آرٽيڪل

پاڪستان جي پرڏيھي پاليسي تي ھڪ نظر

غلام اصغر ڀٽو
بي ايس: پاڪستان اسٽڊيز۔
انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي اسلام آباد۔
Ghulam Asgher Bhuttoپاڪستان ھن دنيا جي نقشي تي 14 آگسٽ 1947 ۾ نمودار ٿيو۔ برطانيا کان آزادي ملندي ئي، ھي ملڪ ڪيترن ئي مسئلن ۾ الجھي ويو۔ جھڙوڪ؛ معاشي بحران، فوجي ، علائقائي تڪرار، دريائن جي پاڻي تي تڪرار، غربت، بيروزگاري ۽ بين الاقوامي قومن سان الجھيل تعلقات وغيره، جيڪي اڄ تائين ڪڏھن بھتر ته ڪڏھن خراب ٿيندا پيا اچن۔
ھن ڪالم ۾ آؤ پرڏيھي پاليسي ڇا آھي؟۔ پاڪستان جي پرڏيھي پاليسي قائد اعظم محمد علي جناح جي نظر ۾ ڇا ھئي؟، پاڪستان جي اڄوڪي آئين جي نظر ۾ ۽ ان جي مقصدن بابت اوھان تائين معلومات پڄائڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو۔

پرڏيھي پاليسي بابت ھڪ مشھور فقرو اوھان جي سامھون رکان ٿيو جيڪو آمريڪي صدر جوھن ايف ڪينيڊي چيو ھو، جنھن جي معني ڪجھ ھن ريت آھي:
"ملڪي پاليسي اسان کي شڪست ئي ڏئي سگھي ٿي پر پرڏيھي پاليسي اسان کي ماري سگھي ٿي۔”
اميد آھي ته ھن ٻن سٽن مان اوھان کي پرڏيھي پاليسي جي اھميت معلوم ٿي چڪي ھوندي۔

جيڪڏھن تعارف طرف اچون ته پرڏيھي پاليسي انھن حڪمت عملين تي مشتمل ھوندي آھي جيڪي رياست استعمال ڪندي پنھنجي بين الاقوامي ۽ ملڪي مفادن جي حفاظت ڪندي آھي ۽ اھو طئي ڪندي آھي ته ان جو ٻين رياستي ۽ غير رياستي عملن سان رابطي يا تعلق جو طريقو ڇا ھوندو. پرڏيھي پاليسي جو بنيادي مقصد ھڪ قوم جي قومي مفادن جو دفاع ڪرڻ آھي، جيڪو تشدد ۽ غير تشدد جي طريقن سان ٿي سگھي ٿو۔ يعني ھي ھڪ قسم جي حڪمت عملي جيڪا ٻين قومن سان معاملات قائم ۽ حل ڪرڻ لا۽ استعمال ڪئي ويندي آھي۔ اڃا وڌيڪ سادو ڪري ٻڌايان ته پرڏيھي پاليسي اھڙن مقصدن جو ھڪ مجموعو آھي جنھن بابت ملڪ ٻين ملڪن سان اقتصادي، سياسي، سماجي ۽ فوجي طور تي ڪم ڪندو آھي۔ ان ۾ بين الاقوامي تجارت، غير ملڪي امداد، فوجي اتحاد ۽ جنگ وغيره جھڙا معاملا شامل آھن۔

پاڪستان جي پھرين گورنر جنرل يعني قائد اعظم محمد علي جناح فيبروري 1948 ۾ ھڪ تقرير دوران پاڪستان جي پرڏيھي پاليسي بابت ڳالھائيندي، نئي ملڪ جي پرڏيھي پاليسي جو بنياد رکيو ۽ ان بابت چيو ته "اسان جي پرڏيھي پاليسي دنيا جي سڀني قومن سان دوستي ۽ نيڪ نيتي واري آھي۔ اسان ڪنھن به ملڪ يا قوم جي خلاف جارحاڻي انداز کي پسند نه ٿا ڪريون۔ اسان قومي ۽ بين الاقوامي معاملن ۾ ايمانداري ۽ منصفاڻي تعلق جي اصول تي يقين رکون ٿا ۽ دنيا جي قومن جي وچ ۾ امن ۽ خوشحالي جي فروغ جي لا۽ پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ لا۽ تيار آھيون۔ پاڪستان دنيا جي مظلوم ۽ دٻجي ويل عوام جي مادي ۽ اخلاقي مدد ڪرڻ ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن تي عمل ڪرڻ ۾ ڪڏھن به ڪوتاھي نه ڪندو.”

جيڪڏھن پاڪستان جي اڄ جي آئين تي نظر وجھون ته، آرٽيڪل 40 ۾ ڪجھ ھن طريقي سان لکيل آھي: "رياست اسلامي اتحاد جي بنياد تي مسلمان ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي برقرار رکڻ ۽ مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي، ايشيا، آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا جي عوام جي گڏيل مفادن جي حمايت ڪندي، بين الاقوامي امن ۽ سلامتي کي فروغ ڏيڻ، سڀني قومن جي وچ ۾ خير سگالي ۽ دوستاڻن لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ ۽ حوصلا افزائي ڪندي، ان سان گڏوگڏ بين الاقوامي تڪرارن جو حل پرامن طريقي سان ڪندي۔”

پاڪستان جي پرڏيھي پاليسي جا مقصد ڪجھ ھن طريقي سان آھن؛ پاڪستان کي ھڪ متحرڪ، ترقي پسند، اعتدال پسند ۽ جھموري اسلامي ملڪ طور ترقي ڏيارڻ ، دنيا جي سڀني ملڪن، خاص ڪري وڏين طاقتن جھڙوڪ؛ آمريڪا، روس، چين، برطانيا، جاپان، جرمني، فرانس وغيره ۽ فوري پاڙيسرين جھڙرڪ؛ چين، ڀارت، افغانستان، ايران وغيره سان دوستاڻا لاڳاپا قائم ڪرڻ، ڪشمير سميت قومي سلامتي ۽ جيو اسٽريٽجڪ مفادن جو تحفظ، بين الاقوامي برادري سان تجارتي ۽ اقتصادي تعاون کي مضبوط ڪرڻ، پرڏيھ ۾ رھندڙ پاڪستانين جي مفادن جو تحفظ ڪرڻ، علائقائي ۽ بين الاقوامي تعاون لا۽ قومي وسيلن جي بھتر استعمال کي يقيني بڻائڻ شامل آھن۔

 

وڌيڪ ڏيکاريو

غلام اصغر ڀٽو

غلام اصغر ڀٽو بين الاقوامي اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد ۾ بي ايس پاڪستان اسٽڊيز جو شاگرد آهي، سندس دلچسپين ۾ تحقيقي مقالا لکڻ ، ڪتاب پڙھڻ اخبارن، رسالن ۽ ڊجيٽل ميڊيا ۾ لکڻ شامل آھي.
Back to top button