بلوچستان

ڪيراڻي روڊ تي ڌماڪو، 64 شھيد، 130 کان وڌيڪ زخمي

Hazara Town blastعورتن سميت 64 ماڻھو شھيد، واقعي ۾ 130 کان وڌيڪ زخمي جڏھن ته 25 جي حالت نازڪ آھي. زخمين کي سي ايم ايڇ منتقل ڪري جان بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ڊي آءِ جي وزير خان ناصر غير ملڪي ايجنسي کي ٻڌايو ته ڌماڪو ريمورٽ ڪنٽرول ذريعي ڪيو ويو. ذريعن مطابق ڌماڪي ۾ ڪيترن گاڏين، گھرن ۽ دڪانن کي به نقصان پھتو، ڌماڪو ايترو تيز ھئو جو ان جو آواز پوري شھر ۾ ٻڌو ويو.
مانيٽرنگ ڊيسڪ

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button