حيدر آباد

سينيئر صوبائي وزير تعليم پير مظهر الحق حيدرآباد جو دورو ڪيو

حيدرآباد : سينيئر صوبائي وزير تعليم پير مظهر الحق اڄ حيدرآباد جو دورو ڪيو جتي هن انجنيئر جان محمد سمون جي لاڏاڻي تي سندس رهائش گاهه واقع هيرا آباد ۾ مرحوم جي پونئيرن سان تعزيت ڪندي فاتحه خواني ڪئي ۽ دعا گهري ته رب پاڪ مرحوم کي جنت الفردوس ۾ جاءِ عطا فرمائي. هن وڌيڪ چيو ته مرحوم هڪ محنتي ، ذهين انسان هو ۽ اهڙا محنتي انسان ورلي پيدا ٿيندا آهن . هن چيو ته مرحوم سندس ننڍپڻ جو ساٿي هو ۽ هنن تعليم پڻ گڏ حاصل ڪئي. هن چيو ته سندس وڇوڙي تي کيس دلي ڏک رسيو _ ان موقعي تي مرحوم جا مٽ مائيٽ، دوست ،عزيز ۽ شهر جا ٻيا معزز ماڻهو پڻ موجود هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button