حيدر آباد

خانزاده راجپوت ويلفيئر وسيله فائونڊيشن جي ڪنوينشن ۽ پهرين بهادر ناهر خان راجپوت ايوارڊ جي تقريب حيدرآباد ۾ ٿي گذري

حيدرآباد: خانزاده راجپوت ويلفيئر وسيله فائونڊيشن جي ڪنوينشن ۽ پهرين بهادر ناهر خان راجپوت ايوارڊ تقريب کي خطاب ڪندي خانزاده راجپوت ويلفيئر وسيله فائونڊيشن جي سربراهه راشد اختر خانزادي چيو ته برادري جي خدمت الله جي رضا لاءِ ڪري رهيا آهيون ۽ ان ڏس ۾ جيڪي ماڻهو اسان سان سهڪار ڪري رهيا آهن انهن جا ٿورائتا آهيون ۽ اسين چاهيون ٿا ته باهمي امداد جو اهو سلسلو جاري رهي – ان موقعي تي ڊاڪٽر صابر اختر خانزادي چيو ته برداري ۾ جيتري اتحاد جي ضرورت اڄ آهي ان کان اڳ ڪڏهن به نه هئي ۽ ان اتحاد لاءِ سمورن اختلافن کي پاسي تي رکي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي جيڪڏهن اڄ ان بابت نه ويچارينداسين ته پوءِ اسان کي ان جي مهلت نه ملندي – تقريب کي خطاب ڪندي طارق خانزادي چيو برادري جي نوجوانن جي روزگار لاءِ ڪوشش ڪئي ويندي انهن کي واپار لاءِ مشوره پڻ فراهم ڪيا ويندا. ان موقعي تي باجي دردانه خانزاده پڻ خطاب ڪيو ياسر سليم نعيم خانزاده ، علاوالدين خانزاده راجپوت ويلفيئر وسيله فائونڊيشن جي ڪارڪردگي ۽ مستقبل جي منصوبن تي روشني وڌي ان موقعي تي برادري لاءِ نمايا خدمتون سرانجام ڏيندڙ ماڻهن کي بهادر نهار خان ايوارڊ ۽ راجا حسن خان ايوارڊ ڏنا ويا تقريب ۾ چيئرمين تعليمي بورڊ حيدرآباد عبدالعليم خانزاده، پاڪستان ايٽامڪ انرجي ڪميشن جي ڊپٽي ڊائريڪٽر اشتايق احمد خانزاده اسڪاڊن ليڊر روبينا خانزده کان علاوه مختلف شهرن مان آيل ماڻهن شرڪت ڪئي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button