بدين

سنڌي ادبي بورڊ جو اڳوڻو چئيرمين ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو ھن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو

Badin Dr A.Jabbar Janazaبدين (سانوڻ خاصخيلي) سنڌ جو ناميارو اديب، مُحقق ۽ سنڌي ادبي بورڊ جو اڳوڻو چئيرمين ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو جيڪو گذريل 15 ڏينھن کان بيماري سبب ڪراچي جي لياقت نيشنل اسپتال ۾ داخل ھو، اڄ صبح جو فجر مھل 5 وڳين ڌاري دم ڌڻي حوالي ڪيو. سندس مڙھ ڪراچي کان بدين آندو ويو۽ کيس مقامي اولياءُ شاھ قادري ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو. مرحوم جي پوئينرن ۾ ھڪ بيواھ، ھڪ پُٽ ۽ 6 نياڻيون آھن. مرحوم ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو ڪافي عرصي کان گڙدن جي بيماري ۾ ورتل ھو. گذريل آچر واري ڏينھن کا ن ھُن جي طبيعت وڌيڪ خراب ٿي وڃڻ جي ڪري لياقت نيشنل اسپتال ڪراچي واري وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو ھو. مرحوم جي عمر 85 ورھين ھُئي. ھو 26 نومبر 1935ع ۾ بدين کان 12 ڪلوميٽر ساحلي پٽي واري ڳوٺ فتح محمد جوڻيجو ۾ جنم ورتو. ھُن جون سنڌي جي علم ۽ ادب لاءِ وڏيون خدمتون آھن. ھُن ابتدائي تعليم بدين مان حاصل ڪرڻ کانپوءِ سنڌ يونيورسٽي مان بي اي آنرس ۽ ايم اي سنڌي ڪرڻ سان گڏ “سنڌي شاعري تي فارسي جو اثر” جي عنوان سان پي ايڇ ڊي پُڻ ڪئي. 1962 کان سنڌ يونيورسٽي ۾ سنڌي واري شعبي سان لاڳاپيل رھيو. 1962 کان 1995تائين ھو سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي سان لاڳاپيل رھيو ۽ ڊين فيڪلٽي آف آرٽس تان 1995 ۾ رٽائرمنٽ ورتي ۽ ان کان پوءِ سندس علمي ۽ ادبي خدمتن جي مڃتا طور ھُن ڪي سنڌي ادبي بورڊ جو چئيرمين پُڻ بنايو ويو. ٻـ سال سنڌي ادبي بورڊ جو چئيرمين رھيو ۽ کيس 5 ٻولين تي عبورحاصل ھو. ھُن چيني ٻولي سڪڻ لاءِ ٻـ سال چائينـ ۾ بيجنگ يونيورسٽي مان ڊگري پُڻ حاصل ڪئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button