بدين

صحت جون بنيادي سهولتون غريب ماڻهن کي مهيا ڪري ڏنيون پيون وڃن: ڊاڪٽر فهميده مرزا

Fahmeeda Mirza
بدين: ڊاڪٽر فھميده مرزا ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا کورواھ ۾ سوئي گئس جو افتتاح ڪندي
بدين ( سانوڻ خاصخيلي) وقتي صدر ء اسپيڪر قومي اسيمبلي ڊاڪٽر فهميده مرزا بدين جي دوري دوران بدين پوليس لائين ۽ اسپتال جو دورو ڪيو. جڏهن تـ گولاڙچي شهر ۾ روڊ جي تعميرمڪمل ٿيڻ جو افتتاح ۽ ڪور واھ شهر ۾ سئي گيس جي فراهمي جو افتتاح ڪيو.
وقتي صدر ڊاڪٽر فهميده مرزاچيو تـ موجوده حڪومت عوام جي بنيادي مسلن ڪان چگي ريت واقف آهي. جنهن ڪري وڌ ۾ وڌ گئس فراهم ڪري ماڻهن ڪي بنيادي سهولتون ڏنيون پيون وڃن جنهن ۾ هيل تائين 83 ڪروڙ روپين جون اسڪيمون شامل آهن جنهن تي ڪم جاري آهي جنهن سان بدين جي ماڻهن جي قسمت ڪلي ويندي هن چيو ته صحت جون بنيادي سهولتون به غريب ماڻهن ڪي مهيا ڪري ڏنيون پيون وڃن ان موقعي تي ڊاڪٽر ذولفقار مرزا ڪمال خان چانگ ۽ ٻيا موجود هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button