آرٽيڪل

سنڌ ۾ جيڪر قيامتِ صغرٰی برپا ٿي وئي هجي

اجمل مير مهدي

ائين محسوس ٿيندو آھي جيئن ڪا بي يارومددگار عورت کليل آسمان هيٺ اڀ ڏاريندڙ رڙيون ڪندي دانهيندي هجي،

اي خداإ آءُ گهڙي کن هيٺ لهي آ پنهنجو جوڙيل ڏيھ ڏسي وڃ۔

Violance against woman

مهراڻ جي هر ڪنڌيءَ تي بيوس سنڌ امڙ سُڏڪا ڀري روئي رهي آهي، مجبوريءَ جو مجسمو بڻيل سنڌوءَ جي جيجل پنهنجي ٻچن جي بيگناھ ڪُسجڻ تي هر روز ماتم ڪري زار و قطار روئي ٿي، ڪڏهن رمشا وساڻ جي علمناڪ موت تي هنياءُ ڏاريندڙ رڙيون ٿي ڪري ته ڪڏهن اها جيجل زارا منگي تي روئي هنجون هاري ٿي، ڪڏهن اُڀ کي للڪاريندڙ دانهون لاڙڪاڻي ۾ ثمينه جي ماءُ ٿي ڪري ته وري ڪڏهن دادوءَ جي رڻ پٽ ۾ تانيه خاصخيليءَ جي ماءُ جو جگر ڦاٽي پوي ٿو، ڪٿي جمنا جي عزت لُٽجي ته ڪٿي نشوٰه کي بي يارو مددگار ماري موت جي حوالي ڪيو ٿو وڃي، ڪٿي ملُوڪان شيخ جنسي بگهڙن هٿان يرغمال ٿي پنهنجي عزتِ نفس نٿي بچائي سگهي ته ڪٿي عصمت جوڻيجو جنسي دهشتگردن هٿان بيگناھ قتل ڪئي ٿي وڃي، ان سميت فاطمه، خديجه کوکر، شما کوسو، شيرين بروهي ۽ فهرست هزارن جي انگن اکرن ۾ موجود آهي جنهن جون مائرون پنهنجي لُڙڪ لاڙ ڪندي پاڻ به پنهنجي پيارن ڏانهن پُهچي ويون آهن ۽ جيڪي مائرون زنده آهن سي بيوسي ۽ مجبوريءَ جا اعلٰي مثال آهن جن کي اڄ به اُميد آهي ته سندن پنهنجي معصوم گُل جي خون سان پورو پورو انصاف ٿيندو، اهو تمام ڏکيو مرحلو هجڻ سان گڏ هڪ ليکڪ جي لاءِ ڪيترو مُشڪل هوندو آهي ته هو مهراڻ جي هڪ مظلوم جيجل جي درد ڪٿا ڪري؟
راڻي پور واقعي جي سخت مذمت ڪجي ٿي ۽ انصاف جو مطالبو ورجهائجي ٿو۔

مهراڻ جي باغ جا معصوم گُلڙا ۽ جنسي دهشتگردي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button