فن ۽ فنڪار

ننڍي کنڊ جو عظيم گلوڪار ۽ غزل جو شهنشاهه جگجيت سنگهه 70 سالن جي عمر ديهانت ڪري ويو

jagjitممبئي(نيوز ديسڪ) ننڍي کنڊ جو ناليوارو غزل جو بادشاهه جگجيت سنگهه 70 سالن جي عمر ۾ سومر ڏينهن ديهانت ڪري ويو، هو گذريل ڪيترن ئي هفتنکان ممبئي جي ليلا وسي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو. جگجيت سنگهه کي برينهيمرج سبب اسپتال جي انتهائي نگهداشت واري يونٽ ۾ رکيو ويو هو جتي هن جو 2 ڀيرا آپريشن پڻ ڪيو ويو پر هو صحتياب نه ٿي سگهيو ۽ گذريل ڏينهن هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو، جگجيت سنگهه 8 فيبروري 1941ع تي ڀارتي رياست راجستان جي علائقي شري گنگا نگر ۾ پيدا ٿيو، هن شروعاتي تعليم گنگا نگر ۾ حاصل ڪئي، جڏهن ته گريجوئيشن جي ڊگري ڊي اي وي ڪاليج جالنڌر مان حاصل ڪئي ۽ هريانه جي ڪرڪ شاسترا يونيورسٽيءَ مان ماسٽر جي ڊگري حاصل ڪئي، کيس ننڍي هوندي کان ئي فن ۾ دلچسپي هئي ۽ ان مقصد لاءِ هن پنڊت چنگن لال شرما وٽان فيض حاصل ڪيو، جگجيت سنگهه ڪلاسيڪي موسيقي جي تعليم استاد جمال خان وٽان حاصل ڪئي، هن اهڙي دؤر ۾ غزل جي دنيا ۾ قدم رکيو هو جڏهن ته ان ميدان ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جا جڳ مشهور غزل ڳائڻا موجود هئا پر تنهن هوندي به هن تمام گهٽ عرصي ۾ پنهنجي اهميت مڃرائي، ڀارت جي فلم نگريءَ ۾ جگجيت سنگهه واحد ميوزڪ ڊائريڪٽر هو جنهن ملٽي ٽريڪ رڪارڊنگ سسٽم جي شروعات ڪئي ۽ پنهنجي البم “بيانڊ ٽائم” ۾ هن ان ٽيڪنڪ جو استعمال ڪيو، ٻين غزل ڳائڻن وانگر جگجيت سنگهه فلمن لاءِ گانا ۽ غزلن ڳائڻ کان پاسو نه ڪيو، 70ع واري ڏهاڪي جي آخري حصي ۽ 90ع جي ڏهاڪي ۾ هن فلمن لاءِ ڪيتريون ئي غزلون ۽ گانا ڳايا، 80ع جي ڏهاڪي فلم “پريم گيت”، “ساٿ ساٿ” ۽ “ارٿ” ۾ سندس ڳايل گانن ۽ غزلن ڌوم مچائي ڇڏي. جگجيت سنگهه 60 کان وڌيڪ فلمي ۽ غير فلمي البم رڪارڊ ڪرايا، ان کان سواءِ جڳ مشهور ڊرامي “مرزا غالب” ۽ “ڪهڪشان” کيس عالمي سطح تي مقبوليت ڏيارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، هن ناليواري غزل ڳائڻي چترا سنگهه سان شادي ڪئي ۽ هن سان گڏ ڪيترائي البم رڪارڊ ڪرايا، بعد ۾ ٻنهي وچ ۾ علحدگي ٿي وئي، ٻنهي جو اڪيلو پٽ 21 سالن جي عمر ۾ 1990ع ۾ روڊ حادثي ۾ اجل جو شڪار ٿي ويو هو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button