حيدر آباد

سنڌ ۾ اسڪولن جون 10 سيڪڙو بلڊنگون خطرناڪ حد تي پهتل آهن، جڏهن ته استادن جي اڻاٺ سبب تعليم کي وڏو نقصان پهتو آهي: تعليمي ماھر

rdhr picحيدرآباد(بيورو رپورٽ) ناميارن تعليمي ماهرن، دانشورن ۽ سياسي اڳواڻن چيو آهي ته حڪومت جي بي ڌياني ۽ ڪرپشن جي نتيجي ۾ سنڌ ۾ اسڪولن جون 10 سيڪڙو بلڊنگون خطرناڪ حد تي پهتل آهن ۽ استادن جي اڻاٺ سبب تعليم کي وڏو نقصان پهتو آهي، موجوده تعليم جي بجيٽ ۾ 30 سيڪڙو واڌارو ڪري ضرورت مطابق تعليم جو ڍانچو ٺاهيو وڃي. اهڙو اظهار ڪالهه ايڪشن ايڊ، انسٽيٽوٽ آف سوشل ۽ پاليسي سائنسز طرفان آر ڊي ايڇ آر جي سهڪار سان بجيٽ بابت حيدرآباد ۾ ڪوٺايل ورڪشاپ ۾ ڪيو ويو. ورڪشاپ ۾ ڳالهائيندي اسلام آباد کان آيل نامياري دانشور ۽ بجيٽ جي ماهر صديق ترين چيو ته تعليم بابت بجيٽ نه هجڻ برابر آهي، موجوده تعليم جي بجيٽ ۾ 30 سيڪڙو واڌارو ڪيو وڃي ۽ ضرورتن مطابق تعليم جو ڍانچو ٺاهيو وڃي. هن چيو ته هن وقت سنڌ ۾ اسڪولن جون 10 سيڪڙو بلڊنگون خطرناڪ حد تي پهتل آهن، جڏهن ته استادن جي اڻاٺ سبب تعليم کي وڏو نقصان پهتو آهي. هن پارليامينٽرين کي مخاطب ٿيندي چيو ته اهڙي قانونسازي ڪئي وڃي، جنهن سان تعليم بابت ايندڙ بجيٽ تعليم تي ئي خرچ ٿي سگهي. هن چيو ته ٻوڏ يا قدرتي آفتن دوران تعليم جي بجيٽ ۾ ڪٽوتي نه ڪئي وڃي. هن چيو ته 18هين ترميم کان پوءِ نصاب کي ترتيب ڏيڻ صوبن جي ذميواري آهي، تنهن ڪري بيورو آف ڪريڪيوليم جي نئين سر جوڙ جڪ ڪئي وڃي. نامياري سياسي اڳواڻ ڪامريڊ ڄام ساقي چيو ته اقوام متحده جو ادارو يونيسڪو چئي چڪو آهي ته ترقي پذير ملڪ بجيٽ جو ۶ سيڪڙو تعليم تي خرچ ڪن، پر هتي ان تي عمل نٿو ڪيو وڃي. هن چيو ته پاڪستان ۾ جڏهن به مسلم ليگ يا ڊڪٽيٽرن جي حڪومت ايندي آهي ته تعليم تي صرف هڪ سيڪڙو خرچ ٿيندو آهي ۽ پ پ جي حڪومت ۾ ۲ سيڪڙو خرچ ڪيو وڃي ٿو، اها بجيٽ تمام گهڻي گهٽ آهي، پاڪستان کي تعليم تي بجيٽ جو ۶ سيڪڙو خرچ ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته تعليم بنيادي حق آهي، تعليم ذريعي ئي معاشرا سڌري سگهن ٿا، تنهن ڪري سمورين ڌرين کي تعليم جي سڌاري لاءِ جاکوڙ ڪرڻ گهرجي. صوبائي اسيمبلي جي ميمبر نصرت سحر عباسي چيو ته ڪو به معاشرو تعليم کان سواءِ ترقي نٿو ڪري سگهي ۽ نه ئي دنيا اندر ترقي واري ڊوڙ ۾ شامل ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته بجيٽ پيش ٿيڻ وقت پارليامينٽرين جو اهم ڪردار ٿئي ٿو، پر بجيٽ ٺاهڻ کان اڳ پارليامينٽرين کان ڪا به راءِ نٿي ورتي وڃي، پراڻين بجيٽن جا ڪتاب کڻي انهن جي انگن اکرن ۾ هيرڦير ڪري بجيٽ پيش ڪئي وڃي ٿي ۽ بجيٽ پيش ٿيڻ جي ۳ ڪلاڪ پهرين پارليامينٽرين کي بجيٽ جون ڪاپيون ڏنيون وڃن ٿيون، جنهن ڪري اهي اسيمبلي ميمبرن کي پڙهڻ جو وقت به نٿو ملي. هن چيو ته ميمبرن کي ايڏا وڏا بجيٽ جا ڪتاب ڏنا وڃن ٿا، جيڪي کڻڻ لاءِ هو ٻين ماڻهن جي مدد حاصل ڪن ٿا. هن چيو ته بجيٽ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ قيصر بنگالي گذريل سال جي بجيٽ پيش ٿيڻ کان پوءِ بيان ڏنو هو ته کيس ئي خبر ناهي ته بجيٽ ڪيئن ٺهي آهي ۽ ڪنهن ٺاهي آهي. هن چيو ته موجوده حڪومت جي چئن سالن دوران تعليم واري ڪميٽي جي ڪا به گڏجاڻي ناهي ٿي سگهي، هوءَ ڪميٽي جي ميمبر آهي، پر تعليم وارو وزير به ساڻس ملڻ لاءِ تيار ناهي. هن چيو ته سنڌ جي اسڪولن جو انفرا اسٽرڪچر تباهه آهي، پر انهن جو تعميراتي ڪم نٿو ڪرايو وڃي. هن چيو ته تعليم معاشري لاءِ انتهائي اهم آهي، تنهن ڪري اسان کي تعليم ڏانهن وڌ کان وڌ ڌيان ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته اسين تعليم بابت ڪيترائي بل پاس ڪرائڻ چاهيون ٿا، پر سندن ڪير به ٻڌڻ وارو ناهي. صوبائي اسيمبلي جي ميمبر فرحين مغل چيو ته موجوده حڪومت تعليم جي بهتري لاءِ تمام گهڻا سٺا ڪم ڪيا آهن، پر استاد تنظيمن جي بليڪ ميلنگ، بائيڪاٽن ۽ احتجاجن واري رويي تعليم کي وڏو نقصان پهچايو آهي. هن چيو ته اها ڳالهه به صحيح آهي ته تعليم لاءِ جيترو ڪم ٿيڻ گهرجي ها اوترو نه ٿيو آهي، پر استادن کي به پنهنجو رويو سڌارڻ گهرجي. هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو تعليم جي سڌاري لاءِ مثالي قدم کنيا، شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ٻارڙن لاءِ تعليم مفت ڪرائي ۽ وڏن لاءِ تعليم بالغان جو پروگرام شروع ڪيو، هن ملڪ ۾ ايگريڪلچر يونيورسٽيون ۽ وڏا ڪاليج قائم ڪيا، پر ڊڪٽيٽرن جي دور ۾ تعليم کي تباهه ڪيو ويو. هن چيو ته ماضي ۾ جنهن به ماڻهو کي ٻي نوڪري نه ملندي هئي، اهو ماستر طور ڀرتي ٿيندو هو، ان جا اسين سڀ ڏوهاري آهيون. هن چيو ته سفارش ۽ رشوت تي ڀرتي ٿيل استاد ڊيوٽيون نٿا ڪن، اهڙا گوسڙو استاد قوم جا ڏوهاري آهن. هن چيو ته اسان کي تعليم لاءِ مثالي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. مسلم ليگ هم خيال گروپ جي اڳواڻ ذوالفقار ملاح چيو ته پاڪستان ۾ تعليم جي تباهيءَ جو ڪارڻ پرائيويٽ اسڪول آهن، سمورن پرائيويٽ اسڪولن تي پابندي مڙهي، بهتر نصاب آڻي تعليم کي بهتر بنائي سگهجي ٿو. وڏي وزير جي ميڊيا ڪنسلٽنٽ آفتاب خانزاده چيو ته چئن سالن دوران پ پ جي حڪومت کي وڏين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو آهي، پر ان جي باوجود پ پ جي حڪومت تعليم لاءِ سٺو ڪم ڪيو آهي. هن چيو ته تعليم ۾ موجود خرابيون چئن سالن جون نه پر 64 سالن جون آهن، انهن خرابين کي ختم ڪرڻ ۾ وقت لڳندو. سپلا جي اڳواڻ پروفيسر يعقوب چانڊيو چيو ته وڌندڙ ڪرپشن تعليم کاتي کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، جيڪڏهن تعليم لاءِ ايندڙ بجيٽ جو 50 سيڪڙو به تعليم تي خرچ ڪيو وڃي ته تعليم جي حالت بهتر ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته حڪمرانن ۽ آفيسرن جي نااهلي سبب سنڌ ۾ 12 هزار 737 اسڪول بند پيل آهن، جڏهن ته حڪومت ساڍا 1300 اسڪول وڏيرن ۽ جاگيردارن جي حوالي ڪري ڇڏيا آهن. هن چيو ته جيڪڏهن سياسي ۽ رشوت جي بنيادن تي ٿيندڙ ڀرتيون بند ڪري استادن کي ٽريننگ ڏيارڻ جو سلسلو شروع ڪيو وڃي ته بهتر نتيجا ملي سگهن ٿا. ايڪشن ايڊ جي ناظمه شاهين چيو ته بجيٽ گهٽ هجڻ ڪري تعليمي نظام بهتر نٿو ٿي سگهي، تعليم بابت بهتر بجيٽ جاري ڪري تعليمي نظام ۾ سڌارا آندا وڃن. ان موقعي تي سليم بلوچ آيل مهمانن جي آجيان ڪئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button