شاعر

سيد صالح شاهه جيلاني پير آف راڻي جو تعارف

رپورٽ؛. فقير درمحمد جلباڻي ٺري ميرواه

Saleh Shah Ranipurسيد صالح شاهه جيلاني ڳوٺ راڻي پور ،خيرپور ميرس
1943 to 1870مريدي جو سلسلو اڄ تائين به جاري آهي مرحوم نهايت اعليَ دماغ، عالي همت، باتهذيب، ۽ با اخلاق شخصيت ٿي گذريو، هي بزرگ با علم ۽ وقت جو نمايان شاعر به هو، سندس ڪلام ۾ حقيقت جي چاشني عجيب آهي.
نموني طور هڪ ڪافي پيش ڪجي ٿي.

و هواه حسن آشڪار ٿيو، نڪري ڪثرت ۾ نروار ٿيو
جنهنکي حملي حسن حيران ڪيو، تنهن دين، ڪفر يڪستان ڏٺو
ڪري ترڪ زهد صنعان سڀو، ڇڏي تسبيع اهل زنار ٿيو.
وهه خبر يحب الجمال عجب، وهه حسن پرستي حال عجب
آهي قالوبليَ جي چال عجب، پوءِ عروج نزول تڪرار ٿيو
آهيون شاغل ڪثرت عيش ڪڏهن، انهي سير ۾ دل سرشار ٿيو
ڪٿ پير عقيدت ڪيش ڪڏهن، انهي سير ۾ دل سرشار ٿيو
آهيون رند قلندر مست ڪٿي، ٿيون نيست منجهان ٿا هست ڪٿي
آهي شاهي بندو بست ڪٿي، ڪٿ ڪرڻ گدائي ڪار ٿيو
من عرف وارو مفهوم لهي ڪيو صالح سر معلوم سهي
وحت ۾ ڪاالمعدوم رهي
لاتد رڪ ڪه الا بصار ٿيو

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button