حيدر آباد

سنڌ جي قومپرستن ۽ دانشورن گورنر کي هٽائڻ، بشير قريشي ۽ مظفر ڀٽو جي قتل جي شفاف جاچ سميت 14 مطالبا پيش ڪري ڇڏيا

jsqmحيدرآباد : وفاقي ڪابينا پاران چئن وفاقي وزيرن تي مشتمل ڪاميٽي قومي ڪارڪنن جي گم ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سنڌ جي وحدت تي يقين نه رکڻ وارين ڌرين سان ڪنهن به ريت ڳالهيون نه ڪيون وينديون ۽ ڪنهن به صورت ۾ پيپلزپارٽي سنڌ ورهائڻ نه ڏيندي. حيدرآباد ۾ مخدوم امين فهيم، سيد خورشيد احمد شاهه، مولا بخش چانڊئي ۽ نويد قمر تي ٻڌل ڪاميٽي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي، سول سوسائٽي جي نمائندن، ليکڪن ۽ دانشورن سان ملاقات ڪئي. ليکڪن ۽ دانشورن پاران ڪاميٽي آڏو 14 نقاطي مطالبا پيش ڪيا ويا، جن ۾ گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد کي هٽائڻ، شهيد بشير قريشي ۽ شهيد مظفر ڀٽو جي قتل جي شفاف جاچ ڪرائڻ، محبت سنڌ ريلي تي حملو ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ، گم ٿيل قومي ڪارڪنن کي آزاد ڪرڻ، پرويز مشرف کي گرفتار ڪرڻ، سنڌو درياءَ تي ڪو به ڊيم نه اڏڻ، ٿر جي ڪوئلي تي سنڌ جي مالڪي تسليم ڪرڻ ۽ 91 واري پاڻي ٺاهه تي عمل ڪرائڻ سميت ٻيا مطالبا شامل آهن. ملاقات دوران سول سوسائٽي جي نمائندن، اديبن ۽ دانشورن ڪاميٽي آڏو احتجاج رڪارڊ ڪرائيندي چيو ته پيپلزپارٽي پنهنجي ڪرسي کي بچائڻ لاءِ چئن سالن تائين سنڌ کي قربانيءَ جو ٻڪرو بڻائيندي رهي آهي. ملاقات کانپوءِ ڪاميٽي ميمبرن مخدوم امين فهيم، مولا بخش چانڊئي، خورشيد شاهه ۽ نويد قمر گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي. پريس ڪانفرنس دوران هنن چيو ته سنڌ ۾ سياسي ڪارڪنن جي گم ٿيڻ وارو معاملو انتهائي سنجيده آهي، جنهن کي بهتر نموني سان حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، ڇو ته بلوچستان جي اندر به ماڻهن کي گم ڪرڻ کانپوءِ ان مسئلي کي سنجيدگي سان نه وٺڻ بعد بلوچستان جون حالتون انتهائي خراب ٿي ويون.

مهاجر صوبو سنڌ اندر نسلي ڇڪتاڻ ۽ رتوڇاڻ ڪرائڻ جي سازش آهي، اسان ڪالهه به چيو هو ۽ هاڻي به ان ڪاميٽي آڏو واضح ٿا ڪيون ته ان سازش ۾ پيپلزپارٽي اتحادي ايم ڪيو ايم جو هٿ آهي،قادر مگسي

هنن چيو ته سنڌ جو ورهاڱو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو. هو اڄ گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد ۽ اي اين پي جي اڳواڻن سان به ملاقاتون ڪندا. وفاقي وزير مخدوم امين فهيم پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌ ۾ امن امان ۽ هم آهنگي هجڻ گهرجي، حالتن ۽ واقعن جي جاچ ۾ جلدبازي نه ڪئي وڃي، اسان جو سڄو ڌيان سنڌ ۾ امن امان تي لڳل آهي. ان موقعي تي وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه چيو ته صدر آصف علي زرداري پاران ٺاهيل ڪاميٽي ڪراچي ۾ ريلي تي فائرنگ ۽ ان کان پوءِ پيش آيل واقعن جي جاچ ڪري رهي آهي، ان حوالي سان سڀني ڌرين سان ملاقاتون ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته سنڌ مان گم ٿيل ماڻهن جي اشو کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، ان مسئلي تي مٿي ڳالهائينداسين، هن چيو ته مظفر ڀٽو جي قتل جي عدالتي جاچ ڪرائي ويندي. سيد خورشيد احمد شاهه چيو ته 22 مئي تي محبت سنڌ ريلي تي حملي ۾ ملوث جوابدارن کي پڌرو ڪري عوام آڏو آندو ويندو، پيپلزپارٽي ڪنهن به صورت ۾ سنڌ کي ورهائڻ نه ڏيندي، اسان سنڌ جا محافظ آهيون. پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير سيد نويد قمر چيو ته ڪراچي ۽ نوابشاهه جي واقعن ۾ سياسي عنصر نظر اچي رهيو آهي، سنڌ جي حالتن ۽ صورتحال تي گورنر سان اڄ ملاقات ڪري رهيا آهيون، اسان چاهيون ٿا ته سمورا معاملا آئين تحت حل ٿيڻ گهرجن. وفاقي وزير موالابخش چانڊئي چيو ته ايم ڪيو ايم سنڌ جي ورهاست جي ڪا به ڳالهه نه ڪئي آهي، سنڌ جي ورهاست جي ڳالهه ڪندڙن کي منهن ڏينداسين ۽ سنڌ جي اشوز تي خاموشي سان نه ويهنداسين.

هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته گورنر سنڌ سان ملاقات ڪنداسين، جنهن ۾ امن امان جي حوالي سان به غور ويچار ڪيو ويندو. ٻئي پاسي ايس ٽي پي هائوس تي وفاقي وزيرن کي ڪاميٽي سان ميٽنگ بعد صحافين سان ڳالهائيندي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته مهاجر صوبو سنڌ اندر نسلي ڇڪتاڻ ۽ رتوڇاڻ ڪرائڻ جي سازش آهي، اسان ڪالهه به چيو هو ۽ هاڻي به ان ڪاميٽي آڏو واضح ٿا ڪيون ته ان سازش ۾ پيپلزپارٽي اتحادي ايم ڪيو ايم جو هٿ آهي، ان لاءِ پ پ حڪومت جو اخلاقي فرض آهي ته هو ان معاملي جو سنجيدگي سان نوٽيس وٺي. هن چيو ته پ پ کي سنڌ جي عوام طرفان مليل مينڊيٽ جو احترام ڪيون ٿا ۽ پ پ سنڌ خلاف ٿيندڙ اهڙين سازشن خلاف عملي قدم کڻي. هن چيو ته سنڌ جي وحدانيت خلاف ڪيل چاڪنگ ۽ سائن بورڊ اڃا تائين لڳل آهن، اسان اڳ به چتاءُ ڏنو هو، حڪومت يا ان جي اتحادي ڌر طرفان چاڪنگ نه مٽائي وئي ته اسان پاڻ مٽائينداسين. هن چيو ته اسان رنگ ۽ نسل جي بنياد تي ڪنهن به ماڻهو کي مارڻ جا حمايتي نه آهيون، اتي اسان مظفر ڀٽو جي قتل جي به سخت لفظن جي مذمت ڪندي ڳڻتي جو اظهار ڪيون ٿا ته اهڙن واقعن کي نه روڪيو ويو ته ان جا اڳتي هلي خطرناڪ نتيجا نڪرندا. ان کان اڳ عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجي ۽ سنڌ جي ڏاهي محمد ابراهيم جويي وزارتي ڪاميٽي سان ملاقات ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button