بدين

بدين ۾ رمضان شريف جي شروع ٿيڻ سان ئي واپارين اگھ چوٽ چاڙھي ڇڏيا، انتظاميـ خاموش

Khajoorبدين: (سانوڻ خاصخيلي) : رمضان شريف جي شروع ٿيڻ سان ئي واپارين جون من مستيون وڌي ويون. عام واهپي جي شين جي اگھن ۾ ٻيڻ تي واڌ. ضلعي انتظاميـ خاموش تماشائي بڻيل! تفصيل مُطابق ڀلاري مهيني رمضان شريف جي ابتدا ۾ ئي بدين جي واپارين جا وارائي نيارا ٿي ويا. ڀلاري مهيني دوران روزمره جي ڪتب ايندڙ وارين شين جا اگھـ هٿرادو ٻيڻ تي وڌائي ڇڏيا. ان سلسلي ۾ خبر مُطابق شهر ۾ مرغي 220 روپيـ ڪلو مان وڌائي 260 روپيـ ڪلو؛ وڏو گوشت 200 مان وڌائي 230 روپيـ ڪلو۽ مڇي 200 مان وڌائي 300 روپيا ڪلو وڪامجڻ شروع. ساڳين طرح صوف 80 مان ڌائي 140 روپيـ ڪلو؛ توريون’ ڀينڊيون’ ميها’ گوار سميت ڀاڄين جي اگهن ۾ 15 کان 30 روپيا في ڪلو تي واڌ ڪئي ئي آهي. جنهن جي ڪري عام رزيدار ۽ غريب عوام سخت پريشاني جو شڪار آهن. اهو پڻ معلوم ٿيو آهي تـ سرڪار پاران جاري ٿيل لسٽ ۾ پڻ اڪثر شين جا اگھـ واپارين جي مرضي موجب شامل ڪيل آهن ۽ انهي سلسلي ۾ عوام کان ڪوبـ مشورو نٿو ورتو وڃي. هتان جي سُڄاڻ ڌرين پاران حڪومت سنڌ کان عام شين جي اگهن کي گھٽائڻ لاءِ ڪو تحرڪ وٺڻ جو مُطالبو ڪيو ويو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button