حيدر آباد

ڪمشنري نظام جي بحالي سنڌي عوام جي پراڻي خواهش هئي جيڪا هن عوامي حڪومت ۾ پوري ٿي آهي: سسئي پليجو

Culture Day Susai Palejo Hyd1حيدرآباد : ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سسئي پليجو سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي آفيس جي تعمير لاءِ 5 لک روپيا ۽ سنڌي ادب جي9 صنفن تي بهترين ڪتاب تحرير ڪندڙ ۽ سنگت ايوارڊ حاصل ڪندڙ بهترين ليکڪن کي مجموعي طور تي هڪ لک روپيا ڏيڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته سنڌ ي ادب توڙي سنڌي ثقافت جي بقا لاءِ حڪومت پاران هر ممڪن سهڪار ڪيو ويندو – اهڙو اظهار هن اڄ سنڌي لينگويج اٿارٽي حيدر آباد ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران منعقد ڪيل سنگت ايوارڊ جي تقريب ۾ خاص مهمان طور خطاب ڪندي ڪيو – هن چيو ته ثقافت کاتي پاران ادبي سنگت جي مرڪزي آفيس جي تعمير لاءِ اڳواٽ ئي 5 لک روپيا جاري ڪيا ويا آهن جڏهن وڌيڪ 5 لک روپين جي رقم پڻ تمام جلد جاري ڪئي ويندي هن چيو ته کاتي پاران تازين برساتن کان پوءِ متاثر ٿيل ڪيترن ئي فنڪارن جي وس آهر مالي سهائتا ڪئي وئي آهي ۽ مستقبل ۾ پڻ ثقافت توڙي ادب سان وانجهيل ماڻهن جي مدد ڪرڻ کي يقيني بڻايو ويندو – صوبائي وزير ادبي سنگت ۽ سنڌي لينگويج اٿارٽي سميت سمورن ادبي ادارن توڙي تنظيمن کي صلاح ڏني ته اهي ڪراچي ۾ سنڌ ڪانفرنس منعقد ڪرائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ ان ڏس ۾ کاتي پاران هر ممڪن تعاون ڪيو ويندو ڇاڪاڻ ته هن وقت ڪراچي جي مالڪي ڪرڻ انتهائي ضروري آهي – هن سنڌي ادبي سنگت جي انتظاميا کي چيو ته اهي مردن سان گڏوگڏ اديب عورتن جي پڻ حوصلا افزائي ڪن ۽ جيڪڏهن اديب عورتن کي ايوارڊ جي ورهاست جي حوالي سان ڪي اعتراض آهن تي انهن کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي – هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي نا ميار ي محقق ۽ اديب مرحوم جبار جوڻيجو جي نالي سان قائم ڪيل ڪارنر جو افتتاح 26 نومبر تي سنڌ ميوزيم حيدرآباد ۾ ڪيو ويندو ۽ ان ڏس ۾ سندس مختلف موضوعن تي ڪيل ڪم جي حوالي سان مقالا پڻ گهرايا ويا آهن – بعد ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي صوبائي وزير چيو ته پ پ پ ملڪ جي وڏي جماعت آهي ۽ ان حوالي سان کيس ڪيترن ئي چئيلنجز کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي – پڇيل هڪ سوال تي صوبائي وزير ثقافت چيو ته ڪمشنري نظام جي بحالي سنڌي عوام جي پراڻي خواهش هئي جيڪا هن عوامي حڪومت ۾ پوري ٿي آهي – هن وڌيڪ چيو ته گذريل پورو هفتو ثقافت کاتي پاران مختلف ثقافتي تقريبون منعقد ڪيون ويون جن ۾ مردن سان گڏو گڏ سنڌ جي نياڻين پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي – تقريب کي خطاب ڪندي اوقاف کاتي جي صوبائي وزير ڊاڪٽر رفيق ٻانڀڻ چيو ته سنڌي ادبي سنگت جون سنڌي ادب لاءِ ڪيل خدمتون ساراهه جوڳيون آهن – هن چيو ته سنڌي ڪتابن جو ٻين ٻولين ۾ ترجمو ٿيڻ گهرجي ان سان نه فقط اديبن جي حوصله افزائي ٿيندي پر سنڌ ۽ ملڪ جو نالو پڻ روشن ٿيندو هن سمورن ايوارڊ ماڻيندڙ ليکڪن کي مبارڪباد پڻ ڏني – ان موقعي تي تقريب ۾ صدارتي خطاب ڪندي سنڌ جي ناليواري دانشور محمد ابراهيم جويو چيو ته اهڙا ثقافتي ميڙاڪا وقت جي اهم ضرورت آهن ڇاڪاڻ ته انهن ميڙاڪن ذريعي ئي سنڌ جي نوجوانن ۾ ثقافت ۽ ادب بابت اتساهه پيدا ڪري سگهجي ٿو – هن چيو هن وقت سنڌي ٻولي جي ادبي ڪتابن ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي جيڪا تمام بهترين ڳالهه آهي ۽ اهو ئي مستقبل ۾ ٻولي جي بقا لاءِ اهم ثابت ٿيندو –تقريب ۾ سنڌ جي ناليواري دانشور محمد ابراهيم جويو ۽ ايشيا جي ڏاهي سوڀوگيانچنداڻي کي لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ ڏنا ويا جڏهن ته سنڌي ادب جي مختلف صنفن تي بهترين ڪتاب لکندڙ ليکڪن جن ۾ اشتياق انصاري ، نصير ميمڻ ، قاضي منظر حيات ، يوسف سنڌي ، سعيد ميمڻ ، الطاف شيخ ۽ لياقت رضوي شامل آهن کي ايوار ڊ ڏنا ويا ان موقعي تي سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سڪريٽري مشتاق ڦل سميت ذوالفقار سيال، ڊاڪٽر محمد علي مانجهي ، نامياري صحافي نياز پنهور ، يعقوب سومرو ، مهرالنساءَ لاڙڪ ، خالد آزاد ۽ سليم جروار پڻ شرڪت ڪئي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button