بدين

ٽارگيٽ ڪلنگ دوران بدين جي ٻن ڀائرن مرتضيٰ ۽ صفدر شيدي جي مارجڻ خلاف اڄ بدين ۾ ھڙتال

Protest sit in against taget king in Karachiبدين (سانوڻ خاصخيلي): ڪراچي جي وڳوڙن ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ دوران بدين جي ٻن ڀائرن مرتضيٰ ۽ صفدر شيدي جي مارجڻ خلاف بدين ۾ هتان جي سياسي ۽ سماجي ڌرين پارهن ڏنل هڙتال واري سڏ تي شهر مڪمل بند رهيو ۽ ٽرانسپورٽ پڻ بند رهيو. جڏهن تـ سياسي ۽ سماجي ڌرين توڙي شيدي برادري جي ڪارڪن سڄو ڏينهن شهر جو گشت ڪري ڪاروبار بند رکيو. ڌرين پاران هڪ احتجاجي ريلي حيدرآباد روڊ؛ بدين کان ڪڍي وئي جنهن ۾ عوامي تحريڪ؛ پاڪستان مُسلم ليگ (ن) پيپلز پارٽي؛ ترقي پسند پارٽي؛ جسقم؛ جسمم ۽ ٻين پارٽين جي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو تـ سنڌي نوجوانن جا لاش موڪلڻ بند ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ سنڌ ڌڻي جيڪڏهن جاڳيا تـ پوءِ سازشين جي لاءِ ڌرتي تنگ ڪئي وئندي. انهي موقعي تي شاهنواز سيال؛ علي احمد جوکيو؛ ساگر شيدي؛ راشد شيدي ۽ ٻين اڳواڻن پڻ خطاب ڪيو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button