بدين

وڏي وزير کي کي هٽائڻ جو خواب ڪڏهن به پورو نه ٿيندو، محمد اسماعيل راهو

پ پ پ جمهوريت پسند پارٽي آهي هو غير جمهوري کي مُنهن ڏيڻ ڄاڻي ٿي

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، بدين

Ismail Rahu addressing press conference
اسماعيل راھو پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي

زراعت واري وزير محمد اسماعيل راهو چيو آهي ته سنڌ جي ماڻهن جي چونڊيل حڪومت ۽ وڏي وزير کي کي هٽائڻ جو خواب ڏسندڙ غير جمهوري قوتن جو خواب ڪڏهن به پورو نه ٿيندو صوبائي وزير چيو ته پ پ پ جمهوريت پسند پارٽي آهي هو غير جمهوري کي مُنهن ڏيڻ ڄاڻي ٿي اهڙن غير جمهوري هٿ ڪنڊن کان ڊڄڻ وارا ناهن هن چيوته پ پ پ ۾ ڪوبه فارورڊ بلاڪ نه پيو ٺهي سڀ چونڊيل نمائندا متحد آهن آهن ۽ انهن جو پنهنجي قيادت تي اعتماد آهي هن چيوته پي ٽي آئي ج وفاقي حڪومت جو پنهنجو بنياد چند ڪمزور سِرن تي بيٺل آهي اها هڪ جهٽڪي تي هٽائي سگهجي ٿي پر پ پ پ اهڙي راند جو حصو نه بڻجڻ نه ٿي چاهي سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي نٿو ڏنو وڃي جنهن جي ڪري پاڻي جي سخت کوٽ پيدا ٿي آهي سنڌ حڪومت وفاق جي اهڙي ٻه اکيائي هرگز برداشت نه ڪندي هن چيو ته چيئرمين پيپلزپاٽي بلاول ڀٽو جو موقف شهيد راڻي محترمه بنظير ڀٽو وانگر بلڪل صاف ۽ چٽو آهي ته اسان کي عام ماڻهن جي زندگي کي بهتر بنائڻو آهي هن دربارهال بدين ۾ ضلعي بدين جي مختلف مسئلن جي حل ۽ هلندڙ اسڪيمن بابت ڄاڻ وٺڻ لاءِ مختلف کاتن جي آفيسرن سان سڏايل گڏجاڻي ۽ صحافين سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت هلندڙ سال پاڻي جي کوٽ کي نظر ۾ رکندي 1650 واٽر ڪورس پڪا ڪرائي رهي آهي گڏجاڻي ۾ ايم پي اي ميرغلام علي ٽالپر ايم پي اي بشير احمد هاليپوٽو ايم پي اي بدين تاج محمد ملاح ايم پي اي تنزيلا قمبراڻي ڊپٽي ڪمشنر بدين حفيظ احمد سيال ايس ايس پي بدين حسن سردار نيازي کان سواءِ ٻين کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي ان موقعي تي زراعت واري صوبائي وزير محمد اسماعيل راهو چيو ته گڏجاڻي جو مقصد ته اسان کاتن ۽ آفيسرن جي ڪارگردگي مان مطمئن نه آهيون ۽ ضلعي ۾ موجود مسئلن کي گڏجي حل ڪرڻ آهي ۽ هر مهيني اهڙيون گڏجاڻيون ڪري سرڪاري کاتن جي آفيسرن کان انهن جي ڪم ۽ پروگريس بابت پڇاڻو ڪيو ويندو ۽ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي هن وڌيڪ چيو ته پاڻي جي کوٽ جي ڪري بدين ضلعي جا 80 سيڪڙو کان وڌيڪ ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ واري زندگي گذاري رهيا آهن سمورا آفيسر پنهنجي حصي جو ڪم سچائي ۽ ايمانداري سان ڪن عام ماڻهن جا مسئلا حل ڪري انهن کي وڌ کان وڌ فائدو ڏين هاڻي ڪوتاهي ڪندڙ آفيسرن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو هن زراعت آبپاشي صحت ۽ پبلڪ هيلٿ کاتي جي آفيسرن کان ڄاڻ ورتي ۽ انهن کي موقعي تي ئي حڪم ڏنو ته غيرمعياري ٻج ۽ ڀاڻ وڪرو ڪندڙ ڪمپنين خلاف قانوني ڪاروائي ڪري انهن جو وڪرو بند ڪرايو وڃي هن چيو ته صوبائي سطح تي هڪ اسپيشل ٽيم جوڙي رهيا آهيون جيڪا غيرمعياري ٻج ڀاڻ ۽ دوائون وڪرو ڪندڙ ڪمپنين خلاف ڪم ڪندي آفيسرن سان گڏجاڻي بعد صوبائي وزير چيو ته سنڌ حڪومت پاڻي جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺي رهي آهي ۽ ٻيا مسئلا پڻ جلد حل ڪيا ويندا هن وڌيڪ چيوته اڪرم واھ تان 80 غير قانوني واٽر ڪورس پائپ ۽ لفٽ مشينون هٽايون آهن باقي ڪجھ رهيل آهن جلد ئي انهن خلاف ڪاروائي ڪري هٽايون وينديون

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button