لاھور

لاهور ۾ هٿياربند آمريڪي شهري کي اغوا ڪري کڻي ويا

Lahore kidnapلاهور : لاهور جي ماڊل ٽائون علائقي جي جي –49 بلاڪ ۾ 12 هٿياربند هڪ گهر ۾ گهڙي 63 سالن جي آمريڪي شهري مسٽر وارن کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري کڻي ويا، نامعلوم هٿياربند سحري جي وقت گهر جي چوڪيدار تي تشدد ڪري گهر ۾ داخل ٿيا، آمريڪي شهري جي اغوا جي خبر پوڻ شرط سي سي پي او لاهور طاهر رضا ۽ ٻيا اعليٰ آفيسر واقعي واري هنڌ پهچي گهر جي ملازمن کي حراست ۾ ورتو ۽ پوري شهر ۾ ناڪابندي جو حڪم ڏنو، جڏهن ته آمريڪي شهري جي اغوا جو ڪيس ماڊل ٽائون ٿاڻي ۾ 12 نامعلوم هٿياربندن جي خلاف ايس ايڇ او جي مدعيت ۾ داخل ڪيو ويو آهي. آمريڪي شهري ڇهن سالن کان پاڪستان ۾ رهيل هو ۽ هو پاڪستان جي قبائلي علائقن ۾ هلندڙ غير ملڪي ترقياتي ڪمن جو انچارج هو. ٻئي طرف آمريڪي قونصليٽ لاهور جي ترجمان ليزلي گڊمين پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته لاهور ۾ آمريڪي شهري جي اغوا وارو واقعو افسوس وارو آهي، آمريڪي قونصليٽ ان واقعي جي جاچ ڪري رهيو آهي.
مانيٽرنگ ڊيسڪ

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button