بدين

مقامي نوجوان بدين ضلع ۾ ڪم ڪندڙ عالمي ادارن ۽ سوين اين جي اوز ۾ روزگار کان محروم

Badinبدين ( اسلم نهڙيو) بدين ۾ هن وقت 30 کان مٿي عالمي ڊونر ادارا ۽ سوين اين جي اوز مختلف پروجيڪٽن تي ڪم ڪري رهيون آهن. جنهن ۾ مقامي بيروزگار نوجوانن کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي. انهي خيالن جو اظهار بدين نوجوان فورم جي اڳواڻ عبدالرشيد گاڏاهي ۽ عبدالڪريم نهڙيو انڊس نيوز سان ڳالهائيندي ڪيو. انهن چيو هن وقت بدين ۾ مختلف انٽر نيشنل اين جي اوز ۽ نيشنل اين جي اوز جا بدين ۾ ڪئي پروجيڪٽ هلن پيا، انهن پروجيڪٽن ۾ بدين جي پڙهيل لکيل نوجوانن کي ڇڏي ڪري پنجاب ، ڪشمير، پختونخوا ۽ اندروني پاڪستان جي ٻين علائقن جي نوجوانن کي گهرائي رکيو ٿو وڃي، جڏهن ته اتي جا مقامي نوجوانن ڊگريون کڻي انهن جي آفيسن جا ڌڪا کائيندا ٿا وتن. اهي اين جي اوز جيڪي پاڻ کي سماج سڌارڪ ۽ انسان دوست سڏرائي رهيون آهن. سي خود انساني حقن جي خلاف ورزي ڪري رهيا آهن. من پسند ماڻهن کي روزگار ڏئي هتي جي مقامي نوجوانن سان نارواءَ سلوڪ ڪري رهيا آهن، انهي سلسلي ۾ بدين جا ڪيترا ئي نوجوان انهن اين جي اوز جي اهڙي عمل جي ڪري ڪورٽ ۾ ويا آهن، بدين جي نوجوانن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته اسان سان انصاف ڪري مقامي بيروزگار نوجوانن کي روزگار ڏنو وڃي ٻئي صورت ۾ اسين احتجاج ڪنداسين .ٻاهران آيل اين جي اوز ۾ مقامي ماڻهن نه هئڻ جي ڪري فوڊ ڊسٽريبوشن واري عمل ۾ به بد عنواني کي رد نٿو ڪري سگهجي ڪيترن ئي ماڻهن کي ٻه ٻه ٽي ٽي دفعا راشن مليو ته وري ڪنهن کي هڪ دفعو به نه مليو. ڪئي سرندي وارن ماڻهن کي انهن اين جي اوز جي طرفان گهڻو ڪجهه مليو ته ڪئي غريب ڏسندا رهيجي ويا. انهي لاءِ اهڙن ڪمن ۾ مقامي ماڻهن جو هئڻ ضروري آهي، جنهن کي اهي ڊونر ادارا ۽ ٻاهران آيل اين جي اووز مقامي بيروزگار نوجوانن کي نظر انداز ڪري رهيا آهن، جنهن جي ڪري انهي ۾ احساس محرومي پکيڙجي رهي آهي. انهن نوجوانن وس وارن ادارن ۽ اعليٰ عدالتن کان اپيل ٿا ڪن ته مقامي نوجوانن جي حق جي لتاڙ ڪندڙن انهن ڊونر ادارن ۽ اين جي اوز کي پابند ڪن ته مقامي بي روزگار نوجوانن کي روزگار ڏين.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button