حيدر آبادفن ۽ فنڪار

حيدر آباد ۾ نوجوانن کي موسيقي سکيا لاءِ ھڪ ميوزڪ اڪيڊمي قائم ڪئي وئي آهي

musicحيدرآباد : ڊپٽي ڊائريڪٽر مهراڻ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد پنهنجي جاري ڪيل هڪ پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته صوبائي وزير ثقافت سسئي پليجو ۽ صوبائي سيڪريٽري ثقافت عبدالعزيز عقيلي ۽ کاتي جي دلچسپي سان شهيد محترمه بينظير ڀٽو يوٿ ڊولپمينٽ پروگرام جي شراڪت سان سنڌي موسيقي کي هٿي وٺرائڻ جي سلسلي ۾ نوجوانن جي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ميوزڪ اڪيڊمي قائم ڪئي وئي آهي جنهن ۾ سنڌي موسيقي جي مختلف ڪورسن جي ڪلاس لڳائڻ جو بندوبست ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ڳائڻ ، گيت ، غزل ، ڪافي ، ڪلاسيڪي سميت ساز سيکارڻ جهڙوڪ بوئينڊو ، الغوزو، شرنائي ، ڍولڪ ، طبلو، نقارو، هارمونيم ، يڪتارو، چپڙي، ، بينجو، دمبورو ۽ چنگ ، شامل آهن جي حوالي سان سنڌ جي ثقافت کاتي پاران ڪيترن ئي اخبارن ۾ اشتهار پڻ شايع ڪيا ويا آهن _ هن وڌيڪ ٻڌايو ته سنڌي موسيقي جي 6 مهينن جي سرٽيفڪيٽ واري ڪورس ۾ داخلا لاءِ صلاحيت مند ۽ ڳائپ جو شوق رکندڙ نوجوانن کان درخواستون گهرايون ويون آهن ۽ اهو سرٽيفڪيٽ ڪنهن ڊپلوما کان گهٽ نه هوندو . هن ٻڌايو ته سنڌ جي ثقافت کاتي پاران سنڌي موسيقي کي بهتر انداز ۾ سيکارڻ لاءِ ميوزڪ اڪيڊمي جي انسٽيٽيوٽ آف آرٽس اينڊ ڊزائين کي مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو سان ڳنڍيو ويو آهي . هن ٻڌايو ته چونڊيل نوجوانن کي موسيقي جي سکيا سان گڏوگڏ ماهوار وظيفو ۽ رهائش جون سهولتون پڻ فراهم ڪيون وينديون جڏهن ته مهراڻ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد ۾ جولاءِ 2011 جي ٽئين هفتي کان موسيقي ۽ ڳائڻ جي سکيا لاءِ باقائده ڪلاسن جي شروعات ڪئي ويندي جنهن ۾ سنڌ صوبي جا ناليوارا ڳائڻا ۽موسيقار نوجوانن کي ڳائڻ ۽ موسيقي واري فن جي تربيت مهيا ڪندا _ ان ڏس ۾ سنڌ جي ثقافت کاتي ۽ هڪ سنڌي نجي چينل جي گڏيل سهڪار سان سنڌ صوبي جي سمورن ضلعن ۾ ڳائڻ ۽ موسيقي جي مقابلي ”سنڌ سپراسٽار“ جا پروگرام ۽ مقابلا منعقد ڪيا ويا .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button