سزا جي خلاف اپيل نه ڪنداسين، اعتزاز احسن
لاهور: وزيراعظم يوسف رضا گيلاني پاران سپريم ڪورٽ جي سزا خلاف اپيل داخل نه ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ جو مون سان هڪڙو ۽ نواز شريف سان ٻيو رويو آهي، هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف اپيل نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، وزيراعظم جي وڪيل اعتزاز احسن ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي چيو ته پارٽي ۾ اعليٰ مشاورت کانپوءِ اپيل داخل نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، هن چيو ته آئين ۽ قانون تحت وزيراعظم سزا يافته ضرور آهي پر نااهل ناهي ٿيو. اعتزاز احسن چيو ته اسپيڪر جو فيصلو درست آهي، هن چيو ته اسان اپيل تيار ڪري ڇڏي هئي، ان ۾ 146 اعتراض شامل هئا، عدالت جي مختصر فيصلي کي تسليم نه ٿا ڪريون، وزيراعظم کي سبب ٻڌائڻ بنا سزا ڏني وئي، وزيراعظم عدليا جو مذاق اڏائڻ جو چارج نه پر توهين عدالت جي سزا ملي هئي، اعتزاز احسن چيو ته 1962ع واري آئين تحت اسپيڪر جي حيثيت پوسٽ مين جهڙي هئي، پر هاڻي ائين نه آهي، اعتزاز احسن چيو ته هاڻي اسپيڪر جي فيصلي کانپوءِ معاملو ختم ٿي ويوآهي، جيڪڏهن اسپيڪر فيصلو نه ڪري ها ته پوءِ معاملو اليڪشن ڪميشن ڏانهن وڃي سگھيو پئي، واضح رهي تي سپريم ڪورٽ وزيراعظم کي توهين عدالت واري ڪيس ۾ 26 اپريل تي 30 سيڪنڊن جي سزا ٻڌائي هئي ۽ تفصيلي فيصلي ۾ چيو ويو هو ته وزيراعظم نا اهل به ٿي سگھي ٿو، ان کانپوءِ اسپيڪر فهميده مرزا رولنگ ڏيندي فيصلوڪيو ته سپريم ڪورٽ وزيراعظم يوسف رضا گيلاني کي نااهل قرار ناهي ڏنو، ان ڪري وزيراعظم خلاف ريفرنس اليڪشن ڪميشن ڏانهن نه موڪليو ويندو. جنهن کانپوءِ حڪومت سزا خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، ان حوالي سان وزيراعظم جي وڪيل اعتزاز احسن پاران ايڊووڪيٽ آن رڪارڊ کي باضابطه طور آگاهه ڪيو ويو، وزيراعظم يوسف رضا گيلاني کي سپريم ڪورٽ پاران اپيل داخل ڪرڻ لاءِ 30 ڏينهن جي ڏنل مهلت ڪالهه منجهند 12 وڳي پوري ٿي وئي. توهين عدالت ڪيس ۾ وزيراعظم جي وڪيل بئريسٽر اعتزاز احسن ايڊووڪيٽ آن رڪارڊ کي هدايت ڪئي ته وزيراعظم پاران اپيل داخل نه ڪئي ويندي، تنهڪري هو گهر وڃي سگهي ٿو. اعتزاز احسن جو چوڻ آهي ته اپيل داخل نه ڪرڻ جو اصولي فيصلو صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم يوسف رضاگيلاني ۽ پارٽي جي سينيئر اڳواڻن سان صلاح مشوري بعد ڪيو ويو آهي، ذريعن موجب وزيراعظم يوسف رضاگيلاني قانون واري وفاقي وزير فاروق ايڇ نائيڪ، سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر ياسين آزاد ۽ ٻين قانوني ماهرن سان پڻ صلاح مشوار ڪيا. ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم کي آگاهي ڏني وئي ته جيڪڏهن اپيل داخل ڪئي وئي ته سندس نااهلي بابت داخل درخواستن تي به عدالت جي آبزرويشن اچي سگهي ٿي، ان ڪري بهتر آهي ته اپيل داخل نه ڪرائي وڃي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪجهه دير ۾ سڌ سماءَ وارو وفاقي وزير قمر زمان ڪائره پريس ڪانفرس ڪري حڪومت پاران اپيل داخل نه ڪرڻ بابت باضابطه اعلان ڪندو.
مانيٽرنگ ڊيسڪ