فن ۽ فنڪارڪراچي

اليوارو ڪهاڻيڪار، اديب ۽ شاعر طارق عالم ابڙو هميشه لاءِ وڇڙي ويو

Tariq Aalim Abroڪراچي : ناليوارو ڊراما نگار، ناول نگار، اديب ۽ شاعر طارق عالم ابڙو ڪراچي جي سول اسپتال جي ايس آءِ يو سي وارڊ ۾ هميشه جي لاءِ وڇڙي ويو، طارق عالم گذريل 5 مهينن کان اسپتال ۾ گڙدن جي بيماري سبب داخل هو، ڊاڪٽرن کيس ڀارت ۾ علاج ڪرائڻ جي صلاح ڏني هئي، جنهن جو خرچ 60 لک روپيا اچڻو هو، جڏهن ته سنڌ حڪومت کيس 7 لک روپيا، ثقافت کاتي 15 لک ۽ ادبي بورڊ 5 لک روپيا ڏنا هئا. واضح رهي ته 1986ع ۾ پهريون ڀيرو لنڊن مان گڙدن جو علاج ڪرايو هو. جڏهن ته مرحوم جو مڙهه ڪراچي کان ڄامشورو سوسائٽي ڪالوني ۾ آندو ويو، مرحوم جي جنازي نماز اڄ ادا ڪئي ويندي. مرحوم جو مڙهه پهچڻ بعد اديب ۽ شاعر وڏي انگ ۾ ڄامشورو سندس تڏي تي پهچي ويا، طارق عالم جي دوست ۽ اديب نصير مرزا چيو ته طارق عالم جي علاج لاءِ اسان پئسا گڏ ڪري رهيا هئاسين پر اسان کي دوکي ۾ رهايو ويو. طارق عالم جي وڇوڙي بعد مان خدا تعاليٰ کي حاضر ۽ ناظر چوان ٿو ته هاڻ مان اڪيلو ٿي ويو آهيان. سنڌ طارق جو قدر نه ڪيو. اسان جو تارو هاڻ آسمان جو ستارو بڻجي ويو آهي. جڏهن ته ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سسئي پليجو چيو ته طارق عالم جي وڇوڙي سان سنڌي ادب ۾ وڏو خال پيدا ٿيو آهي. ٻئي طرف طارق عالم جي وڇوڙي تي ابراهيم جويو، امداد حسيني، عبدالقادر جوڻيجو، امداد سومرو، اسحاق سميجو، سميرا مختيار ۽ ٻين ڏک جو اظهار ڪيو آهي.
مانيٽرنگ ڊيسڪ

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button