حيدر آبادفن ۽ فنڪار

طارق عالم ابڙو هڪ خوش طبيعت ۽ خوش اخلاق ماڻهو هو، حسن درس جديد شاعري جو حسن هو: ڊاڪٽر فهميده حسين

Tariq Abro and Hassan Darsحيدرآباد : سنڌ جي اديبن ، دانشورن ۽ ليکڪن سنڌي ٻولي جي ناليواري ليکڪن ۽ تخليقڪارن طارق عالم ابڙو ، منصور ملڪ ۽ حسن درس کي زبردست خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته سنڌ جي انهن ناميارن ۽ اڻملهه موتين جي وڇوڙي کانپوءِ پيدا ٿيل خال ڪڏهن به ڀرجي نٿو سگهي _ اهڙن خيالن جو اظهار هنن اڄ سنڌي ٻولي اٿارٽي پاران ڊاڪٽر اين اي بلوچ هال ۾ ڪوٺايل تعزيتي ريفرنس ۾ خطاب ڪندي ڪيو _ تقريب کي خطاب ڪندي سنڌي ٻولي اٿارٽِي جي چيئرپرسن ڊاڪٽر فهميده حسين چيو ته منصور ملڪ سنڌي ادب کي 11 بهترين ڪتاب ڏنا جن مان 5 شاعري جا آهن جيڪي هميشه اسان کي سندس ياد ڏياريندا رهندا _ هن چيو ته طارق عالم ابڙو بهترين ڪهاڻيڪار ، آرٽسٽ ۽ هڪ خانداني تخليقڪار هو _ هن وڌيڪ چيو ته طارق عالم ابڙو هڪ خوش طبيعت ۽ خوش اخلاق ماڻهو هو جنهن کي پنهنجي فن ۽ سنڌي ادب سان گهڻي دلسچسپي هئي _ حسن درس کي ڀيٽا ڏيندي ڊاڪٽر فهميده حسين چيو ته حسن درس جديد شاعري جو حسن هو، هوشيخ اياز جو تسلسل هو سندس جواني ۾ موت سندس وني ۽ خاندان سميت پوري سنڌ لاءِ هڪ وڏو سانحو آهي _ ان موقعي تي نوجوان دانشور جامي چانڊيو چيو ته رت جارشتا ته عظيم هوندا آهن پر جيڪي رشتا انسان پنهنجي سوچ ۽ فڪر سان پاڻ جوڙي ٿو اهي اڻملهه هوندا آهن _ هن چيو ته حسن درس هڪ بردبار شخصيت جو مالڪ هو ۽ سنڌ جاسڀئي خوبصورت نظارا هن جي شاعري جا موضوع هئا جڏهن ته کيس سنڌ سان تمام گهڻي محبت هئي ۽ هو هڪ بااعتماد ، بهتر رويي سميت بهترين مزاج جو مالڪ هو _ ان موقعي تي نامياري اديب رسول بخش درس چيو ته طارق ۽ حسن درس ڌرتي جون ٻه اهم شخصيتون هيون جڏهن ته حسن درس 21 هين صدي جو هڪ معروف شاعر هو _ هن جاموضوع عجيب منظر نگاري ڪندا هئا _ هن چيو ته حسن جو وڇوڙو وڏو سانحو ۽ وڏو نقصان آهي _ ان موقعي تي تاج جويو ، انعام شِيخ ، نصير مرزا، اظهارسومرو ، امرسنڌو ، روحل درس ،ارباب نيڪ محمد ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو .

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button