بدين

متحده دهشت گردن جو ٽولو آهي، وڏو وزير آپريشن ۾ رڪاوٽ آهي: ذوالفقار مرزا

Mirza1بدين: متحده قومي موومينٽ بدين جي اڳوڻي زونل انچارج ۽ صوبائي صلاحڪار غلام مرتضيٰ ميمڻ پنهنجن 200 کان وڌيڪ ساٿين سان گڏ جي مورجهر فارم هائوس تي اڳوڻي صوبائي وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا سان ملاقات ڪري ايم ڪيو ايم جي بنيادي ميمبر شپ کان استعيفيٰ ڏيئي پيپلز پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪندي ڊاڪٽر زوالفقار علي مرزا طرفان ڪراچي ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ دهشت گردي خلاف جنگ ڪرڻ جي اعلان جي حمايت ڪئي آهي، هن موقعي تي پنگريو، ٽنڊوغلام علي، نندو شهر ۽ ٻين يونتن جا عهديدار ميرعارف ٽالپر، زونل ميمبر حبيب الله کٽي، عبدالرشيد ڀٽي، عطا چانڊيو، عبدالحميد قريشي، جميل احمد ملاح، محمد عمر ميمڻ ۽ ٻيا ڪيترائي اڳواڻ موجود هئا، هن موقعي تي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو ته هنن نوجوانن کان غلطي ٿي ۽ هو ايم ڪيو ايم ۾ شامل ٿيا، مون ايم ڪيو ايم جو دهشت گرد ۽ سنڌ دشمن چهرو دنيا اڳيان وائکو ڪيو، جنهن کانپوءِ هي نوجوان ايم ڪيو ايم ڇڏي واپس پ پ ۾ آيا آهن، پ پ سندن گهر آهي، هنن جيان سنڌ جي ٻين نوجوانن کي به احساس ٿيو آهي ۽ انهن غيرت مند نوجوانن کي اپيل ڪريان ٿو ته اهي به مرتضيٰ ميمڻ جيان همت ۽ مڙسي جو مظاهرو ڪري ايم ڪيو ايم کان استعيفيٰ ڏيڻ ڇو ته هو هاڻ متحده ناهي رهي هو فقط دهشت گردن جو ٽولو آهي، جيڪو بيگناهه ماڻهن جي قتل عام ۾ ملوث آهي ۽ اهو ٽولو پاڻ کي ڀلي سنڌي سڏائي پر اندر ۾ سنڌين جو سڀ کان وڏو ازلي دشمن بنيل آهي. هوڏانهن هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي ذوالفقار مرزا چيو ته نظاماڻي عيد تي ئي بدين ضلعي ۾ نٿو اچي، نواز چانڊيو ٿي سگهي ٿو گهڻي ٻڏل علائقي ۾ موجود هجي جتي سندس رڳو ڪنڌ نظر ايندو هجي جيڪو مون کي نظر نٿو اڇي. هن چيو ته سراج دراني ويجهو دوست آهي. ان به مايوس ڪيو آهي، خواب وساڻ اڻ پڙهيل وڏو آهي، گهرو وزير ۾ بي کيسي ۾ پئسا وجهندو ته پوءِ ڏوهارين کي گرفتار ڪندو. وڏو وزير ڏوهارين خلاف آپريشن ۾ رڪاوٽ آهي
مانيٽرنگ ڊيسڪ

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button