو فوج جي تعداد مان لڳايو ويندو ھو. پر اڄ جي دور ۾ جنگ جو ڪاٿو خاص ڪري جديد ھٿيارن، معاشي برتري ۽ ٽيڪنالاجيءَ مان لڳايو پيو وڃي.
واپس پنھنجي عنوان تي اچون ته دنيا ۾ پھرين جنگ عظيم يا پھرين مھاڀاري لڙائي 1914 ۾ شروع ٿي ۽ 1918 جي آس پاس ختم ٿي. ھي جنگ متحد رياستن جھڙوڪ برطانيه، فرانس، سوويت يونين (روس) آمريڪا ۽ مرڪزي رياستن جھڙوڪ: جرمني، آسٽريا- ھنگري، خلافت عثمانيه ۽ بلغاريه وغيره جي وچ ۾ لڙي وئي. جنگ جو مرڪز يورپ جي سرزمين بڻي جتي گھڻي کان گھڻو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو. ھن جنگ جا ڪارڻ يورپي سامراجيت، مثال جي طور ان وقت برطانيا، جرمني، آسٽريا ھنگري ۽ روس وغيره جا دنيا جي ڪيترن ئي علائقن تي زبردستي قبضا ۽ اتي حڪومت ھئي، ھنن جي اھا ڪوشش ھئي ته ھو پنھنجي قبضي ھيٺ آيل رياستن تي اڃا وڌيڪ طاقتور قبضو ڄماين، ٻين ملڪن جو ھنن جي رياستن ڏانھن وڌڻ ھنن جي لا۽ خطرو پيدا ٿي پيو. ائين ئي قبضو ڪرڻ جنگ جو سبب بڻيو۔ اڃان وڌيڪ ته سربيائي قومپرستي، جون 28، 1914 تي آسٽريا جي فرانز فرڊينينڊ جو قتل ٿيڻ، مسئلن تي ھڪٻئي خلاف اتحاد بنائڻ ۽ انھن تي تضاد پيدا ٿيڻ، جرمني ۽ آسٽريا-ھنگري جا سازشي منصوبا ھن جنگ جا ڪارڻ ھئا.
ھن جنگ ۾ لڳ ڀڳ 20 ملين ماڻھون جن ۾ فوجي ۽ عام شامل ھئا موت جو شڪار ٿيا ۽ اھڙا 20 ملين جي لڳ ڀڳ زخمي به ٿيا، جن مان ڪيترائي بعد ۾ فوت به ٿيا.
ھن جنگ جي خاتمي کانپو۽ متحد قومن جي تنظيم جن کي ليگ آف نيشنس جي نالي سڃاتو ويندو آھي، جو جنوري 10، 1920 ۾ بنياد رکيو ويو. ھن تنظيم جا بنيادي مقصد يا ڪم، دنيا ۾ امن ۽ سلامتي برقرار رکڻ، بين الاقوامي مسئلن کي پرامن طريقي سان حل ڪرڻ، دنيا جي قومن ۾ بھترين تعلقات قائم ڪرڻ، جنگي ھٿيارن جي ٺاھڻ تي ضابطي جي منصوبه بندي، رڪن ملڪن ميمبرن کي جنگ کان پاسو ڪرائڻ ۽ ملڪن جي اندروني سماجي حالات کي بھتر بڻائڻ ھو.
اڳتي ھلي ھي تنظيم اڪثريت سان ناڪام ٿي، ھن تنظيم جون جنگين ۽ بين الاقوامي مسئلن جي حل واريون ڪوششون مڪمل طريقي سان ناڪام ٿيون۔يعني ھڪ ٻي مھاڀاري لڙائي 1939 شروع ٿي ۽ 1945 ۾ سندس جو خاتمو ٿيو۔ ھن جنگ جو مرڪز ايشيا ۽ يورپ ٻئي کنڊ بڻيا. ھي جنگ به آمريڪا، برطانيا، فرانس، روس ۽ جرمني، جپان، اٽلي جي وچ ۾ لڙھي وئي، ھنن ملڪن جا ڪيترائي ننڍا وڏا ساٿاري ملڪ دنيا جي مختلف حصن ۾ موجود ھئا جن ھنن جو ساٿ ڏنو. وڌيڪ چيو وڃي ٿو ته ھن جنگ ۾ 100 ملين ماڻھن 30 مختلف ملڪن مان حصو ورتو. ھنن جنگ ۾ به لڳ ڀڳ 75 کان 85 ملين فوجي ۽ عام عوام اجل جو شڪار ٿيا.
اوھان کي وڌيڪ ٻڌايان ته دنيا جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو ائٽمي ھٿيار يعني ائٽم بم جو انسانيت توڙي حيوانات ۽ نباتات جي خلاف استعمال ٿيو. ھي ائٽم بم آمريڪا طرفان جپان جي خلاف استعمال ڪيا ويا. جيڪي 6 اگسٽ 1945 تي جپان جي شھر ھيروشيما ۽ ناگاساڪي تي اڇلايا ويا. ھيروشيميا تي ڪيرايل بم 60000 انساني جانيون ۽ ناگاساڪي تي ڪيرايل بم 39000 انسانن کي موت جو کاڄ بڻايو، ٻنھي شھرن جي زخمين جو تعداد مجمومي طور 1 لک کان به وڌيڪ ھو، ھي عدد شمار گھٽ وڌ ٿي سگھن ٿا.

بين الاقوامي تعلقات جي ماھرن جو ھميشه اھو خيال رھيو آھي ته جنگ ڪڏھن به ختم ڪونه ٿيندي آھي۔ اوھان جيڪڏھن دنيا جي حالتن تي نظر وجھون ته دنيا ۾ ھن وقت به ڪيترائي ملڪ ڪنھن نه ڪنھن مسئلي ۾ ھڪ ٻئي خلاف الجھيل آھن۔ جنگ ختم ٿيڻ کانپو۽ اسان جو اھو خيال ھوندو آھي ته ھاڻ امن ٿي ويو آھي۔ پر حقيقت ته اھا آھي جو اھو وقت ھڪ ٻي جنگ جو سازو سامان ڱڏ ڪرڻ وارو وقت آھي۔
ھڪ مشھور فقرو آھي ته Only the dead have seen the end of the war: George Santayana يعني ´´ صرف مرڻ وارن ئي جنگ جو خاتمو ڏٺو آھي"
اڃان وڌيڪ ته دنيا ۾ ڪا به شيء مستقل نه آھي سوائي تبديليء جي۔ اھا تبديلي ئي آھي جيڪا رونما ٿيندي پئي اچي ۽ اھا ئي مستقل آھي.

وڌيڪ ڏيکاريو

غلام اصغر ڀٽو

غلام اصغر ڀٽو بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد ۾ بي ايس پاڪستان اسٽڊيز جو شاگرد آهي، سندس دلچسپين ۾ تحقيقي مقالا لکڻ ، ڪتاب پڙھڻ اخبارن، رسالن ۽ ڊجيٽل ميڊيا ۾ لکڻ شامل آھي.
Back to top button