آرٽيڪل

وڪيپيڊيا، آزاد ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا، آن لائن معلومات جو خزانو

جوڳي اسد راڄپر
اسد جوڳيوڪيپيڊيا دنيا جي سڀ کان مشهور ويب سائيٽن منجهان هڪ آهي. اميزان جي ذيلي ڪمپني اليگزا انٽرنيٽ انڪارپوريشن، جيڪا هڪ آمريڪي ويب ٽريفڪ اينالائسز ڪمپني آهي ان جي ويب سائيٽ الگيزا ڊاٽ ڪام پاران ترتيب ڏنل ويب تي دنيا جي 500 وڏين ويب سائيٽن جي فهرست ۾ وڪيپيڊيا 11 هين نمبر تي آهي.
تنهن هوندي، جيتوڻيڪ اها هڪ وڏي انسائيڪلوپيڊيا آهي، پر وڪيپيڊيا تي اڃا تائين ڪم جاري آهي.
ڇا توهان وڪيپيڊيا جي لوگو تي سڀ کان مٿئين گولي جي گم ٿيل ٽُڪري کي ناهي ڏٺو؟ اهو خالي سوراخ اُتي بلڪل انڪري آهي ڇاڪاڻ ته انسائيڪلوپيڊيا اڃا تائين پوري ناهي ٿي سگهي. حقيقت ۾، اها سائيٽ اڃا شروع ٿي آهي ۽ ايندڙ ڪجهه ڏهاڪو سالن تائين مڪمل ٿيندي.
پاڪستاني پڙهندڙن جي هڪ وڏي اڪثريت کي اها ڄاڻ ئي ناهي ته اهي پاڻ به وڪيپيڊيا ۾ پنهنجون ڀاڱيداريون شامل ڪري سگهن ٿا.
تمام گهٽ پاڪستاني ڄاڻين ٿا ته انهن وٽ واقعي ڪيترو اَملهه علم آهي. جيڪا ڪجهه توهان وٽ ڄاڻ آهي اها انٽرنيٽ تي هزارين ماڻهن جي لاءِ، بيشمار زندگين ۽ واقعن تي اثرانداز ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته توهان جي ان ڄاڻ وسيلي پوري دنيا ۾ پاڪستاني موضوعن جي باري ۾ بهتر آگاهي پڻ پکيڙي سگهجي ٿي.
ان ڄاڻ کي دنيا تائين پهچائڻ لاءِ جيڪو اڄڪلهه بنيادي طريقو آهي، اهو پڪ سان وڪيپيڊيا آهي.
وڪيپيڊيا_ هڪ آن لائن انسائيڪلوپيڊيا آهي، جنهن کي ڪير به سنواري سگهي ٿو. جنهن ۾ لڳ ڀڳ هر شيءِ سان لاڳاپيل موضوع تي ڄاڻ ڏئي ٿي. ان جي مقبوليت جو ان ڳالهه سان گهڻو وڌيڪ لاڳاپو آهي ته اها هڪ آزاد، غير تجارتي آهي ۽ عملي طور تي هر موضوع تي اٿارٽي جي حيثيت اختيار ڪري چُڪي آهي. لڳ ڀڳ 300 ٻولين ۾ وڪيپيڊيا جا ايڊيشن موجود آهن، وڪيپيڊيا جو مقصد بني نوع انسان پنهنجي مادري ٻولين ۾ سموري انساني علم جي جوهر تائين پهچ ڏيڻ آهي.
وڪيپيڊيا جا پاڪستاني ٻولين ۾ پڻ ايڊيشن آهن جن ۾ سنڌي ٻولي ۾ سنڌي وڪيپيڊيا، اردو وڪيپيڊيا، ڪشميري وڪيپيڊيا، پنجابي وڪيپيڊيا، پشتو وڪيپيڊيا سميت سرائڪي وڪيپيڊيا پڻ شامل آهي، جيڪا ويجهر ۾ 22 نومبر 2020 تي منظور ٿي ۽ ان جي ويب سائيٽ 15 ڊسمبر 2020 تي لانچ ڪئي وئي آهي.
پاڪستان ۾ وڪيپيڊيا ديس جي 3 ڪروڙ انٽرنيٽ واپرائيندڙن ۾ سڀ کان نامياري سائيٽ آهي. اسان منجهان هزارين ماڻهو روزانو ان ڏانهن رُخ ڪندا آهيون، ۽ لکين ماڻهو هر مهيني ان سائيٽ تي ويندا آهن، پر ان سائيٽ تي اسان جي هيرَ (عادت) باوجود، وڪيپيڊيا تي پاڪستان سان لاڳاپيل موضوعن جي گنڀيرتا (سنجيدگي) سان نمائندگي نٿي ڪئي وڃي.
سموري دنيا منجهان انگريزي وڪيپيڊيا تي لڳ ڀڳ 30 لک ماهوار ترميمن منجهان رُڳو هڪ ننڍڙو ڀاڱو 8،000 ترميمون پاڪستان کان ٿينديون آهن. ڇو؟ ڇوته پاڪستاني پڙهندڙن جي اڪثريت نٿي ڄاڻي ته اهي پاڻ به سولائيءَ سان وڪيپيڊيا ۾ پنهنجي حصي طور ڀاڱيداريون شامل ڪري سگهن ٿا.

ان سلسلي ۾ ، پاڪستان دنيا جي ٻين ملڪن کان پوئتي رهجي ويو آهي. 20،000 کان وڌيڪ پاڪستان بابت مضمونن مان 50 کان گهٽ مضمونن کي اعليٰ معيار جو سمجهيو ويندو آهي. ڪيترائي مضمون، مواد ۾ تمام گهٽ، مختصر، لکت جي ڍنگ ۾ ڪمزور ۽ غير متوازن ۽ قابل اعتماد ڄاڻ کان محروم آهن. ٻئي طرف، انسائيڪلوپيڊيائي لکت ڍنگ ۾ لکيل بهترين مضمونن کي پڙهندڙ وڏي پيماني تي پڙهندڙ ا آهن. پاڪستان بابت لکيل وڪيپيڊيا آرٽيڪل کي هر سال اَٽڪل ٽيهه لک ماڻهو پڙهندا آهن.
انکانپوءِ ٻوليءَ جو مسئلو آهي. ڇاڪاڻ ته اسان جا اڪثر انٽرنيٽ يوزر انگريزيءَ ۾ برائوزنگ ڪندا آهن، تنهنڪري اسان جي سنڌي ٻولي جي وڪيپيڊيا تي نمائندگي تمام گهٽ ٿيندي آهي. پاڪستاني ماڻهن منجهان رُڳو هڪ سيڪڙو ماڻهو سنڌي وڪيپيڊيا گهمندا آهن، انهن هڪ سيڪڙو ماڻهن جو به اڌ سيڪڙو کان به گهٽ ماڻهو سنڌي وڪيپيڊيا تي ڀاڱيداريون ڪن ٿا. ان جا ڪيترائي ڪارڻ آهن، جن منجهان هڪ اڌ مٿي بيان ڪري چُڪو آهيان، ٻيا هن ريت آهن، اڪثر ماڻهن کي اها ڄاڻ ئي ناهي ته وڪيپيڊيا اصل ۾ ڇا آهي، انسائيڪلوپيڊيا ڇا هوندي آهي، هڪ انسائيلڪلوپيڊيا مضمون لکت ڍنگ ۾ ڪيئن هجڻ گهرجي، مواد جي تصديق ۽ ثابتي لاءِ حوالا ڪيترو اهميت رکن ٿا. حوالا ڪهڙا معتبر آهن ڪهڙا موچارا حوالا هوندا آهن، حوالا داخل ڪيئن ڪجن، وغيره ۽ ويب 2.0 ڇا آهي، ويب 2.0 اهڙي ويب سائيٽن ڏانهن اشارو آهي جيڪي واپرائيندڙن کي پاران رچنا ڪيل مواد، استعمال ۾ سولائي، شموليتي ڪلچر، انٽرآپريٽيبلٽي جي سهوليت ڏينديون آهن. انهن سڀني مونجهارن جي حل لاءِ گهڻو ئي سکيا مواد سنڌي وڪيپيڊيا جي ويب سائيٽ، سنڌي وڪيپيڊيا يوٽيوب چينل، فيس بڪ پيج وسيلي رکيو ويو آهي ته جيئن پنهنجي مادري ٻولي جي آن لائن انسائيڪلوپيڊيا سنڌي وڪيپيڊيا تي دلچسپي رکندڙ سنڌي ماڻهو اهو سڀ پڙهي سمجهي ۽ سکي ڪري پنهنجون ڀاڱيداريون شامل ڪري سگهن. ان سميت ڪيترايون ئي رهنمائي لکڻيون پڻ شامل آهن جيڪي سوشل ميڊيا وسيلي ماڻهن کي سنڌي وڪيپيڊيا بابت سکيا ۽ آگاهي جي حوالي سان ونڊيون ويون آهن. انهن سڀني مونجهارن بابت اڳتي پڻ تفصيلي لکندس.
پاڪستان جي ڀيٽ ۾ انڊيا کي بهتر ڪووريج حاصل آهي، هندستان سان لاڳاپيل موضوع وڌيڪ تفصيلي ۽ ترقي يافته آهن. هندستان لاءِ وڪي ايڊيٽرن پنهنجي ملڪ کي پاڪستان کان وڌيڪ ويب تي نمايان ڪيو آهي. هڪ ڊرامائي مثال طور تي ، 2008 ممبئي حملن ۾ وڪيپيڊيا تي هڪ درجن کان وڌيڪ مضمون موجود آهن، پر 2007 ۾ ڪراچي بم ڌماڪي جو صرف هڪ مضمون آهي ـ جيتوڻيڪ ٻنهي واقعن جي نتيجي ۾ هڪ جيترو ۾ نقصان ٿيو هيو.
اسان کي اهو سمجهڻو پوندو ته ان ۾ وڪيپيڊيا جي ڪابه غلطي ناهي. مسئلو اسان سان آهي يعني پاڪستاني انٽرنيٽ يوزرز، جيڪي پنهنجي ديس جي سڀيتا، اتهاس، ماڻهن، لوڪ ثقافت ۽ جاگرافي جو بهترين ذريعو هجڻ جي باوجود پنهنجي ڄاڻ منجهان وڪيپيڊيا تي ڀاڱيداريون وجهڻ جي لاءِ اڳتي نٿا اچون.
وڪيپيڊيا پوري دنيا جي هر ملڪ مان لکين هزارين باقاعده سهائتا ڪندڙن تي مڪمل طور تي ڀاڙيندي آهي، توهان ۽ مون جهڙا ماڻها، جيڪي جڏهن به چاهين اهي مفت ۾ رضاڪارانه طور تي وڪيپيڊيا کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ مدد ڪري سگهندا آهن. اهي ماڻهو ائين انڪري ڪندا آهن، ڇاڪاڻ ته اهي ڌرتيءَ تي هر هڪ ماڻهوءَ تائين ڄاڻ پهچائڻ جي خيال سان محبت ڪندا آهن ۽ جيئن ته آن لائن رسائي وارو ڪوبه ماڻهو جنهن وٽ سمارٽ فون، ليپ ٽاپ انٽرنيٽ سهوليت سان موجود هجي اهو وڪيپيڊيا ۾ سنوار ڪري سگهي ٿو.
آئون هتي سڀني پاڪستانين سميت دنيا جي ٻين هنڌن تي رهندڙ سمورن سنڌي ماڻهن کي سنڌي وڪيپيڊيا سميت انگريزي وڪيپيڊيا، اردو وڪيپيڊيا تي عالمي رٿائن ۾ شامل ٿيڻ ۽ ڀاڱيداريون ڪرڻ لاءِ گذارش ڪريان ٿو. پاڪستان توڙي سنڌ سميت ٻين سڀني موضوعن سان لاڳاپيل پنهنجي علم ۽ ڄاڻ کي هڪٻئي سان ونڊڻ ۽ دنيا جي ٻين ماڻهن کي ان بابت ڄاڻ ڏيڻ ۾ استعمال ڪريو.
جيستائين اها ڄاڻ صحيح ۽ متوازن هوندي. توهان کي اهو فيصلو ڪرڻ کپي ته توهان ڇا ۽ ڪهڙيون ڀاڱيداريون ڪندا. جيڪڏھن توھان پڇو ته مون سميت سنڌي وڪيپيڊيا سٿ جا ٻيا ميمبر توھان جي سوالن جا جواب ڏيڻ، مدد ڪرڻ لاءِ ڏاڍي خوشيءَ سان رضامند آھن.

مفت علم تائين رسائي، ۽ پاڪستان بابت ڄاڻ کي سانڍڻ جو ڪم، ڏاڍو ضروري آهي. ۽ جڏهن توهان آساني سان هن مهان رٿا جو حصو ٿي سگهو ٿا، ته اصل ۾ ڪو بهانو ٺيڪ نه هوندو ته توهان اهو نٿا ڪري سگهو.
جيڪڏهن توهان علم ونڊڻ جو خيال پسند ڪريو ٿا، يا وڪيپيڊيا تي نظر ايندڙ شين مان مطمئن نه آهيو، ته مهرباني ڪري ان ۾ شامل ٿيو ۽ پنهنجو پاڻ ئي ڀاڱيداريون، سنوارون، مواد ۾ واڌارو ڪريو، سنڌي ٻولي ۾ جديد سائنسي، سماجي ۽ هر موضوع تي گيان ۽ ڄاڻ کي سنڌي وڪيپيڊيا تي سنڌي پڙهندڙن جي پڙهڻ ۽ پهچ تائين سولو بڻائڻ ۾ اسان سان گڏ سهڪاري ٿيو. توهان وڪيپيڊيا تي ڀاڱيداريون رجسٽريشن کان بغير به ڪري سگهو ٿا – پر رجسٽريشن يعني وڪيپيڊيا اڪائونٽ ٺاهڻ ڦڙتيلو، نجي ۽ آسان ڪم آهي، ۽ اهو طريقو توهان کي سڄي دنيا ۾ ٻين ايڊيٽرن سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي سهوليت پڻ ڏئي ٿو.
پاڪستان توڙي سنڌ سان لاڳاپيل موضوعن سميت ٻين سڀني موضوعن جي حوالي سان صحيح معلومات پهچائڻ جي سڀ کان وڏي مقصد لاءِ اهو طريقيڪار هڪ تفريح، سماجي ۽ تعليمي سرگرمي ٿي سگهي ٿي.

 

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button