فن ۽ فنڪار

سنڌ جي مشهور شاعر نجفي فقير جو تعارف ۽ پيغام

Faqeer(رپورٽر محمد اقبال سومرو ٺري ميرواه)
نالو هدايت علي فقير تخلص (نجفي) پوءِ (تارڪ) ولد
ميان تراب علي عرف الله داد صاحب ذات تونيه فقير قريشي
علوي ڳوٺ لعلورانڪ ضلع لاڙڪاڻه سنڌ1840، 1942ع، مرحوم فقير مشن انسان درويش، وڏو منصف ۽ نهايت چڱو مترجم سنڌي اردو،فارسي،عربي ۽ پشتو جو ماهر .انهن سڀني زبانن ۾ طبع آزمائي ڪيائين
مرحوم (تارڪ) واقعي تارڪ الدنيا فقيرهو، آخر تائين فقيري حال ۾ ئي رهيو.اجھ تائين به نجفي فقير يا تارڪ فقير سڏبو آهي.
فقير سائين جي شاعري درس لاءِ هڪ ڪافي پيش ڪجي ٿي.

عشق جي اوقات ۾ ڪثرت جو ڪاروبار چٽ، شهر چٽ دوڪان چٽ بازارچٽ واپار چٽ
حسن جي غمزه کان ٿي ويو زاهد بي پير جو، نفل چٽ ارواد چٽ تسبع چٽ اذڪار چٽ
جذبئه توحيد کان نجفي رهيو ٻيو ڪين ڪين، دوستي چٽ دشمني چٽ يار چٽ اغيار چٽ

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button