بدين

  • گرھڙي شاخ سميت ساحلي پٽي جي پوڇڙ تي ڪيترن ئي مھينن کان پاڻي جي کوٽ برقرار

    گرھڙي شاخ سميت ساحلي پٽي جي پوڇڙ تي ڪيترن ئي مھينن کان پاڻي جي کوٽ برقرار. سوين ايڪڙن تي پوکيل سارين جي آبادي سُڪڻ لڳي. ايس ڊي او ايريگيشن ۽ سندس عملو رشوت عيوض پاڻي ويڪرو ڪرڻ لڳا. عوامي حڪومت ان سلسلي ۾ لا علم بڻيل. تفصيل موجب اڄ صبح وڇڙ جي سوين زميندارن پريس ڪلب بدين جي اڳيان احتجاج ڪندي مين روڊ ڪلاڪ لاءِ بلاڪ ڪري ڇڏيو جنھن جي ڪري ڪلاڪ لاءِ سوين گاڏيون بيھجي ويون. مُظاھرين کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو تـ ايس ڊي او ايريگيشن گولاڙچي ۽ سندس عملو رشوت عيوض پاڻي ويڪرو ڪري رھيو آھي. ھنن مُطالبو ڪندي چيو تـ پُڇڙ جي زميندارن سان ظلم ڪندڙ ايس ڊي او ايريگيشن گولاڙچي ۽ سندس عملي کي فورن مُعطل ڪندي ساحلي پٽي جي پوڇڙ تائين پاڻي پُھچايو وڃي.

    وڌيڪ پڙھو
  • نندو شھر ۾ زيادتي جو شڪار ٿيل 9 سالن جي نينگري

    ھن ٻارڙي سان ھڪ وڏيري جي پٽ زيادتي ڪئي، ھن جو تعلق ھڪ غريبي ڪٽنب سان آھي ھن خاندان کي مالي سھائتا جي اشد ضرورت آھي.

    وڌيڪ پڙھو
  • سنڌي ادبي بورڊ جو اڳوڻو چئيرمين ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو ھن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو

    سنڌ جو ناميارو اديب، مُحقق ۽ سنڌي ادبي بورڊ جو اڳوڻو چئيرمين ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو جيڪو گذريل 15 ڏينھن کان بيماري سبب ڪراچي جي لياقت نيشنل اسپتال ۾ داخل ھو، اڄ صبح جو فجر مھل 5 وڳين ڌاري دم ڌڻي حوالي ڪيو. سندس مڙھ ڪراچي کان بدين آندو ويو۽ کيس مقامي اولياءُ شاھ قادري ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو. مرحوم جي پوئينرن ۾ ھڪ بيواھ، ھڪ پُٽ ۽ 6 نياڻيون آھن. مرحوم ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو ڪافي عرصي کان گڙدن جي بيماري ۾ ورتل ھو. گذريل آچر واري ڏينھن کا ن ھُن جي طبيعت وڌيڪ خراب ٿي وڃڻ جي ڪري لياقت نيشنل اسپتال ڪراچي واري وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو ھو. مرحوم جي عمر 85 ورھين ھُئي. ھو 26 نومبر 1935ع ۾ بدين کان 12 ڪلوميٽر ساحلي پٽي واري ڳوٺ فتح محمد جوڻيجو ۾ جنم ورتو. ھُن جون سنڌي جي علم ۽ ادب لاءِ وڏيون خدمتون آھن.

    وڌيڪ پڙھو
  • بدين پوسٽ عملي ” انڪم سپورٽ پروگرام“ کي ڪمائي جو ذريعو بڻائي ڇڏيو

    بدين پوسٽ عملي ” انڪم سپورٽ پروگرام“ ڪي ڪمائي جو ذريعو بڻائي ڇڏيو. حڪومت پاران انڪم سروي بعد منظور ڪيل رقم مان وڏي پئماني تي ڪٽوتي! هيڊ پوسٽ آفيس جي پوسٽ ماسٽر في فارم تي200 ڪان 500 روپيا مقرر ڪري ٽپالين ڪي ڦرلٽ ڪرڻ جي ڪلي ڇوٽ ڏئي ڇڏي. جڏهن تھ ٽپالين پنهنجا خانگي ماڻهو مقرر ڪري غريبن ڪي ڦرڻ لڳا. انهي سلسلي ۾ معلومات موجب ذريعن ڪان پتو پيو آهي تھ ” بي نظير انڪم سپورٽ پروگرام“ جڏهن ڪان شروع ٿيو آهي تڏهن ڪان پوسٽ آفيس عملي پاران رشوت جي بازار گرم ڪري ڇڏي آهي ۽ بي پهچ ۽ غريب مستحقين جي آيل رقم مان وڏي پئماني تي ڪٽوتي ڪندا رهندا آهن.

    وڌيڪ پڙھو
  • بدين کي ڏوهن کان پاڪ ۽ پاڪستان جو ماڊل ضلعو بڻايو پيو وڃي: ڊاڪٽر فهميده مرزا

    وقتي صدر ۽ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ڊاڪٽر فهميده مرزا چيو آهي ته بدين کي ڏوهن کان پاڪ ۽ پاڪستان جو ماڊل ضلعو بڻايو پيو وڃي . اهڙن خيالن جو اظهارهن اڄ سول اسپتال بدين ۾ 29 ملين رپين جي لاڳت سان قائم ڪيل سرجيڪل بلاڪ جو افتتاح ڪندي ڪيو _ هن چيو ته بدين کي ماضي جي حڪومت تمام گهڻو نظر انداز ڪيو، ڇاڪاڻ ته هتان جي ماڻهن پاڪستان پيپلزپارٽي جي اميدوارن کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪرايو هو _ هن سرجيڪل بلاڪ ۾ اکين جو شعبو ، ڊائلاسزز ۽ دل جي آپريشن جا جديد شعبا قائم ڪيا ويا آهن جڏهن ته صحت کاتي کي 12 ايمبولينس پڻ فراهم ڪيون آهن. هن چيو ته اسپتال ۾ هيپاٽائيٽس بي ، سي ۽ اي آر وي (ڪتي جي چڪ) جي سئي وافر مقدار ۾ فراهم ڪيون ويون آهن _ هن ڊاڪٽرن جي کوٽ جي حوالي سان ضلعي حڪومت بدين کي حڪم ڪيو ته اکين جو سرجن ،جنرل سرجن، گائنا ڪالاجسٽ ۽ آرٿوپيڊڪ ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ڪيا وڃن ته جيئن عوام کي صحت جون گهربل سهولتون فراهم ڪري سگهجن

    وڌيڪ پڙھو
  • صحت جون بنيادي سهولتون غريب ماڻهن کي مهيا ڪري ڏنيون پيون وڃن: ڊاڪٽر فهميده مرزا

    وقتي صدر ء اسپيڪر قومي اسيمبلي ڊاڪٽر فهميده مرزا بدين جي دوري دوران بدين پوليس لائين ۽ اسپتال جو دورو ڪيو. جڏهن تـ گولاڙچي شهر ۾ روڊ جي تعميرمڪمل ٿيڻ جو افتتاح ۽ ڪور واھ شهر ۾ سئي گيس جي فراهمي جو افتتاح ڪيو. وقتي صدر ڊاڪٽر فهميده مرزاچيو تـ موجوده حڪومت عوام جي بنيادي مسلن ڪان چگي ريت واقف آهي. جنهن ڪري وڌ ۾ وڌ گئس فراهم ڪري ماڻهن ڪي بنيادي سهولتون ڏنيون پيون وڃن جنهن ۾ هيل تائين 83 ڪروڙ روپين جون اسڪيمون شامل آهن جنهن تي ڪم جاري آهي جنهن سان بدين جي ماڻهن جي قسمت ڪلي ويندي هن چيو ته صحت جون بنيادي سهولتون به غريب ماڻهن ڪي مهيا ڪري ڏنيون پيون وڃن ان موقعي تي ڊاڪٽر ذولفقار مرزا ڪمال خان چانگ ۽ ٻيا موجود هئا.

    وڌيڪ پڙھو
  • لاڙ ۾ پاڻيءَ کوٽ برقرار ، سوين ايڪڙن تي بيٺل فصل متاثر،آبادگارن جو احتجاج

    لاڙ ۾ پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي آهي، جڏهن ته آبپاشي کاتي جي عملدارن پاران اڄ خيرپور گنبو سب ڊويزن جي 8 شاخن ۾ پاڻي ڇڏڻ جي خاطري باوجود شاخن ۾ اڃا تائين پاڻي نه ڇڏيو ووي اهي، آبپاشي کاتي ڏسو صفحو3 نمبر 33 نصير سب ڊويزن جي انجينئر مير غلام علي ٽالپر ۽ روهڙي ڪئنال جي سپرنٽينڊنٽ انجنيئر عبدالعزيز جوڻيجي گذريل ڏينهن ملڪاڻي شريف ويجهو ٽن ڏينهن کان ڌرڻو هڻي ويٺل آبادگارن سان ڳالهيون ڪري لاڙ جي 8 شاخن ۾ اڄ پاڻي ڇڏڻ جي خاطري ڪرائي هئي، جنهن کانپوءِ آبادگارن پاران ڌرڻو ختم ڪيو ويو هو، آبپاشي کاتي جي ٻنهي عملدارن جي آبادگارن کي خاطري ڪرائي هئي، جرڪس شاخ، کوسڪي، سانگي، آچل پور، بسران ۽ ٻنگار شاخ سميت لاڙ جي 8 شاخن ۾ اڃا تائين پاڻي نه پهتو آهي ۽ لاڙ جي ڪتيرن ئي واهن ۽ شاخن ۾ گذريل ٻن مهينن کان پاڻي کوٽ برقرار آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • بدين ضلعي ۾ مڪاني طوفاني حالتن کي نظر ۾ رکندي ضلعي حڪومت فوڪل پرسن مقرر ڪيو ويو

    بدين ضلعي ۾ امڪاني طوفاني حالتن کي نظر ۾ رکندي ضلعي حڪومت بدين پاران ضلعي آفيسر روينيو بدين فياض حسين عباسي کي فوڪل پرسن مقرر ڪيو ويو آهي ، سندس آفيس ۾ ايمرجنسي سينٽر قائم ڪيو ويو آهي جنهن جو فون نمبر 0297862384 ۽ سندس سيل نمبر03003602941 آهي جڏهن ته بدين ضلعي جي پنجن ئي تعلقن جي ڊي ڊي او روينيو جي آفيسن ۾ ايمرجنسي سينٽر پڻ قائم ڪيا ويا آهن جنهن جا انچارج ڊي ڊي اوز مقرر ڪيا ويا آهن

    وڌيڪ پڙھو
  • عربي سمنڊ ۾ طوفان جي اڳڪٿي کان بدين انتظاميا بي خبر

    : موسميات کاتي طرفان بدين ۽ ٺٽي ضلعن لڳ عربي سمنڊ ۾ طوفان اٿڻ جي اڳڪٿي ڪرڻ باوجود بدين ضلعي انتظاميا طرفان اڻڄائي ظاهر ڪندي ڪي به حفاظتي انتظام نه ڪيا ويا آهن. بدين ضلعي جي سامونڊي علائقن ۾ رهندڙ لکين ماڻهن ۾ سخت خوف ۽ هراس پکڙجڻ سان گڏوگڏ ماهيگيرن احتياطن سمنڊ ۾ وڃڻ بند ڪري هوڙا ڪنارن تي آڻڻ شروع ڪيا آهن. جڏهن ته سوين ماهيگير ۽ هوڙا اڃا تائين سمنڊ ۾ آهن. زيرو پوائنٽ سان لڳندڙ علائقن روپا ماڙي، شيخاڻي گهاڙي، احمد راڄو، جاتي تڙ، شيخ ڪرهيو جي رهواسين رمضان شيخ، نور احمد، امير سميجي ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته کين ٽي وي تي ميڊيا رپورٽن ذريعي طوفان اچڻ بابت معلومات ملي آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • بدين ويجهو سڱاوتي تڪرار تان ڇڪتاڻ، نياڻين اسڪول وڃڻ ڇڏي ڏنو

    بدين ويجهو ڳوٺ حضوري خاصخيلي ۾ ڪجهه وقت کان هلندڙ برادري تڪرار سبب نياڻين اسڪول وڃڻ ڇڏي ڏنو آهي، ٻن مهينن کان ڳوٺ جي ڪابه ڇوڪري تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ تعليمي ادارن ۾ نه پهتي، ڳوٺ جي رهواسين عمر خاصخيلي ۽ فاطمه خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ ايوان صحافت اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد هنگامي پريس ڪانفرنس ڪئي ۽ صحافين کي دانهيندي ٻڌايو ته سندن ڌي ملوڪ ٻائيءَ جيڪا اٺين ڪلاس ۾ پڙهندي آهي، تنهن جو سڱ اسان ننڍي هوندي مبارڪ خاصخيلي جي پٽ عثمان کي ڏيڻو ڪيو هو، پر بالغ ٿيڻ تي ملوڪ ٻائي رشتو قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو ان تي مبارڪ، اڪبر، خميسو ۽ خدابخش خاصخيلي وارن گهرن تي حملو ڪري فائرنگ ڪري اسان جي نياڻي ملوڪ ٻائي کي زبردستي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button