اوڀر پاڪستان کان بنگلاديش بڻجڻ تائين
غلام اصغر ڀٽو
بي ايس: پاڪستان اسٽڊيز۔
انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي اسلام آباد۔
جڏھن برطانوي راج جو برصغير ۾ 1947 ۾ خاتمو ٿيو ته ان جي نتيجي ۾ ٻه ملڪ وجود ۾ آيا۔ ھنن ملڪن مان ھڪ پاڪستان ۽ ٻيو ڀارت ھو. پاڪستان 14 ۽ ڀارت 15 آگسٽ 1947 ۾ آزاد ملڪ ٿيا. برصغير جي ورھاست جو سڀ کان وڏو سبب ٻه قومي نظريو ھو يعني مسلمان ۽ غير مسلمان.
بنگلاديش 14 آگسٽ 1947 کان وٺي 16 ڊسمبر 1971 تائين اڄ جي پاڪستان جو حصو رھيو آھي۔ آزادي جي وقت پاڪستان ٻن حصن ۾ ورھايل ھو جن مان ھڪ اوڀر پاڪستان يعني اڄ جو بنگلاديش ۽ ٻيو اولھ پاڪستان يعني اڄ جو پاڪستان ھو.
ھي پاڪستان جا ٻئي حصا ھڪٻئي کان تقريبا 1600 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ھئا۔ ٻنھي حصن جي وچ تي ڀارت ملڪ آھي يعني ھڪ حصي کان ٻئي حصي طرف ويندي يا ايندي ڀارت مان گذرڻو پوندو ھو. جيڪڏھن ڀارت سان حالتون يا تعلقات خراب ٿيندا ھئا ته انڊين اوشين (بحر ھند) جي پھرين سريلنڪا پو۽ اوڀر پاڪستان وڃڻو پوندو ھو.
برصغير جي ورھاست ٻه قومي نظريي تحت ٿي يعني جن علائقن ۾ مسلمانن جي اڪثريت ھئي اھي مسلمانن جي نئي ملڪ يعني پاڪستان ۾ شامل ڪيا ويا ۽ جتي غير مسلم يا ھندن جي اڪثريت ھئي اھي ڀارت م شامل ڪيا ويا. اھڙي ريت مسلمانن جي برصغير جي اوڀر ۽ اولھ ۾ اڪثريت ھئي جيڪي پاڪستان جو حصو ٿيا.
ورھاڱي وقت ڪجھ پرنسلي رياستون به ھيون مثال جي طور تي جيئن ڄمون ۽ ڪشمير، ميسور، بينارس، حيدرآباد، قلات، کاران، چترال، دير، سوات، امب، خيرپور، عمر ڪوٽ، بھاولپور. ھنن رياستن جو تعداد لڳ ڀڳ 565 ھو۔ ھنن کي وقت سان گڏو گڏ ڀارت يا پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ ھو۔
اوڀر پاڪستان جي آزادي جا ڪيترائي سبب ھئا، جھڙوڪ؛ سياسي جنھن ۾ صوبائي خودمختياري، نمائندگي، چونڊ نظام، مجيب الرحمن جا 6 نڪتا۔ جڏھن ته معاشي حالات ۾ اقتصادي ترقي جي پاليسي، اولھ ۽ اوڀر پاڪستان جي آمدني، اقتصادي ادارن جي جڳھ. اڃا وڌيڪ ته ثقافت ۽ ٻولي، فوجي آپريشن، سوويت يونين (روس) ۽ ڀارت جي مداخلت جن اڳتي ھلي بنگلاديش کي جنم ڏنو اھم آھن۔
پاڪستان جي آزادي کان پو۽ ھن ملڪ جو پھريون گورنر جنرل قائد اعظم محمد علي جناح ٿيو۔ ھن 24 مارچ 1948 تي اوڀر پاڪستان (بنگلاديش) جو دورو ڪيو ۽ اتي ڍاڪا يونيورسٽي ۾ ٿيندڙ ساليانو ڪانوڪيشن ۾ شاگردن کي خطاب ڪندي چيو ته اسان جي ملڪ پاڪستان جي قومي ٻولي صرف اردو ئي ھوندي۔ قائد اعظم جي ان ڳالھ کي بنگالين پنھنجي ثقافت ۽ بنگالي ٻولي جي خلاف ھڪ خطرو سمجھيو، هن جي ڳالھ بنگالي نوجوان نسل کي پريشان ڪيو جنھن جي ڪري ھنن جي دلين ۾ ھڪ ثقافتي عنصر جي پيدائش ٿي.
نمائندگي جي سبب کي ذھن ۾ رکندي، ھن نئي ملڪ جي ٻنھي حصن ۾ تمام گھڻو فرق ھو. بنگالي قانون ساز اسيمبلي ۾ آبادي جي بنياد تي نمائندگي جا حامي ھئا۔ جڏھن ته اولھ پاڪستان برابري جي بنياد تي نمائندگي جا حامي ھئا.
ھنن (بنگالين) جي نمائندگي جي بنياد تي ورھاڱي جي سببن ۾ گھٽ نوڪريون ڏيڻ به شامل ھيون. مثال جي طور مرڪزي ڪابينه جيڪا 15 آگسٽ 1947 ۾ قائم ڪئي وئي ھئي ان جي ست ميمبرن مان صرف ھڪ ميمبر فضل الرحمن جنھن کي تعليمي وزير بڻايو ويو جو تعلق اوڀر پاڪستان سان ھو.
سرڪاري ادارن جي نوڪرين ۾ بنگالين جو تعداد 100 سيڪڙو مان 20 سيڪڙو کان به گھٽ ھو۔ مثال جي طور؛ سول سروسز ۾ اوڀر پاڪستان جا صرف %20 نوڪرين ۾ به مس ھئا، جڏھن ته اولھ پاڪستان جا لڳ ڀڳ %80 ھئا۔ اھڙي ريت 1970 ۾ پاڪستان ۾ وفاقي سيڪريٽريز جو تعداد 20 ھو جن مان صرف 3 اوڀر پاڪستان سان واسطو رکڻ وارا ھئا باقي رھيل 17 جو تعلق اولھ پاڪستان سان ھو. اڃا وڌيڪ ته 1970 ۾ پاڪستاني فوج ۾ 34 سينيئر يعني اعلي درجي آفيسر ھئا جن مان صرف ھڪ جو واسطو اوڀر پاڪستان سان ھو.
ساڳي ريت اولھ ۽ اوڀر پاڪستان تي تعليم، صحت ۽ ترقي جي خرچ جو به وڏو فرق نظر آيو۔
بنگلاديش جو پاڪستان کان الڳ ٿيڻ ۾ جاگرافيائي مقام ھڪ ڪارائتو سبب ثابت ٿيو۔ اولھ پاڪستان اوڀر پاڪستان کان لڳ ڀڳ 1600 ڪلو ميٽر پري ھو يعني ملڪ جا ھي ٻئي حصا ھڪٻئي کان گھڻي مفاصلي تي ھئا ۽ ٻيو وري ته ھنن ٻنھي حصن جي وچ تي ڀارت ھو جيڪو شروعات يعني آزادي کان وٺي پاڪستان جو پاڙيسري سرگرم دشمن رھيو آھي۔ گھڻي مفاصلي جي ڪري پاڪستاني حڪومت اثرائتو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيندي پئي اچي.
ثقافتي ورثي جي بنياد تي ھنن ٻنھي حصن جي ثقافت ۽ ٻولي به ھڪٻئي کان مختلف ھئي۔ مثال اوڀر پاڪستان ۾ اڪثريت بنگالين جي ھئي ۽ ھنن جي ٻولي به بنگالي۔ جڏھن قائد اعظم تقرير دوران اردو کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو ته بنگالي نوجوانن ان فيصلي خلاف ڀرپور رد اعمل ظاھر ڪيو ھو۔
آزادي کان بعد پاڪستان جي گادي جو شھر ڪراچي کي بڻايو ويو جنھن تي بنگالين رداعمل ڏيکاريندي چيو ته اسين (بنگالي) پاڪستان ۾ اڪثريت ۾ آھيون ان کي نظر ۾ رکندي ڍاڪا کي گادي جو شھر بڻايو وڃي۔
اوڀر پاڪستاني صوبائي خودمختياري جا حامي ھئا ھنن جو مطالبو ھو ته اسان کي آبادي جي بنياد تي نمائندگي نه ٿي ڏني وڃي،` جڏھن ته پاڪستان جي مرڪزي حڪومت مرڪز کي مضبوط ڪرڻ جي حامي ھئي۔
پاڪستان جي ٽٽڻ جي چڻگ ان وقت اٿي جڏھن 1970 واري اليڪشن ۾ عوامي پارٽي اڪثريت سان سامھون آئي۔ بنگال جي عوامي پارٽي 169 مان 167 ووٽ حاصل ڪري نه صرف بنگال ۾ پر سڄي ملڪ ۾ اڪثريت حاصل ڪئي۔ ھن جي مقابلي ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي 144 مان صرف 86 ووٽ حاصل ڪيا۔ عوامي پارٽي جي اڳواڻ شيخ مجيب الرحمن جي اڪثريت سان ڪاميابي جي باوجود به حڪومت نه ملڻ تي، پاڪستان خلاف بنگالين خاص قسم جو رداعمل پيدا ڪيو ۽ ائين ڀارت ان جو فائدو وٺندي پاڪستان سان جنگ ۾ الجھي ويو، جنھن جي نتيجي ۾ ھي ملڪ 16 ڊسمبر 1971 ۾ ٻن حصن ۾ ورھائجي، بنگال (اوڀر پاڪستان) بنگلاديش جي نالي سان ھڪ آزاد ملڪ بڻجي دنيا جي نقشي تي وجود ۾ آيو.