بدين

بدين پوسٽ عملي ” انڪم سپورٽ پروگرام“ کي ڪمائي جو ذريعو بڻائي ڇڏيو

Bribeبدين (سانوڻ خاصخيلي) : بدين پوسٽ عملي ” انڪم سپورٽ پروگرام“ کي ڪمائي جو ذريعو بڻائي ڇڏيو. حڪومت پاران انڪم سروي بعد منظور ڪيل رقم مان وڏي پئماني تي ڪٽوتي! هيڊ پوسٽ آفيس جي پوسٽ ماسٽر في فارم تي200 ڪان 500 روپيا مقرر ڪري ٽپالين ڪي ڦرلٽ ڪرڻ جي ڪلي ڇوٽ ڏئي ڇڏي. جڏهن تھ ٽپالين پنهنجا خانگي ماڻهو مقرر ڪري غريبن ڪي ڦرڻ لڳا. انهي سلسلي ۾ معلومات موجب ذريعن ڪان پتو پيو آهي تھ ” بي نظير انڪم سپورٽ پروگرام“ جڏهن ڪان شروع ٿيو آهي تڏهن ڪان پوسٽ آفيس عملي پاران رشوت جي بازار گرم ڪري ڇڏي آهي ۽ بي پهچ ۽ غريب مستحقين جي آيل رقم مان وڏي پئماني تي ڪٽوتي ڪندا رهندا آهن. جڏهن موجوده حڪومت ڪجھ عرصو اڳ غربت سروي تحت في ماڻهو جا ٻه هزار هر مهيني منظور ڪيا آهن. جيڪا رقم ڪنهن مستحق جي 12 هزار ته ڪنهن جي 14 هزار ٿئي ٿي ۽ گذريل مهيني ڪان جئين ئي اها رقم آئي آهي ته عملي جا جاوا آهن ۽ ڪنهن به طرح سان وڌ مان وڌ في فارم تي رشوت اڳاڙي وڃي ٿي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button