فن ۽ فنڪار

سنڌ جو سدا ملوڪ شاعر حسن درس روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيڻ بعد پوليس جي لاپرواهي سبب حياتي وڃائي ويٺو

Darsحيدرآباد: سنڌ جو حسن پرست ۽ يگانو شاعر حسن درس روڊ حادثي ۾ زخمي ٿيڻ بعد پوليس جي لاپرواهي سبب فوت ٿي ويو. اربع ۽ خميس جي وچ واري رات جو اٽڪل چئين وڳي ڌاري پنهنجي دوستن جي محفل مان واپس گهر ڏانهن ايندي سندس گاڏي پونم چوڪ ويجهو فوٽ پاٿ تي چڙهي وئي. جنهن سبب هو زخمي ٿي پيو. موقعي تي موجود ماڻهن پاران فوري طور قاسم آباد پوليس کي اطلاع ڏيڻ بعد پوليس پهتي. جنهن حد نه هجڻ جو سبب ڄاڻائي ڪار ۾ زخمي حالت ۾ پيل حسن درس کي اسپتال نه پهچايو ۽ بعد ۾ جي او آر پوليس پڻ اطلاع ملڻ تي پهتي. جنهن به حد نه هجڻ جو جواز ڄاڻايو ۽ زخمي کي تڙپندو ڇڏي وئي. جنهن کان پوءِ واڌو واهه تان گذرندڙ هڪ ڄڃ ۾ شامل ڪجهه نوجوانن حادثي جو شڪار ڪار کي ڏٺو ۽ حسن درس کي اسپتال پهچايو ۽ سندس وارثن کي اطلاع ڏنو. هوڏانهن اسپتال پهچڻ بعد ڊاڪٽرن پاران طبي معائني بعد سندس اسپتال پهچڻ ۾ دير ٿيڻ سبب موت ٿي وڃڻ جي تصديق ڪئي، حسن درس جي لاڏاڻي جو ٻڌي سندس ڀاءُ اڪبر درس ۽ سندس دوست ذوالفقار شاهه فوري طور سول اسپتال پهتا. حسن درس جي مڙهه کي حيدرآباد کان عثمان شاهه هڙي ويجهو سندس اباڻي ڳوٺ مشائخ هوتي آندو ويو. جتي ساڍي ٽئين وڳي ڌاري سندس جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. حسن درس جي عمر 43 سال هئي. هو اعليٰ پائي جو نوجوان، البيلو شاعر هو. هن شاعري ۾ نوان لاڙا آندا ۽ نظم جي صنف تي ڪم ڪيو. سندس جنازي نماز ۾ امداد حسيني، تاج جويو، عبدالقادر جوڻيجو، جامي چانڊيو، ناز سهتو، ارباب نيڪ محمد، مشتاق نظاماڻي، سعود لوهار، لالا رحمان سمون، سليم جروار، اظهار سومرو، خالد چانڊيو، اصغر برفت،امداد سومرو، حميد ابڙو، شاهنواز رند، عاجز سنڌي، روحل ڪالرو، اسحاق مڱريو، آصف بالادي، سرور شاهه، ڊاڪٽر آڪاش انصاري، نصير مرزا، منصور ڏاهري، عبدالسلام ملاح، علي حسن چانڊيو، اشوڪ ٿاما، قوي، عزيز گوپانگ، روشن ٿيٻو، جعفر ميمڻ، مهيش ڪمار، انعام شيخ، مير حسن آريسر، اقبال ملاح، خطائي ٿيٻو، ميون علي، محمد ولهاري، غلامر سول چانڊيو، حاجي ساند محسن مگسي، رسول بخش درس، غلام نبي مير جت، هوت مراد بلوچ، امين ڇٽو، مولابخش بلوچ، نصير نهڙيو، غلام رسول درس سميت سوين ماڻهن شرڪت ڪئي.حسن درس عبرت گروپ آف پبليڪيشن ۾ اهم عهدن تي پڻ رهيو. عبرت گروپ آف پبليڪيشن پاران شايع ٿيندڙ عبرت مئگزين، ماهوار هزار داستان ۽ روزاني بختاور اخبار جي ايڊيٽوريل بورڊ جو ميمبر هو. سندس پاران روزاني عبرت جو ”ٿر لهرون ۽ درياهه“ جي عنوان سان ڪالمن جو سلسلو مقبول رهيو. حسن درس جي وارثن پاران سندس موت جو ذميوار پوليس کي قرار ڏنو آهي. حسن درس جي ڀائٽي سرمد حسن درس عبرت پاران رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته پوليس جي لاپرواهي ۽ غير سنجيدگي سبب حسن درس فوت ٿي ويو. هن ٻڌايو ته جيڪڏهن حسن درس کي فوري طور پهتل پوليس اسپتال پهچائي ها ته سندس زندگي بچي وڃي ها. حسن درس 5 سيپٽمبر 1966ع تي ڳوٺ مشائخ هوٿي جي رهواسي حاجي غلام رسول درس جي گهر ۾ جنم ورتو. حسن درس حسن پرست ۽ ترقي پسند شاعر هو. هن پرائمري تعليم اباڻي ڳوٺ مان حاصل ڪئي ۽ ڇهين کان اٺين ڪلاس تائين قاضي احمد ۾ پڙهيو. نور محمد هاءِ اسڪول مان مئٽرڪ پاس ڪرڻ بعد هن مسلم سائنس ڪاليج مان انٽر پاس ڪئي ۽ بعد ۾ سنڌ يونيورسٽي مان سنڌي ادب ۾ ماسٽر ڪيائين، حسن درس کي شاعري جو ننڍي هوندي کان شوق هو ۽ سندس شاعري ۾ پختگي هجڻ سبب شيخ اياز ۽ استاد بخاري سميت ٻين ناليوارن شاعرن کيس نئين ٽهي جو ڀلوڙ شاعر سڏيو هو. هن 1993ع ۾ نامياري شاعره مهتاب محبوب جي ڌيءَ ارم محبوب سان شادي ڪئي. کيس روحل ۽ چيزل ٻه پٽ آهن. جڏهن ته هڪ ڌي عمرازادي عرف رڌا جو اولاد آهي. حسن درس پنهنجي شاعري جو مجموعو” ساري سنڌ پرين جو پاڇو“ ڇپرائڻ لاءِ تياري ڪري رهيو هو، هن انڊس ميڊيا فورم ۽ انڊس فائونڊيشن جو بنياد رکيو.
مانيٽرنگ ڊيسڪ

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button