لاھور

قوم ڄاڻي پئي ته صدر زرداري بي دين قوتن ۽ ايجنسين جي مدد سان جيل ۾ رھائي وٺي ميدان ۾ آيو آھي: رانا ثناءالله

rana 15783لاھور: لاھور ۾ ميڊيا سان ڳالھھ ٻولھھ ڪندي رانا ثناءالله جو چوڻ ھئو ته صدر زرداري ڪالھ بينظير ڀٽو جي سالگرھ جي ڏينھن تي جيڪا زبان استعمال ڪئي اھا صدر جي نه پر ھڪ ڪرپٽ جيالي جي زبان ھئي. ھن چيو ته بينظير ڀٽو جي قتل جي صحيح جاچ ڪرائي وڃي ته عوام حيران ٿي ويندو ته بي بي جو رت ڪنھن جي ھٿن تي آھي.
رانا ثناء الله جو چوڻ ھئو ته قوم ڄاڻي ٿي ته صدر زرداري ايجنسين جي مدد سان جيل مان رھائي حاصل ڪئي. ھو بي دين قوتن ۽ اينجسين جي مدد سان ميدان ۾ آيو آھي. ھن چيوته آئنده اليڪشن ۾ ايجنسين جي مھرن ۽ عوامي سوچ رکندڙ قيادت جي وچ ۾ مقابلو ٿيندو. رانا ثناءالله چيوته آصف علي زرداري پيپلز پارٽي تي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي جنھن تي بينظير ان کي آمريڪا۾ ھڪ فليٽ ۾ تائين محدود ڪري ڇڏيو، صدر جو پيپلز پارٽي سان ڪو تعلق ناھي. پنجاب جي قانون واري وزير چيو ته جيڪو جيالو جيترو ڪرپٽ ھوندو اوترو ئي زرداري جي ويجھو ھوندو جنھن جي ھڪ مثال ھڪ جيب ڪتري کي پنجاب جو گورنر ٺاھڻو آھي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button