ڪوئيٽا

  • اکتوبر- 2013 -
    14 اکتوبر
    بلوچستان
    Dr Malik1

    بلوچستان: اليڪشن جي 5 مھينن کان پوءِ ڪابينا مڪمل

    پاڪستان ۾ ھلندڙ سال عام اليڪشن جي تقريبن پنج مھينن کان پوءِ بلوچستان ۾ سومر جي ڏينھن مڪمل ٿي رھي آھي، ڪابينا جي جوڙجڪ ۾ دير جو سبب صوبي جي وزير اعليٰ ڊاڪٽر عبد المالڪ بلوچ جي نيشنل پارٽي ۽ حڪمران اتحاد ۾ شامل ٻين جماعتن جي وچ ۾ وزاتن ۽ کاتن جي جي ورڇ تان اختلاف ٻڌايا پيا وڃن

    وڌيڪ پڙھو
  • فروری- 2013 -
    16 فروری

    ڪيراڻي روڊ تي ڌماڪو، 64 شھيد، 130 کان وڌيڪ زخمي

    ڪوئيٽا جي علائقي ڪيراڻي روڊ تي ھزاره ڪالوني ۾ ريمورٽ ڪنٽرول بم جي ڌماڪي ۾ عورتن سميت 64 ماڻھو شھيد، واقعي ۾ 130 کان وڌيڪ زخمي جڏھن ته 25 جي حالت نازڪ آھي. زخمين کي سي ايم ايڇ منتقل ڪري جان بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

    وڌيڪ پڙھو
  • جولائی- 2012 -
    11 جولائی

    گم ٿيل ماڻهو وٺي اچو يا سمورا ايف سي ڪمانڊر عدالت ۾ گهرائينداسين: سپريم ڪورٽ

    سپريم ڪورٽ حڪم ڏنو آهي ته گم ٿيل سمورن ماڻهن کي اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي يا ايف سي جي سمورن ڪمانڊرن کي عدالت ۾ طلب ڪيو ويندو، سپريم ڪورٽ جي ڪوئيٽا رجسٽري ۾ چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ بلوچستان ۾ بدامني خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي

    وڌيڪ پڙھو
  • جون- 2011 -
    6 جون

    پهاڙين تي چڙهي ويل بلوچن کي عام معافي ڏيڻ لاءِ تيارآهيون: رحمان ملڪ

    وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ چيو آهي ته ڪوئيٽا شوريٰ جو ڪو وجود ناهي، جيڪڏهن ڪنهن وٽ ان حوالي سان ڪا ڄاڻ آهي ته اسان سان ونڊي، اسان پڻ ڪارروائي ڪنداسين، بلوچستان مان رڳو 38 ماڻهو گم ٿيل آهن، ناراض بلوچ ڀائرن کي هڪ ڀيرو ٻيهر ڳالهين جي دعوت ڏيون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد کان ڪوئيٽا پهچڻ تي وڏي وزير جي سيڪريٽريٽ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي صوبائي گهرو وزير مير ظفر الله زهري به موجود هو. وفاقي وزير چيو ته صحافي سليم شهزاد جي حوالي سان وزيراعظم جي هدايتن تي جڊيشل ڪميشن جوڙي وئي آهي، جنهن جي رپورٽ آڌار ذميوار فردن خلاف ڪارروائي ٿيندي. پنج پرڏيهين جي مارجڻ واري واقعي بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته وڏي وزير نواب محمد اسلم رئيساڻي جيڪا ڪميشن جوڙي وئي آهي تنهن جي رپورٽ اچڻ تي ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ٿيندي. هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته بلوچستان جو عوام ملڪ سان اهڙي ريت ئي حب رکي ٿو، جيئن پنجاب، سنڌ ۽ خيبرپختونخواه جا ماڻهو حب رکن ٿا.

    وڌيڪ پڙھو
  • 5 جون

    ڪوئيٽا ۽ تربت ۾ فائرنگ، بي اين پي اڳواڻ سميت 5 ڄڻا قتل

    ڪوئيٽا ۽ تربت ۾ اڻ ڄاتل ماڻهن فائرنگ ڪري نيشنل پارٽي جي اڳواڻ سميت 3 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته ٻن بلوچن جا چچريل لاش به مليا آهن، واقعي خلاف ڪوئيٽا سميت مختلف علائقا بند ٿي ويا آهن. ميڊيا رپورٽن موجب ڪوئيٽا جي سيٽلائيٽ ٽائون ۾ فائرنگ ڪري محمد يوسف کي قتل ڪيو ويو، تربت ۾ اڻ ڄاتل ماڻهن هوٽل تي ويٺل نيشنل پارٽي جي ڊپٽي آرگنائيزر ڊاڪٽر نسيم جنگيان کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو، تربت جي هوشاب علائقي ۾ رسول بخش کي گوليون هڻي ماريو ويو. هوڏانهن اوٿل ۾ پوليس ٻن ڄڻن احمد خان سرڪنا ۽ طارق بلوچ سڪنا جا لاش هٿ ڪيا آهن، جن کي تشدد ۽ فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو. سندن منهن چچريل هئا، جن جو تربت سان تعلق ٻڌايو ويو آهي. جڏهن ته دشت جي علائقي ۾ ٻن ٺيڪيدارن کي اغوا ڪيو ويو آهي.

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button