بلوچستان

ڪوئيٽا ۽ تربت ۾ فائرنگ، بي اين پي اڳواڻ سميت 5 ڄڻا قتل

quetta spanڪوئيٽا( م ڊ) ڪوئيٽا ۽ تربت ۾ اڻ ڄاتل ماڻهن فائرنگ ڪري نيشنل پارٽي جي اڳواڻ سميت 3 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته ٻن بلوچن جا چچريل لاش به مليا آهن، واقعي خلاف ڪوئيٽا سميت مختلف علائقا بند ٿي ويا آهن. ميڊيا رپورٽن موجب ڪوئيٽا جي سيٽلائيٽ ٽائون ۾ فائرنگ ڪري محمد يوسف کي قتل ڪيو ويو، تربت ۾ اڻ ڄاتل ماڻهن هوٽل تي ويٺل نيشنل پارٽي جي ڊپٽي آرگنائيزر ڊاڪٽر نسيم جنگيان کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو، تربت جي هوشاب علائقي ۾ رسول بخش کي گوليون هڻي ماريو ويو. هوڏانهن اوٿل ۾ پوليس ٻن ڄڻن احمد خان سرڪنا ۽ طارق بلوچ سڪنا جا لاش هٿ ڪيا آهن، جن کي تشدد ۽ فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو. سندن منهن چچريل هئا، جن جو تربت سان تعلق ٻڌايو ويو آهي. جڏهن ته دشت جي علائقي ۾ ٻن ٺيڪيدارن کي اغوا ڪيو ويو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button