بلوچستان

گم ٿيل ماڻهو وٺي اچو يا سمورا ايف سي ڪمانڊر عدالت ۾ گهرائينداسين: سپريم ڪورٽ

Chief Justice of Pakistan
چيف جسٽس آف پاڪستان
ڪوئيٽا: سپريم ڪورٽ حڪم ڏنو آهي ته گم ٿيل سمورن ماڻهن کي اڄ عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي يا ايف سي جي سمورن ڪمانڊرن کي عدالت ۾ طلب ڪيو ويندو، سپريم ڪورٽ جي ڪوئيٽا رجسٽري ۾ چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ بلوچستان ۾ بدامني خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، سپريم ڪورٽ وزيراعليٰ بلوچستان جي ڀاڻيج بابت جاچ رپورٽ رد ڪري ڇڏي، چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري بلوچستان ۾ امن امان بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن بلدياتي نظام هجي ها ته ماڻهن جا مسئلا حل ٿي وڃن ها، صوبائي عملدار بلوچستان مان ملندڙ لاشن جا مڪمل تفصيل تيار ڪري پيش ڪن، چيف جسٽس ايف سي جي وڪيل کي هدايت ڪئي ته هو يا ته گم ٿيل ماڻهن کي عدالت ۾ آڻي يا ايف سي جي سمورن ڪمانڊرس کي عدالت گهرائي چيف جسٽس ان ڳالهه تي حيرت جو اظهار ڪندي چيو ته ايف سي خضدار جي علائقي توتڪ ۾ گذريل سال ڪارروائي ڪئي، جنهن جو اتان جي انتظاميا کي به علم نه هو، ان ڳالهه جي تصديق عدالت ۾ موجود ڊي سي خضدار به ڪئي، چيف جسٽس ان ڳالهه تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڪوئيٽا ۾ ماڻهو ڪارن سيشن وارين گاڏين ۾ گهمن ٿا، جن ۾ هٿياربند محافظ به گڏ هوندا آهن، انهن کي ڪير به چيڪ ناهي ڪندو، بلوچستان ۾ اهو ڪم ٿي رهيو آهي، جيڪو پنهنجي زبان سان به نٿو چئي سگهان، سپريم ڪورٽ سڀ ڪجهه پنهنجي مٿان کڻي رهي آهي، ان موقعي تي چيف جسٽس ايف سي جي وڪيل کي چيو ته جيڪڏهن سڀاڻي ايف سي جي سڀني ڪمانڊرن کي گهرايو، انهن جي بيانن بعد حڪم ڏنو ته پوءِ اوهان ڇا ڪندو؟ ان ڪري سڀني کي عزت وارو رستو اختيار ڪرڻ گهرجي ۽ سمورا غلط ڪم بند ڪيا وڃن، اسان ڪنهن جا دشمن ناهيون، ايف سي جي وڪيل کي مخاطب ٿيندي چيف جسٽس چيو ته اوهان 2 ڪم ڪريو، يا گم ٿيل ماڻهو عدالت ۾ وٺي اچو يا سمورن ڪمانڊنٽس کي سڏايو، ايف سي جي وڪيل ٻڌايو ته آءِ جي ايف سي اسلام آباد ۾ آهي، ڊي آءِ جي ايف سي جي گهر تي حملو ٿيو آهي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته سڀني سان گهڻو ڪجهه ٿيو، ڪنهن جي گهر تي فائرنگ ٿي، پر ملزم گهمي رهيا آهن، ان تي ايف سي جي وڪيل عدالت کي استدعا ڪئي ته کيس هڪ ڏينهن جي مهلت ڏني وڃي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اوهان کي گهڻين شين جي صفائي ڏيڻي آهي، چيف جسٽس ايف سي جي وڪيل پاران ڪوبه گم ٿيل ماڻهو ايف سي وٽ نه هئڻ بابت ڏنل بيان تي چيو ته اهڙو بيان ايف سي ۽ مختيارڪار جي نااهلي آهي، شايد جاچ بعد انهن کي اسان گرفتار به ڪرائي وٺون، ان موقعي تي جسٽس خلجي عارف راجا ارشاد کي مخاطب ٿيندي پڇيو ته ڪهڙو سبب آهي جو هر ٻئي ۽ ٽئين ڪيس ۾ ماڻهو ايف سي کي شامل ڪن ٿا، ايف سي جي وڪيل چيو ته مآڻهن وٽ روزگار ناهي، عدم تحفظ جو شڪار آهن، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته سڀني کي خبر آهي ته هي اسان جو پنهنجو گهر آهي، نظام هلندا آهن، پارليامينٽ به ٽئين ڏينهن تي نئون وزيراعظم چونڊي ورتو، اليڪشن ڪمشنر به مقرر ڪيو ويو، هڪ موقعي تي چيف جسٽس چيف سيڪريٽري کان پڇاڻو ڪيو ته هر شخص پريشان ۽ مايوس ڇو آهي، جنهن تي چيف سيڪريٽري چيو ته اڳوڻي لوڪل باڊيز سسٽم صوبي کي ڪيترائي سال پٺتي ڌڪي ڇڏيو آهي، چيف جسٽس چيو ته بلوچستان ۾ پوليس مڪمل طور ختم ناهي ٿي، ڪڏهن اهو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته ماڻهن جا لاش ڇو ٿا ملن ۽ انساني جانين جي بي حرمتي نه ڪريو، خبر ناهي ته اسان سان ڇا ٿيڻو آهي، چيف جسٽس حڪم ڏنو ته ليويز کي ماڻهن جي گهرن جي ڊيوٽين تان واپس موٽايو وڃي. ميجر سيف نالي شخص بابت عدالت کي ٻڌايو ويو ته ان شخص جو رڪارڊ ڏيڻ کان نادرا انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان نالي سان ڪوبه ميجر ايم آءِ ۾ ناهي، ان موقعي تي ڪوئيٽا مان بازياب ٿيل مفتي عبدالوهاب به سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيو ۽ پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرايو، چيف جسٽس حب مان گم ٿيل عبدالرشيد ڪيس ۾ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کي نوٽيس جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڊيرا بگٽي کي نوگو ايريا بڻآيو ويو آهي، اتي حالتن جي بهتري لاءِ قبائلين کي اعتماد ۾ ورتو وڃي، اتي آٰءِ اي ڊي ۽ بارودي سرنگهن جو خاتمو آندو وڃي، ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ سي آءِ ڊي پوليس پاران وزيراعليٰ بلوچستان جي ڀاڻيج جي قتل جي واقعي بابت پيش ڪيل رپورٽ کي رد ڪري ڇڏيو ۽ آءِ جي پوليس بلوچستان کي طب ڪري ورتو، بعد ۾ ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي ڪئي وئي.
مانيٽرنگ ڊيسڪ

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button