حيدر آباد

  • جون- 2012 -
    10 جون

    ذوالفقار آباد سنڌ ۽ ملڪ لاءِ اھم آھي، پي پي اڳواڻ

    پ پ پ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري تاج حيدر ذوالفقار آباد منصوبي کي سنڌ ۽ ملڪ لاءِ لاڀائتو ۽ مستقبل جي اهم ضرورت قرار ڏيندي چيو آهي ته ذوالفقار آباد رٿا بابت عوام ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ ۽ مختلف ڌرين جي اعتراضن جي نشاندهي لاءِ سنڌ حڪومت سندس قيادت ۾ هڪ اعلي ٰ سطحي ڪميٽي قائم ڪري ورتي آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • مئی- 2012 -
    28 مئی

    سنڌ جي قومپرستن ۽ دانشورن گورنر کي هٽائڻ، بشير قريشي ۽ مظفر ڀٽو جي قتل جي شفاف جاچ سميت 14 مطالبا پيش ڪري ڇڏيا

    وفاقي ڪابينا پاران چئن وفاقي وزيرن تي مشتمل ڪاميٽي قومي ڪارڪنن جي گم ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سنڌ جي وحدت تي يقين نه رکڻ وارين ڌرين سان ڪنهن به ريت ڳالهيون نه ڪيون وينديون

    وڌيڪ پڙھو
  • 26 مئی

    ٻهراڙي کي شهري علائقن جي برابر آڻڻ جي حوالي سان هڪ منصوبو ترتيب ڏنو ويو آھي:سيد امير علي شاهه

    قومي اسيمبلي جي ميمبر ۽ چيئرمين اسٽينڊنگ ڪميٽي ڪلچر سيد امير علي شاهه ڄاموٽ چيو آهي ته پ پ پ حڪومت ٻهراڙي جي علائقن کي بنيادي سهولتن جي حوالي سان شهري علائقن جي برابر آڻڻ جي حوالي سان هڪ منصوبو ترتيب ڏنو آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • 26 مئی

    حاڪم علي خان زرداري تمام وڏو سياستدان هو: قائم علي شاھ

    قائم علي شاھ چيوآھي ته مرحوم حاڪم علي خان زرداري هميشه عام ماڻهن جي ڀلائي ، جموريت جي بحالي ، قومن کي بنيادي حق ڏيارڻ توڙي پاڪستان عوام لاءِ ڊگهي جدوجهد ڪئي.

    وڌيڪ پڙھو
  • 9 مئی

    پي پي 12 مئي تي ڪمون شھيد وٽ ڌرڻي جو اعلان ڪري ڇڏيو

    ين الصوبائي رابطن واري صوبائي وزير ۽ پ پ پ حيدرآباد ڊويزن جي صدر مخدوم جميل الزمان چيو آهي ته ملڪ جون مڙني سياسي جماعتون غير جمهوري طريقي سان حڪومت کي هٽائڻ لاءِ سازشون سٺي رهيون آهن ۽ سندن اهڙي رويي کي ننديندي پ پ پ سنڌ جي صدر ۽ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي قيادت ۾ 12 مئي 2012 تي ڪمون شهيد واري هنڌ ڌرڻُو هڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن ۾ اترسنڌ سميت پ پ پ حيدرآباد ڊويزن جا لکين ڪارڪن ،اڳواڻ ۽ عوام شريڪ ٿي عوامي سگهه جو مظاهرو ڪندو ۽ اهڙن امراڻه ذهنيت رکندڙ عنصرن تي واضح ڪيو ويندو ته اڄ به ملڪي عوام پ پ پ سان گڏ آهي ۽ سندن هر سازشن ۽ حربن سان هرموڙ تي مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ تيار آهي. هن اهڙو اظهار اڄ سرڪٽ هائوس حيدرآباد ۾ پ پ پ حيدرآباد ڊويزن جي گڏجاڻي جي صدارت ڪرڻ کانپوءِ هڪ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو . مخدوم جميل الزمان وڌيڪ چيو ته ن ليگ اڳواڻ جمهوري حڪومت کي هٽائي اقتدار حاصل ڪرڻ چاهين ٿا ۽ هو مختلف طريقن سان سنڌ جي عوام کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. سندن سياست مفاهت پرست آهي ۽ اهي عوام جي ڏکن ،…

    وڌيڪ پڙھو
  • نومبر- 2011 -
    21 نومبر

    ڪمشنري نظام جي بحالي سنڌي عوام جي پراڻي خواهش هئي جيڪا هن عوامي حڪومت ۾ پوري ٿي آهي: سسئي پليجو

    ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سسئي پليجو سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي آفيس جي تعمير لاءِ 5 لک روپيا ۽ سنڌي ادب جي9 صنفن تي بهترين ڪتاب تحرير ڪندڙ ۽ سنگت ايوارڊ حاصل ڪندڙ بهترين ليکڪن کي مجموعي طور تي هڪ لک روپيا ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته سنڌ ي ادب توڙي سنڌي ثقافت جي بقا لاءِ حڪومت پاران هر ممڪن سهڪار ڪيو ويندو – اهڙو اظهار هن اڄ سنڌي لينگويج اٿارٽي حيدر آباد ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران منعقد ڪيل سنگت ايوارڊ جي تقريب ۾ خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو – هن چيو ته ثقافت کاتي پاران ادبي سنگت جي مرڪزي آفيس جي تعمير لاءِ اڳواٽ ئي 5 لک روپيا جاري ڪيا ويا آهن جڏهن وڌيڪ 5 لک روپين جي رقم پڻ تمام جلد جاري ڪئي ويندي هن چيو ته کاتي پاران تازين برساتن کان پوءِ متاثر ٿيل ڪيترن ئي فنڪارن جي وس آهر مالي سهائتا ڪئي وئي آهي ۽ مستقبل ۾ پڻ ثقافت توڙي ادب سان وانجهيل ماڻهن جي مدد ڪرڻ کي يقيني بڻايو ويندو

    وڌيڪ پڙھو
  • 17 نومبر

    سنڌ ۾ اسڪولن جون 10 سيڪڙو بلڊنگون خطرناڪ حد تي پهتل آهن، جڏهن ته استادن جي اڻاٺ سبب تعليم کي وڏو نقصان پهتو آهي: تعليمي ماھر

    ناميارن تعليمي ماهرن، دانشورن ۽ سياسي اڳواڻن چيو آهي ته حڪومت جي بي ڌياني ۽ ڪرپشن جي نتيجي ۾ سنڌ ۾ اسڪولن جون 10 سيڪڙو بلڊنگون خطرناڪ حد تي پهتل آهن ۽ استادن جي اڻاٺ سبب تعليم کي وڏو نقصان پهتو آهي، موجوده تعليم جي بجيٽ ۾ 30 سيڪڙو واڌارو ڪري ضرورت مطابق تعليم جو ڍانچو ٺاهيو وڃي. اهڙو اظهار ڪالهه ايڪشن ايڊ، انسٽيٽوٽ آف سوشل ۽ پاليسي سائنسز طرفان آر ڊي ايڇ آر جي سهڪار سان بجيٽ بابت حيدرآباد ۾ ڪوٺايل ورڪشاپ ۾ ڪيو ويو. ورڪشاپ ۾ ڳالهائيندي اسلام آباد کان آيل نامياري دانشور ۽ بجيٽ جي ماهر صديق ترين چيو ته تعليم بابت بجيٽ نه هجڻ برابر آهي، موجوده تعليم جي بجيٽ ۾ 30 سيڪڙو واڌارو ڪيو وڃي ۽ ضرورتن مطابق تعليم جو ڍانچو ٺاهيو وڃي. هن چيو ته هن وقت سنڌ ۾ اسڪولن جون 10 سيڪڙو بلڊنگون خطرناڪ حد تي پهتل آهن، جڏهن ته استادن جي اڻاٺ سبب تعليم کي وڏو نقصان پهتو آهي.

    وڌيڪ پڙھو
  • 9 نومبر

    سينيئر صوبائي وزير تعليم پير مظهر الحق حيدرآباد جو دورو ڪيو

    سينيئر صوبائي وزير تعليم پير مظهر الحق اڄ حيدرآباد جو دورو ڪيو جتي هن انجنيئر جان محمد سمون جي لاڏاڻي تي سندس رهائش گاهه واقع هيرا آباد ۾ مرحوم جي پونئيرن سان تعزيت ڪندي فاتحه خواني ڪئي ۽ دعا گهري ته رب پاڪ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ جاءِ عطا فرمائي. هن وڌيڪ چيو ته مرحوم هڪ محنتي ، ذهين انسان هو ۽ اهڙا محنتي انسان ورلي پيدا ٿيندا آهن . هن چيو ته مرحوم سندس ننڍپڻ جو ساٿي هو ۽ هنن تعليم پڻ گڏ حاصل ڪئي. هن چيو ته سندس وڇوڙي تي کيس دلي ڏک رسيو _ ان موقعي تي مرحوم جا مٽ مائيٽ، دوست ،عزيز ۽ شهر جا ٻيا معزز ماڻهو پڻ موجود هئا.

    وڌيڪ پڙھو
  • اکتوبر- 2011 -
    30 اکتوبر

    خانزاده راجپوت ويلفيئر وسيله فائونڊيشن جي ڪنوينشن ۽ پهرين بهادر ناهر خان راجپوت ايوارڊ جي تقريب حيدرآباد ۾ ٿي گذري

    خانزاده راجپوت ويلفيئر وسيله فائونڊيشن جي ڪنوينشن ۽ پهرين بهادر ناهر خان راجپوت ايوارڊ تقريب کي خطاب ڪندي خانزاده راجپوت ويلفيئر وسيله فائونڊيشن جي سربراهه راشد اختر خانزادي چيو ته برادري جي خدمت الله جي رضا لاءِ ڪري رهيا آهيون ۽ ان ڏس ۾ جيڪي ماڻهو اسان سان سهڪار ڪري رهيا آهن انهن جا ٿورائتا آهيون ۽ اسين چاهيون ٿا ته باهمي امداد جو اهو سلسلو جاري رهي – ان موقعي تي ڊاڪٽر صابر اختر خانزادي چيو ته برداري ۾ جيتري اتحاد جي ضرورت اڄ آهي ان کان اڳ ڪڏهن به نه هئي ۽ ان اتحاد لاءِ سمورن اختلافن کي پاسي تي رکي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • 24 اکتوبر

    جيجي زرينه بلوچ جهڙا انقلابي ڪردار پوئتي پيل ۽ غلام معاشرن لاءِ تبديلي جي ضمانت ٿين ٿا: صوبائي وزير

    جيجي زرينه بلوچ جهڙا انقلابي ڪردار پوئتي پيل ۽ غلام معاشرن لاءِ تبديلي جي ضمانت ٿين ٿا، ملڪ جي جمهوريت جي بحالي ، ون يونٽ جي خاتمي ، سنڌو درياهه تي بند ٻڌڻ خلاف ، ملڪي ۽ سنڌ جي قومي حقن لاءِ جيجي گيتن ، ڪهاڻين ۽ عملي طور تي لانگ مارچن ذريعي جدو جهد ڪري سنڌ ۾ مزاحمتي ڪردار طور پنهنجي تاريخ رقم ڪرائي اهڙو اظهار ثقافت کاتي جي صوبائي وزير حيدرآباد ۾ ڳڙهي خدابخش بيگم نصرت ڀٽو جي جنازي ۾ ويندي جيجي زرينه بلوچ جي ڇهين ورسي جي حوالي سان ميڊيا جي نمائندن سان ڳلهائيندي ڪيو هن چيو ته اسان پنهنجي قومي ڪردارن کي مڃتا طور ڀيٽا ڏيندي ايندڙ نسلن تائين سندن اهميت پهچائڻ جو پڪو پهه ڪيو آهي ۽ جيجي زرينه بلوچ به عظيم قومي ڪردار آهي

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button