اسلام آبادلاھور

سڀ حڪومت ۾ آهيون، تحريڪ هلائڻ جي اعلان جو مطلب سمجهه ۾ نٿو اچي: وزيراعظم

Gilaniلاهور : وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته هينئر سڀ جا سڀ حڪومت ۾ آهن، حڪومت مخالف تحريڪ هلائڻ جي اعلان جو مطلب سمجهه کان ٻاهر آهي، جيڪي اقتدار ۾ هوندا آهن انهن کي ڪنهن قسم جي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ جي ضرورت ناهي هوندي، حڪومت ۾ هجڻ ئي انهن جي عوامي ۽ جمهوري طاقت جي عڪاسي هوندي آهي، انتهاپسندي اسان جي قدرن ۽ سلامتي لاءِ خطرا پيدا ڪيا آهن، اسان کي انتهاپسندي جي خلاف وڙهڻ سان گڏوگڏ انتهاپسندي جي نظريي خلاف به جدوجهد ڪرڻي پوندي، شهيد جمهوريت محترمه بينظير ڀٽو چيو هو ته هڪ گهٽ نظريي کي هڪ اعليٰ نظريي سان ئي شڪست ڏئي سگهجي ٿي. ايجنسيون حڪومت جي ڪنٽرول ۾ آهن عمران خان جو جلسو انهن ناهي ڪرايو وفاقي حڪومت کي جلسن ۽ ريلين ذريعي پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ جي ضرورت ناهي. هو ڪالهه ڇنڇر ڏينهن ايچي سن ڪاليج جي 125 هين يوم تاسيس جي موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ۽ صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته اسان کي پنهنجي تعليمي ادارن ۾ نئين نسل کي مستقبل جي چئلينجز سان مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار ڪرڻو پوندو، جنهن لاءِ تعليمي ادارن کي تحقيق جو گهوارو بڻائڻو پوندو، پاڪستان جي 63 سيڪڙو آبادي 25 سال کان گهٽ عمر جي نوجوانن تي مشتمل آهي، ملڪ جي روشن مستقبل لاءِ اسان کي پنهنجي نوجوان نسل کي چئيلنجز کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار ڪرڻو پوندو، اسان کي پنهنجي تعليمي ادارن ۾ نوجوان نسل کي هي باور ڪرائڻو آهي ته تعليم رڳو روزگار لاءِ ناهي حاصل ڪرڻ پر اعليٰ ڪردار ۽ ذميدار شهري هجڻ ملڪ ۽ قوم لاءِ وڌيڪ ضروري آهي. وزيراعظم چيو ته 18 هين ترميم کانپوءِ تعليم هڪ صوبائي معاملو آهي ۽ وفاقي حڪومت هر صوبي کي تعليم جي حوالي سان پنهنجو ايڪشن پلان پاڻ تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، پر ان سان گڏوگڏ 18 هين ترميم جي آرٽيڪل 25 اي ان ڳالهه جي ضمانت ڏئي ٿو ته پاڪستان ۾ تعليم هر ٻار جو حق آهي. اسان جي تعليمي ادارن کي ملڪ ۾ قومي يڪجهتي ۽ گڏيل اتحاد کي هٿي ڏيڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته اسان کي پنهنجي نوجوان نسل کي هڪ اهڙي اميد ڏيڻي آهي ته هو مستقبل جي حوالي سان پراميد ٿئي ۽ مشڪلات کي چئلينج جي طور تي قبول ڪري. ان موقعي تي هن ايچي ڪاليج ۾ آءِ ٽي بلاڪ جي قيام لاءِ 25 ملين ۽ ٻين خرچن لاءِ 10 ملين خصوصي گرانٽ جو اعلان ڪيو. بعد ۾ مخالف ڌر پاران حڪومت جي خلاف تحريڪ هلائڻ جي اعلان جي حوالي سان پڇيل سوال جي جواب ۾ سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته سڀئي ته حڪومت ۾ آهن پوءِ ان اعلان جو ڪهڙو مطلب آهي.
مانيٽرنگ ڊيسڪ

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button