خيرپوردادوفن ۽ فنڪار

سائين احمد خان مدهوش جي پهرين ورسي 26 جون تي شهر جوهي ضلع دادو ۾ ملھائي ويندي

DSC06025
خيرپور: سنڌ جي ناليواري شاعر سائين احمد خان مدهوش جي پهرين ورسي 26 جون تي شهر جوهي ضلع دادو ۾ تمام گهڻي جوش، جذبي ۽ عقيدت سان ملهائڻ جون تياريون زور شور سان جاري آهن، ان سلسلي ۾ سندس فرزند خليل عارف سومرو، اسٽيشن ڊاريڪٽر ريڊيو پاڪستان خيرپور ڪوثر ٻرڙو، ڀٽائي سوشل ويلفيئر ايسوسيئشن جي چيئرمين خادم حسين ميراڻي ۽ جبار خاصخيلي سان ڀٽائي جي آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ساڻس ڪاڇي سان تعلق رکندڙ ۽ احمد خان مدهوش جي فن ۽ شخصيت تي لکيل ڪتاب جو ليکڪ عبدالرزاق جمالي پڻ گڏ هيو. ان موقعي ورسي جي انتظامن بابت صلاح مشورو ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ ڀٽائي سوشل ويلفئير ايسوسيئيشن جي ٽيم پاران احمد خان مدهوش جي پهرين ورسي ۾ ڀرپور شرڪت ڪرڻ ۽ ورسي جي انتظامن ۾ هر قسم جو ممڪن سهڪار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي. ياد رهي ته مرحوم احمد خان مدهوش گذريل سال هن جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو هيو ۽ لاڏاڻي کان ڪجهه ڏينهن پهريان جبار خاصخيلي جي شعري مجموعي “دل جي صحرا ۾” جي مهورت واري تقريب جي صدارت ڪئي هئي ۽ اها سندس زندگيءَ جي آخري ادبي تقريب هئي.
DSC06024

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button