”ڪالاباغ ڊيم ضرور ٺهڻ گهرجي“ پنجاب اسيمبلي ۾ وزيراعظم جي پٽ عبدالقادر گيلاني حمايت ڪري ڇڏي
لاهور: پنجاب اسيمبلي ۾ بجيٽ بحث دوران ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جي اعلانن جو سلسلو جاري آهي، گذريل ڏينهن واري اسيمبلي اجلاس ۾ نواز ليگ جي ايم پي اي، چوڌري عبدالوحيد پنهنجي تقريب دوران ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت کي وڏو دهشتگرد قرار ڏنو هو ۽ تنقيد ڪندي چيو هو ته ڪالاباغ ڊيم جي خلاف ٿيندڙ دهشتگردي کان وڌيڪ ٻي ڪا دهشتگردي ناهي، ان دهشتگردي کي ختم ڪري ڪالاباغ ڊيم ٺاهيو وڃي. جڏهن ته ڪالهه نواز ليگ جي ايم پي اي چوڌري سرفراز احمد ۽ ممتاز احمد پنهنجي تقرير ۾ اعلان ڪندي چيو ته ڪالاباغ ڊيم جي لاءِ پهريان به نواز ليگ رقم رکي هئي ۽ نواز شريف جي حڪومت ختم نه ڪئي ته ڪالاباغ ڊيم هينئر ٺهيل هجي ها. هنن چيو ته هاڻي جڏهن به نواز ليگ جي حڪومت ايندي ته سڀ کان پهريان ڪالاباغ ڊيم تعمير ڪيو ويندو ۽ بعد ۾ ٻيا منصوبا شروع ڪيا ويندا. جڏهن ته نواز ليگ جي ميمبرن جي تقرير دوران وزيراعظم سيد يوسف رضآ گيلاني جي پٽ عبدالقادر گيلاني جڏهن تقرير ڪئي ته ان به پنهنجي تقرير ۾ ڪالاباغ ڊيم جي حمايت ڪندي چيو ته اسان ڪالاباغ ڊيم جا مخالف ناهيون، ڪالاباغ ڊيم ڀلي ٺاهيو وڃي ان جي ٺهڻ سان ملڪ ۾ بجلي ۽ سرائيڪي پٽي ۾ پاڻي جي قلت ختم ٿي ويندي
مانيٽرنگ ڊيسڪف