بدين

  • Ismail Rahu addressing press conference

    وڏي وزير کي کي هٽائڻ جو خواب ڪڏهن به پورو نه ٿيندو، محمد اسماعيل راهو

    زراعت واري وزير محمد اسماعيل راهو چيو آهي ته سنڌ جي ماڻهن جي چونڊيل حڪومت ۽ وڏي وزير کي کي هٽائڻ جو خواب ڏسندڙ غير جمهوري قوتن جو خواب ڪڏهن به پورو نه ٿيندو

    وڌيڪ پڙھو
  • بدين شهر ۾ وڌندڙ حد دخلين شهرين جو جئيڻ جنجال ڪري ڇڏيوانتظاميا بيوس بڻيل.بدين جي نوجوان وڪيل پاران ڪورٽ ۾ وڃڻ جو چتاءَ.

    بدين شهر ۾ وڌندڙ حد دخلين شهرين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، تقريبن ٻه لک جي برابر آدمشماري رکندڙ هن شهر ۾ انتظاميه نالي ڪا شيءَ نظر نٿي اچي، انهي لاءِ هن شهر جي هر ٻئي ٽئي دڪاندار جو سامان گدامن جي بدران روڊن تي رکيو ڇڏين، جنهن جي ڪري شهرين ۽ خاص ڪري اسڪول ايندڙ ويندڙ ٻارن کي رستي تان گذرندي پريشاني ٿيندي رهي ٿي. اڄ ڪالهه حد دخليون اهڙو مسئلو بڻجي ويو آهي، جو انتظاميه ڄڻ ته لاچار ۽ بيهوش هجي، جنهن ڪري بدين شهر جو نهايت اهم روڊ قائداعظم روڊ مڪمل قبضا مافيا جي ڪنٽرول ۾ آهي، حيدرآباد بس اسٽاپ روڊ تي گاڏن وارا، نسيم سٽي سينٽر کان شهيد بينظيرڀٽو پارڪ تائين موٽر سائيڪل شو روم وارن قبضوڪيو برقرار آهي. جڏهن ته انهي روڊ جي مهاڙئ ۾ ٻنهئ طرفن کان فرنيچر ۽ اليڪٽرانڪس دڪانن وارا پنهنجو سمورو سامان روڊ تي رکي ٻنهي طرفن کان ٽي چار فوٽ روڊ والاري ڇڏين ٿا، جنهن سبب روڊ تي ٽريفڪ سدائين جام رهي ٿي .

    وڌيڪ پڙھو
  • بدين جي ٻن نوجوانن شيراز شاهه ڪاظمي ۽ نجيل شاهه جي بازياب لاءِ موٽر سائيڪل ڊيلر ايسوسيئيشن بدين پاران احتجاجي بک هڙتال.

    24 نومبر 2011 تي بدين شهر ۾ موٽر سائيڪل جو ڪاروبار ڪندڙ شيراز شاهه ۽ سندس ڀائيٽو نجيل شاهه ڪراچي ويندي رستي مان اغوا ٿي ويا جن جي ڪار سجاول شهر ڀرسان پوليس کي هٿ آئي آهي. ڪيترائي ڏينهن گذرڻ جي باوجود شيراز شاهه ڪاظمي ۽ نجيل شاهه ڪاظمي جي بازياب نه ٿيڻ جي ڪري سندس وارثن ۽ موٽر سائيڪل ڊيلر ايسوسيئيشن بدين پاران احتجاجي بک هڙتال ڪئي. موٽر سائيڪل ڊيلر ايسوسيئيشن جي صدر طارق عزيز ميمڻ، جنرل سيڪريٽري شجاعت حسين خواجه، انيس ميمڻ، ممتاز پنهور اغوا ٿيندڙ ٻنهي نوجوانن جي بازيابي لاءِ بدين ۽ ٺٽي ضلع جي پوليس جي رويي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته پوليس جي اهڙي عمل کانپوءِ بدين جا هزارين واپاري ۽ شهري پاڻ کي غير محفوظ سمجهن ٿا.

    وڌيڪ پڙھو
  • مقامي نوجوان بدين ضلع ۾ ڪم ڪندڙ عالمي ادارن ۽ سوين اين جي اوز ۾ روزگار کان محروم

    بدين ۾ هن وقت 30 کان مٿي عالمي ڊونر ادارا ۽ سوين اين جي اوز مختلف پروجيڪٽن تي ڪم ڪري رهيون آهن. جنهن ۾ مقامي بيروزگار نوجوانن کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي. انهي خيالن جو اظهار بدين نوجوان فورم جي اڳواڻ عبدالرشيد گاڏاهي ۽ عبدالڪريم نهڙيو انڊس نيوز سان ڳالهائيندي ڪيو. انهن چيو هن وقت بدين ۾ مختلف انٽر نيشنل اين جي اوز ۽ نيشنل اين جي اوز جا بدين ۾ ڪئي پروجيڪٽ هلن پيا، انهن پروجيڪٽن ۾ بدين جي پڙهيل لکيل نوجوانن کي ڇڏي ڪري پنجاب ، ڪشمير، پختونخوا ۽ اندروني پاڪستان جي ٻين علائقن جي نوجوانن کي گهرائي رکيو ٿو وڃي، جڏهن ته اتي جا مقامي نوجوانن ڊگريون کڻي انهن جي آفيسن جا ڌڪا کائيندا ٿا وتن. اهي اين جي اوز جيڪي پاڻ کي سماج سڌارڪ ۽ انسان دوست سڏرائي رهيون آهن. سي خود انساني حقن جي خلاف ورزي ڪري رهيا آهن. من پسند ماڻهن کي روزگار ڏئي هتي جي مقامي نوجوانن سان نارواءَ سلوڪ ڪري رهيا آهن، انهي سلسلي ۾ بدين جا ڪيترا ئي نوجوان انهن اين جي اوز جي اهڙي عمل جي ڪري ڪورٽ ۾ ويا آهن

    وڌيڪ پڙھو
  • بدين ۾ ايس ايم سي جي فند ۾ 52000 هزار روپين جِي فراڊ جو انڪشاف

    ايس ايم سي جي فند ۾ 52000 هزار روپين جِي فراڊ جو انڪشاف . لاشاري برداري پاران بدين شهر ۾ احتجاج ۽ ڌرڻو. تعليم کاتو بدين ۽ بينڪ انتظاميه به ملوث قرار. اينٽي ڪرپشن بدين کان جاچ جو مطالبو. خبر موجب ڳوٺ خوشحال سولنگي يونين ڪائونسل ڀڳڙاميمڻ جي ڳوٺاڻن مولابخش لاشاري ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته اسان جي ڳوٺ جي گورنمينٽ پرائمري اسڪول خوشحال سولنگي جي هيڊ ماستر دلدار ٽالپور 52000 هزار روپيه ايس ايم سي جي فند مان لڪ چورئ ۾ ڪڍي هڙپ ڪري ويو آهي. ڳوٺاڻن پريس ڪلب بدين اڳيان داهيندي چيو ته اسان هيڊ ماستر جي ٺڳئ جي عدالت سڳوري ۾ شڪايت به ڪئي، جنهن تي سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن بدين پاران انڪوائري به هلي رهي آهي پر جيئن ته هن کي بااثر ماڻهو جي پٺڀرائي حاصل آهي تنهن ڪري هو مختلف حربا هلائي ڪيس تي اثر اندازٿي رهيو آهي جنهن ۾ هن کي سياسي پارٽين ۽ استادن جي يونين جو ساٿ مليل آهي .هو ميڊيا وسيلي به معاملي جو رخ بدلائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • متحده دهشت گردن جو ٽولو آهي، وڏو وزير آپريشن ۾ رڪاوٽ آهي: ذوالفقار مرزا

    متحده قومي موومينٽ بدين جي اڳوڻي زونل انچارج ۽ صوبائي صلاحڪار غلام مرتضيٰ ميمڻ پنهنجن 200 کان وڌيڪ ساٿين سان گڏ جي مورجهر فارم هائوس تي اڳوڻي صوبائي وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا سان ملاقات ڪري ايم ڪيو ايم جي بنيادي ميمبر شپ کان استعيفيٰ ڏيئي پيپلز پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪندي ڊاڪٽر زوالفقار علي مرزا طرفان ڪراچي ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ دهشت گردي خلاف جنگ ڪرڻ جي اعلان جي حمايت ڪئي آهي، هن موقعي تي پنگريو، ٽنڊوغلام علي، نندو شهر ۽ ٻين يونتن جا عهديدار ميرعارف ٽالپر، زونل ميمبر حبيب الله کٽي، عبدالرشيد ڀٽي، عطا چانڊيو، عبدالحميد قريشي، جميل احمد ملاح، محمد عمر ميمڻ ۽ ٻيا ڪيترائي اڳواڻ موجود هئا، هن موقعي تي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو ته هنن نوجوانن کان غلطي ٿي ۽ هو ايم ڪيو ايم ۾ شامل ٿيا، مون ايم ڪيو ايم جو دهشت گرد ۽ سنڌ دشمن چهرو دنيا اڳيان وائکو ڪيو، جنهن کانپوءِ هي نوجوان ايم ڪيو ايم ڇڏي واپس پ پ ۾ آيا آهن، پ پ سندن گهر آهي، هنن جيان سنڌ جي ٻين نوجوانن کي به احساس ٿيو آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • برسات بدين ضلعي جي ننڍن توڙي وڏن شھرن ۽ ڳوٺن کي مڪمل تباھ ڪري ڇڏيو، سرڪار کان مدد جي گھر

    تازو پوندڙ برساتن بدين ضلعي جي ننڍن توڙي وڏن شهرن ۽ ڳوٺن کي مڪمل طرح تباهـ ڪري ڇڏيو. لکين ماڻهن تي مُشتمل آبادي عورتون’ ٻارڙن سميت لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور. ڦٽين’ سارين ۽ ڀاڄين سميت مڪمل فصل تباهـ. پالتو مال بـ بُک ويگهي مرڻ لڳو. سيراڻي’ ڪڊڻ’ نندو’ ترائي’ احمد راڄو’ لنواري شريف’ ٻهڊمي’ کوسڪي ۽ شادي لارج سميت لکين ماڻهن تي مُشتمل آبادي گورنمنٽ جي اسڪولن’ ڪاليجن ۽ اسپتالن ۾ پاڻمُرادو ڪيمپون قائم ڪري رهڻ لڳا. گورنمنٽ کان فوري سار سنڀال لهڻ جي گُهر. تفصيل مُطابق گُذريل ڪجهـ ڏينهن کان مُسلسل بارش پوڻ ڪري بدين ضلعي جا ننڍا توڙي وڏا شهر ۽ ڳوٺ پاڻي ھيٺ اچي ويا آھن جنهنجي ڪري لکين ماڻھون لڏپلاڻ ڪري سرڪاري عمارتن ۾ پاڻمُرادو ڪئمپون قائم ڪري رھڻ تي مجبور ٿي ويا آھن.

    وڌيڪ پڙھو
  • بدين ۾ رمضان شريف جي شروع ٿيڻ سان ئي واپارين اگھ چوٽ چاڙھي ڇڏيا، انتظاميـ خاموش

    رمضان شريف جي شروع ٿيڻ سان ئي واپارين جون من مستيون وڌي ويون. عام واهپي جي شين جي اگھن ۾ ٻيڻ تي واڌ. ضلعي انتظاميـ خاموش تماشائي بڻيل! تفصيل مُطابق ڀلاري مهيني رمضان شريف جي ابتدا ۾ ئي بدين جي واپارين جا وارائي نيارا ٿي ويا. ڀلاري مهيني دوران روزمره جي ڪتب ايندڙ وارين شين جا اگھـ هٿرادو ٻيڻ تي وڌائي ڇڏيا. ان سلسلي ۾ خبر مُطابق شهر ۾ مرغي 220 روپيـ ڪلو مان وڌائي 260 روپيـ ڪلو؛ وڏو گوشت 200 مان وڌائي 230 روپيـ ڪلو۽ مڇي 200 مان وڌائي 300 روپيا ڪلو وڪامجڻ شروع. ساڳين طرح صوف 80 مان ڌائي 140 روپيـ ڪلو؛ توريون’ ڀينڊيون’ ميها’ گوار سميت ڀاڄين جي اگهن ۾ 15 کان 30 روپيا في ڪلو تي واڌ ڪئي ئي آهي. جنهن جي ڪري عام رزيدار ۽ غريب عوام سخت پريشاني جو شڪار آهن.

    وڌيڪ پڙھو
  • ٽارگيٽ ڪلنگ دوران بدين جي ٻن ڀائرن مرتضيٰ ۽ صفدر شيدي جي مارجڻ خلاف اڄ بدين ۾ ھڙتال

    ڪراچي جي وڳوڙن ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ دوران بدين جي ٻن ڀائرن مرتضيٰ ۽ صفدر شيدي جي مارجڻ خلاف بدين ۾ هتان جي سياسي ۽ سماجي ڌرين پارهن ڏنل هڙتال واري سڏ تي شهر مڪمل بند رهيو ۽ ٽرانسپورٽ پڻ بند رهيو. جڏهن تـ سياسي ۽ سماجي ڌرين توڙي شيدي برادري جي ڪارڪن سڄو ڏينهن شهر جو گشت ڪري ڪاروبار بند رکيو. ڌرين پاران هڪ احتجاجي ريلي حيدرآباد روڊ؛ بدين کان ڪڍي وئي جنهن ۾ عوامي تحريڪ؛ پاڪستان مُسلم ليگ (ن) پيپلز پارٽي؛ ترقي پسند پارٽي؛ جسقم؛ جسمم ۽ ٻين پارٽين جي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو تـ سنڌي نوجوانن جا لاش موڪلڻ بند ڪيا وڃن

    وڌيڪ پڙھو
  • نئون نظام! بدين جون سرڪاري آفيسون ويران ۽ عوام پريشان

    نئون نظام! بدين جون سرڪاري آفيسون ويران ۽ عوام پريشان. تفصيل موجب حڪومت سنڌ طرفان صوبي ۾ ڪمشنري، پوليس ۽ بلديات جي پراڻي نظام جي بحالي واري آڊينينس جاري ڪري اسيمبلي مان پاس ڪرائڻ ڪان پوءِ 10جولاءِ ڪان بدين جي سمورين صوبائي ۽ ضلع گورمينٽ جي آفيسن ۾ گذريل 8 ڏينهن ڪان سرڪاري ڪم ڪار ٺپ ٿي ويو آهي. ضلع مان 12 اي ڊي اوز۽ ڊي اوزجون پوسٽون ختم ٿيڻ سبب آفيسن ۾ ويراني ڇانيل آهي. بدين جو ڊي سي او آغا واصف عباس جيڪو گذريل 4 مهينن ڪان ٽريننگ تي ويل آهي ذريعن موجب سندس موڪل 16 جولاءِ 2011 تي ختم ٿيڻي هئي پر اڃا تائين ڊي سي جي چارج سنڀالي نـه سگهيو آهي. جڏهن تي ضلع مان ختم ڪيل پوسٽن تي مقرر ڪامورا نئين سيٽ اپ ۾ جڳھ ٺاهڻ لاءِ پهنجين آفيسن مان غائب هئڻ سبب عوام سخت پريشان آهي

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button