لاھور

  • سزا جي خلاف اپيل نه ڪنداسين، اعتزاز احسن

    وزيراعظم يوسف رضا گيلاني پاران سپريم ڪورٽ جي سزا خلاف اپيل داخل نه ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ جو مون سان هڪڙو ۽ نواز شريف سان ٻيو رويو آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • توهين عدالت ڪيس جي فيصلي تي اپيل داخل ڪرڻ جو فيصلو منهنجي ليگل ٽيم ڪندي; وزيراعظم

    وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته موجوده حڪومت پنهنجي پنجين ۽ تاريخي بجيٽ ۾ توانائي بحران تي ضابطو آڻڻ، هڪ لک نون روزگار جي فراهمي ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سميت ٻين منصوبن جي ذريعي عوام کي رليف ڏيندي، جڏهن ته ايندڙ بجيٽ ۾ ڪو به نئون ٽيڪس نه لڳايو ويندو.

    وڌيڪ پڙھو
  • سڀ حڪومت ۾ آهيون، تحريڪ هلائڻ جي اعلان جو مطلب سمجهه ۾ نٿو اچي: وزيراعظم

    وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته هينئر سڀ جا سڀ حڪومت ۾ آهن، حڪومت مخالف تحريڪ هلائڻ جي اعلان جو مطلب سمجهه کان ٻاهر آهي، جيڪي اقتدار ۾ هوندا آهن انهن کي ڪنهن قسم جي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ جي ضرورت ناهي هوندي، حڪومت ۾ هجڻ ئي انهن جي عوامي ۽ جمهوري طاقت جي عڪاسي هوندي آهي، انتهاپسندي اسان جي قدرن ۽ سلامتي لاءِ خطرا پيدا ڪيا آهن، اسان کي انتهاپسندي جي خلاف وڙهڻ سان گڏوگڏ انتهاپسندي جي نظريي خلاف به جدوجهد ڪرڻي پوندي، شهيد جمهوريت محترمه بينظير ڀٽو چيو هو ته هڪ گهٽ نظريي کي هڪ اعليٰ نظريي سان ئي شڪست ڏئي سگهجي ٿي. ايجنسيون حڪومت جي ڪنٽرول ۾ آهن

    وڌيڪ پڙھو
  • جمهوري طريقي سان تبديلي اڻٽر آهي، اسٽيڪ هولڊرز کي ميثاق جمهوريت ۾ شامل ڪيو وڃي: نواز شريف

    مسلم ليگ نون جي سربراهه ميان نواز شريف چيو آهي ته ملڪ ۾ جمهوري طريقي سان تبديلي اڻٽر آهي.مسلم ليگ ق جي اڳوڻي ايم اين اي سميرا ملڪ رائيونڊ ۾ مسلم ليگ نون جي سربراهه ميان نواز شريف سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ملڪ توڙي پنجاب جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ان موقعي تي ڳالهائيندي ميان نواز شريف چيو ته ادارا پنهنجي حدن ۾ رهي ڪم ڪن ته ملڪ ترقي ڪندو. هن چيو ته ميثاق جمهوريت ئي ملڪي مسئلن جو حل آهي

    وڌيڪ پڙھو
  • موجوده جمهوريت مان ذلت ۽ خواري کانسواءِ ڪجهه ناهي مليو، خطرناڪ وقت اچي سگهي ٿو:نواز شريف

    مسلم ليگ ن جي سربراهه نواز شريف چيو آهي ته موجوده جمهوريت مان ذلت ۽ خواري کان سواءِ ڪجهه به نه مليو آهي، پاڪستان ان ڪري نه ٺاهيو ويو هو ته دنيا ۾ غريب ۽ پٺتي پيل ملڪ جو اضافو ٿئي، آئون شاهدي ڏيان ٿو ته قوم ۾ 1947ع وارو جذبو موجود آهي، لاهور ۾ حضوري باغ ۾ يوم آزادي جي جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان لاءِ فڪر مند رهندو آهيان ۽ هر پاڪستاني کي ان لاءِ ڳڻتي ڪرڻ گهرجي، اڄ به ملڪ جون حالتون ڏسي ڏک ٿئي ٿو، جيڪڏهن اسان ڪجهه نه ڪيو ته ايندڙ وقت خطرناڪ ٿي سگهي ٿو، اسان کي دل سان عهد ڪرڻ گهرجي ته پاڪستان جي تقدير تبديل ڪري رهنداسين، موجوده جمهوريت ذلت ۽ خواري کانسواءِ ڪجهه به ناهي ڏنو، موجوده جمهوريت جي بحالي لاءِ گهڻيون قربانيون ڏنيون، قوم ججن کي بحال ڪرايو، عدليه جي آزادي کي بحال ڪرايو

    وڌيڪ پڙھو
  • لاهور ۾ هٿياربند آمريڪي شهري کي اغوا ڪري کڻي ويا

    لاهور جي ماڊل ٽائون علائقي جي جي –49 بلاڪ ۾ 12 هٿياربند هڪ گهر ۾ گهڙي 63 سالن جي آمريڪي شهري مسٽر وارن کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري کڻي ويا، نامعلوم هٿياربند سحري جي وقت گهر جي چوڪيدار تي تشدد ڪري گهر ۾ داخل ٿيا، آمريڪي شهري جي اغوا جي خبر پوڻ شرط سي سي پي او لاهور طاهر رضا ۽ ٻيا اعليٰ آفيسر واقعي واري هنڌ پهچي گهر جي ملازمن کي حراست ۾ ورتو ۽ پوري شهر ۾ ناڪابندي جو حڪم ڏنو، جڏهن ته آمريڪي شهري جي اغوا جو ڪيس ماڊل ٽائون ٿاڻي ۾ 12 نامعلوم هٿياربندن جي خلاف ايس ايڇ او جي مدعيت ۾ داخل ڪيو ويو آهي. آمريڪي شهري ڇهن سالن کان پاڪستان ۾ رهيل هو ۽ هو پاڪستان جي قبائلي علائقن ۾ هلندڙ غير ملڪي ترقياتي ڪمن جو انچارج هو.

    وڌيڪ پڙھو
  • قوم ڄاڻي پئي ته صدر زرداري بي دين قوتن ۽ ايجنسين جي مدد سان جيل ۾ رھائي وٺي ميدان ۾ آيو آھي: رانا ثناءالله

    لاھور ۾ ميڊيا سان ڳالھ ٻولھ ڪندي رانا ثناءالله جو چوڻ ھئو ته صدر زرداري ڪالھ بينظير ڀٽو جي سالگرھ جي ڏينھن تي جيڪا زبان استعمال ڪئي اھا صدر جي نه پر ھڪ ڪرپٽ جيالي جي زبان ھئي. ھن چيو ته بينظير ڀٽو جي قتل جي صحيح جاچ ڪرائي وڃي ته عوام حيران ٿي ويندو ته بي بي جو رت ڪنھن جي ھٿن تي آھي. رانا ثناء الله جو چوڻ ھئو ته قوم ڄاڻي ٿي ته صدر زرداري ايجنسين جي مدد سان جيل مان رھائي حاصل ڪئي. ھو بي دين قوتن ۽ اينجسين جي مدد سان ميدان ۾ آيو آھي. ھن چيوته آئنده اليڪشن ۾ ايجنسين جي مھرن ۽ عوامي سوچ رکندڙ قيادت جي وچ ۾ مقابلو ٿيندو. رانا ثناءالله چيوته آصف علي زرداري پيپلز پارٽي تي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنھن تي بينظير ان کي آمريڪا۾ ھڪ فليٽ ۾ تائين محدود ڪري ڇڏيو، صدر جو پيپلز پارٽي سان ڪو تعلق ناھي.

    وڌيڪ پڙھو
  • ”ڪالاباغ ڊيم ضرور ٺهڻ گهرجي“ پنجاب اسيمبلي ۾ وزيراعظم جي پٽ عبدالقادر گيلاني حمايت ڪري ڇڏي

    پنجاب اسيمبلي ۾ بجيٽ بحث دوران ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جي اعلانن جو سلسلو جاري آهي، گذريل ڏينهن واري اسيمبلي اجلاس ۾ نواز ليگ جي ايم پي اي، چوڌري عبدالوحيد پنهنجي تقريب دوران ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت کي وڏو دهشتگرد قرار ڏنو هو ۽ تنقيد ڪندي چيو هو ته ڪالاباغ ڊيم جي خلاف ٿيندڙ دهشتگردي کان وڌيڪ ٻي ڪا دهشتگردي ناهي، ان دهشتگردي کي ختم ڪري ڪالاباغ ڊيم ٺاهيو وڃي. جڏهن ته ڪالهه نواز ليگ جي ايم پي اي چوڌري سرفراز احمد ۽ ممتاز احمد پنهنجي تقرير ۾ اعلان ڪندي چيو ته ڪالاباغ ڊيم جي لاءِ پهريان به نواز ليگ رقم رکي هئي ۽ نواز شريف جي حڪومت ختم نه ڪئي ته ڪالاباغ ڊيم هينئر ٺهيل هجي ها

    وڌيڪ پڙھو
  • ملڪ ۾ سڀ کان وڏا دهشتگرد ڪالاباغ ڊيم مخالف آهن:نواز ليگ ميمبر راڻا افضل

    بجيٽ تي بحث لاءِ پنجاب اسيمبلي جو اجلاس جيئن ئي شروع ٿيو ته اپوزيشن ليڊر راجا رياض احمد پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائيندي چيو ته جناب اسپيڪر اسان قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله جي ان بيان جي شديد لفظن ۾ مذمت ٿا ڪريون جنهن ۾ هن بابر اعواڻ کي قتل ڪرڻ جي فتويٰ ڏني آهي، هن چيو ته هن چيو ته بابر اعواڻ سميت ڪنهن پيپلز پارٽي جي اڳواڻ يا ڪارڪن کي پنجاب ۾ نقصان پهتو ته ان جي ايف آءِ آر قانون واري وزير راڻا ثناءُ الله ۽ وزير اعليٰ پنجاب شهباز شريف خلاف داخل ڪرائي ويندي، هن چيو ته راڻا ثناءُ الله شيطاني ذهن رکندڙ ماڻهو آهي، هو صوبي ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ چاهي ٿو، هن جا واسطا پابندي پيل مذهبي تنظيمن ۽ دهشتگردن سان آهن، شهيد گورنر پنجاب سلمان تاثير جي قتل جا پيرا به راڻا ثناءُ الله ڏانهن وڃي رهيا آهن، هي دهشتگردن جو سربراهه ۽ قبضا مافيا جو اڳواڻ آهي، جيترا هي شريفن جي حق ۾ نعرا هڻي رهيو آهي ان کان پهريان هي مشرف ۽ ٻين اڳواڻن جي حق ۾ نعرا هڻندو هو ۽ شريف ڀائرن کي گاريون ڏيندو هو.

    وڌيڪ پڙھو
  • آئين ۽ عدليه ٽوڙڻ جي راند کيڏڻ نه ڏينداسين، ڪير به مقدس ڳئون بڻجڻ جي ڪوشش نه ڪري: نواز شريف

    مسلم ليگ ن جي سربراهه نواز شريف چيو ته پاڪستان کي سڀ کان وڌيڪ نقصان پنهنجن ئي ادارن پهچايو ۽ غلطيون سڀني کان ٿيون آهن، انهن مان سکڻ جي ضرورت آهي، ڪنهن کي به آئين ۽ عدليه ٽوڙڻ جي راند کيڏڻ نه ڏينداسين، لاهور ۾ صحافي سليم شهزاد جي ياد ۾ ڪوٺايل تعزيتي گڏجاڻي ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته تبديلي لاءِ پختو ارادو ٿيندو پيو وڃي. ان لاءِ جيڪو ڪجهه ڪرڻو پيو ته ڪنداسين، فوج جي بجيٽ پارليامنيٽ ۾ آڻڻ جي ڳالهه غلط آهي ۽ آءِ ايس آءِ جي بجيٽ جي هائوس ڪميٽي کي جاچ ڪرڻ گهرجي ادارن جي عزت ڪرائڻ چاهيون ٿا، نواز شريف چيو ته جيڪڏهن پنهنجي گريبان ۾ ڏٺو وڃي ها ته ايبٽ آباد ۽ پي اين ايس مهراڻ جا واقعا نه ٿين ها. وزيراعظم يوسف رضا گيلاني آمريڪي پرڏيهي وزير هليري ڪلنٽن کي چيو هو ته پارليامينٽ جي قرارداد جو احترام ڪيو وڃي پر حڪومت کي قومي اسيمبلي جي قرارداد جو پهرين پاڻ احترام ڪرڻ گهرجي. ڪشمير مسئلي کي سڀ کان وڌيڪ اسان جي ادارن نقصان پهچايو آهي، هاڻي ڪنهن کي به آئين ۽ عدليه ٽوڙڻ جي راند کيڏڻ نه ڏينداسين ۽ نه وري صحافين کي مارڻ ڏنو ويندو. جيڪڏهن ٻيهر لانگ مارچ ڪرڻو پيو…

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button