حيدر آبادفن ۽ فنڪار

جيجي زرينه بلوچ جهڙا انقلابي ڪردار پوئتي پيل ۽ غلام معاشرن لاءِ تبديلي جي ضمانت ٿين ٿا: صوبائي وزير

zareena balochحيدرآباد: جيجي زرينه بلوچ جهڙا انقلابي ڪردار پوئتي پيل ۽ غلام معاشرن لاءِ تبديلي جي ضمانت ٿين ٿا، ملڪ جي جمهوريت جي بحالي ، ون يونٽ جي خاتمي ، سنڌو درياهه تي بند ٻڌڻ خلاف ، ملڪي ۽ سنڌ جي قومي حقن لاءِ جيجي گيتن ، ڪهاڻين ۽ عملي طور تي لانگ مارچن ذريعي جدو جهد ڪري سنڌ ۾ مزاحمتي ڪردار طور پنهنجي تاريخ رقم ڪرائي اهڙو اظهار ثقافت کاتي جي صوبائي وزير حيدرآباد ۾ ڳڙهي خدابخش بيگم نصرت ڀٽو جي جنازي ۾ ويندي جيجي زرينه بلوچ جي ڇهين ورسي جي حوالي سان ميڊيا جي نمائندن سان ڳلهائيندي ڪيو هن چيو ته اسان پنهنجي قومي ڪردارن کي مڃتا طور ڀيٽا ڏيندي ايندڙ نسلن تائين سندن اهميت پهچائڻ جو پڪو پهه ڪيو آهي ۽ جيجي زرينه بلوچ به عظيم قومي ڪردار آهي – واضع رهي ته سنڌ ثقافت کاتي پاران سنڌ جي هن عظيم ڪردار ۽ سورمي کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ سندس ڇهين ورسي جي موقعي تي 25 آڪٽوبر سنڌ ميوزيم حيدرآباد ۾ رٿيل تقريب مادري جمهوريت بيگم نصرت ڀٽو جي وفات جي سوڳ سبب ملتوي ڪيو ويو آهي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button