بلوچستان

  • PMN HM

    دهشتگردي آخري پساهن ۾ آهي: وزيراعظم

    وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته دهشتگردي آخري پساهن ۾ آهي، آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻهو ڀڄندي ڪجهه ڪارروايون ڪري پنهنجي وجود جو تاثر ڏئي رهيا آهن

    وڌيڪ پڙھو
  • Sanaullah Zahri

    مري معاهدو: بلوچستان جي وڏ وزارت لاءِ ثناءُ الله زهري نامزد، عبدالمالڪ استعفيٰ ڏيندو

    وزيراعظم نواز شريف مري معاهدي تحت نوازليگ جي اڳواڻ ثناءِ الله زهري کي بلوچستان جو وڏو وزير نامزد ڪري ڇڏيو، نواز شريف چيو آهي ته وفاق بلوچستان جي ترقي لاءِ هر ممڪن سهڪار ڪندو.وزيراعظم هائوس اسلام آباد ۾ وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ مري معاهدي بابت مشاورتي اجلاس ٿيو

    وڌيڪ پڙھو
  • Dr Malik1

    بلوچستان: اليڪشن جي 5 مھينن کان پوءِ ڪابينا مڪمل

    پاڪستان ۾ ھلندڙ سال عام اليڪشن جي تقريبن پنج مھينن کان پوءِ بلوچستان ۾ سومر جي ڏينھن مڪمل ٿي رھي آھي، ڪابينا جي جوڙجڪ ۾ دير جو سبب صوبي جي وزير اعليٰ ڊاڪٽر عبد المالڪ بلوچ جي نيشنل پارٽي ۽ حڪمران اتحاد ۾ شامل ٻين جماعتن جي وچ ۾ وزاتن ۽ کاتن جي جي ورڇ تان اختلاف ٻڌايا پيا وڃن

    وڌيڪ پڙھو
  • ڪيراڻي روڊ تي ڌماڪو، 64 شھيد، 130 کان وڌيڪ زخمي

    ڪوئيٽا جي علائقي ڪيراڻي روڊ تي ھزاره ڪالوني ۾ ريمورٽ ڪنٽرول بم جي ڌماڪي ۾ عورتن سميت 64 ماڻھو شھيد، واقعي ۾ 130 کان وڌيڪ زخمي جڏھن ته 25 جي حالت نازڪ آھي. زخمين کي سي ايم ايڇ منتقل ڪري جان بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

    وڌيڪ پڙھو
  • گم ٿيل ماڻهو وٺي اچو يا سمورا ايف سي ڪمانڊر عدالت ۾ گهرائينداسين: سپريم ڪورٽ

    سپريم ڪورٽ حڪم ڏنو آهي ته گم ٿيل سمورن ماڻهن کي اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي يا ايف سي جي سمورن ڪمانڊرن کي عدالت ۾ طلب ڪيو ويندو، سپريم ڪورٽ جي ڪوئيٽا رجسٽري ۾ چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ بلوچستان ۾ بدامني خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي

    وڌيڪ پڙھو
  • ناراض بلوچن وٽ هلي وڃڻ لاءِ تيار آهيان، دهشتگرد هٿيار ڦٽا ڪري امن جو رستو اختيار ڪن: وزيراعظم

    وزيراعظم يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته آمريڪا سان ڪجهه وقت اڳ خراب ٿيل لاڳاپن ۾ بهتري اچي رهي آهي،جڏهن ته بلوچستان جي ترقي ۾ رنڊڪ وجهندڙن کي مايوسي جو منهن ڏسڻو پوندو.هن اهڙو اظهار ڪوئيٽا ۾ پاڪ فوج ۾ شامل بلوچستان جي 4 هزار کان وڌيڪ جوانن جي پاسنگ آئٽ پريڊ کي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. تقريب ۾ آرمي چيف جنرل اشفاق پرويز ڪياني،بلوچستان جي گورنر ذوالفقار مگسي،صوبائي وزيرن ۽ ڪيترين ئي اهم شخصيتن شرڪت ڪئي.وزيراعظم يوسف رضا گيلاني گارڊ آف آنر جو معائنو ڪيو،جڏهن ته فوجي جوانن ڪيترائي ڪرتب ڏيکاريا.وزيراعظم يوسف رضا گيلاني پنهنجي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ۾ وڌيڪ چيو ته مان ۽ پاڪ فوج، ملڪي سلامتي ۽ خومختياري لاءِ هر قسم جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهيون.

    وڌيڪ پڙھو
  • پنجگور ۾ بم ڌماڪو، 2 ڄڻا مارجي ويا، 21 زخمي

    بلوچستان جي شهر پنجگور ۾ ريموٽ ڪنٽرول بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ نينگر سميت 2 ڄڻا مارجي ويا،جڏهن ته 21 ڄڻا زخمي ٿي ڏسو صفحو3 نمبر5 پيا. شهر جي مرڪزي بازار ۾ بسم الله چوڪ وٽ ان وقت ڌماڪو ٿيو جڏهن سڪيورٽي فورسز جي گاڏي اتان گذري رهي هئي. ڌماڪي ۾ نينگر سميت 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ 5 ايف سي اهلڪارن سميت 21 ڄڻا زخمي ٿي پيا.واقعي بعد ايف سي اهلڪارن ۽ پوليس علائقي کي گهيري هيٺ آڻي ورتو، جڏهن ته مارجي ويلن جا لاش زخمين کي اسپتال پهچايو ويو.

    وڌيڪ پڙھو
  • پهاڙين تي چڙهي ويل بلوچن کي عام معافي ڏيڻ لاءِ تيارآهيون: رحمان ملڪ

    وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ چيو آهي ته ڪوئيٽا شوريٰ جو ڪو وجود ناهي، جيڪڏهن ڪنهن وٽ ان حوالي سان ڪا ڄاڻ آهي ته اسان سان ونڊي، اسان پڻ ڪارروائي ڪنداسين، بلوچستان مان رڳو 38 ماڻهو گم ٿيل آهن، ناراض بلوچ ڀائرن کي هڪ ڀيرو ٻيهر ڳالهين جي دعوت ڏيون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد کان ڪوئيٽا پهچڻ تي وڏي وزير جي سيڪريٽريٽ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي صوبائي گهرو وزير مير ظفر الله زهري به موجود هو. وفاقي وزير چيو ته صحافي سليم شهزاد جي حوالي سان وزيراعظم جي هدايتن تي جڊيشل ڪميشن جوڙي وئي آهي، جنهن جي رپورٽ آڌار ذميوار فردن خلاف ڪارروائي ٿيندي. پنج پرڏيهين جي مارجڻ واري واقعي بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته وڏي وزير نواب محمد اسلم رئيساڻي جيڪا ڪميشن جوڙي وئي آهي تنهن جي رپورٽ اچڻ تي ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ٿيندي. هڪ ٻي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته بلوچستان جو عوام ملڪ سان اهڙي ريت ئي حب رکي ٿو، جيئن پنجاب، سنڌ ۽ خيبرپختونخواه جا ماڻهو حب رکن ٿا.

    وڌيڪ پڙھو
  • بلوچ اڳواڻن سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون،جمهوريت کي ڪمزور ڪندڙ ملڪ جا خيرخواهه نه آهن:وزير اعظم

    وزير اعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته قومي مفادن ۾ بلوچ اڳواڻن سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون جڏهنته گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا بابت ا هاڪاري اڳڀرائي ٿي آهي، بلوچستان صوبي ۾امن امان بابت ڪوئيٽا ۾ ڪوٺايل اهماجلاس کي خطاب ڪندي وزي اعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته بلوچستان ۾ امن امان جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ پاڻ هرمهيني بلوچستان جو دورو ڪندس،هن چيو ته وفاقي ڪابينا جو ايندڙ اجلاس ڪوئيٽا ۾ ٿيندو، سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته جمهوري حڪومت طرفان بلوچستان کي ڏنل آغاز حقوق پيڪيج تي عمل جاري آهي جيڪڏهن توهان کي اسان تي اعتبار ناهي ته وفاقي ڪابينا جو ايندڙ اجلاس ڪوئيٽا ۾ ڪرايو ويندو ۽ ان جي ايجنڊا صرف آغاز حقوق بلوچستان هوندو. هن چيو ته بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ هلندڙ ترقياتي ڪمن کي رولڙي جو شڪار ٿيڻ نه ڏينداسين، گورنر بلوچستان سان گڏجي صوبي ۾ امن امان جي حوالي سان پاليسيون جوڙيون آهن

    وڌيڪ پڙھو
  • ڪوئيٽا ۽ تربت ۾ فائرنگ، بي اين پي اڳواڻ سميت 5 ڄڻا قتل

    ڪوئيٽا ۽ تربت ۾ اڻ ڄاتل ماڻهن فائرنگ ڪري نيشنل پارٽي جي اڳواڻ سميت 3 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته ٻن بلوچن جا چچريل لاش به مليا آهن، واقعي خلاف ڪوئيٽا سميت مختلف علائقا بند ٿي ويا آهن. ميڊيا رپورٽن موجب ڪوئيٽا جي سيٽلائيٽ ٽائون ۾ فائرنگ ڪري محمد يوسف کي قتل ڪيو ويو، تربت ۾ اڻ ڄاتل ماڻهن هوٽل تي ويٺل نيشنل پارٽي جي ڊپٽي آرگنائيزر ڊاڪٽر نسيم جنگيان کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو، تربت جي هوشاب علائقي ۾ رسول بخش کي گوليون هڻي ماريو ويو. هوڏانهن اوٿل ۾ پوليس ٻن ڄڻن احمد خان سرڪنا ۽ طارق بلوچ سڪنا جا لاش هٿ ڪيا آهن، جن کي تشدد ۽ فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو. سندن منهن چچريل هئا، جن جو تربت سان تعلق ٻڌايو ويو آهي. جڏهن ته دشت جي علائقي ۾ ٻن ٺيڪيدارن کي اغوا ڪيو ويو آهي.

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button