لاھور

توهين عدالت ڪيس جي فيصلي تي اپيل داخل ڪرڻ جو فيصلو منهنجي ليگل ٽيم ڪندي; وزيراعظم

Gilaniلاهور; وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته موجوده حڪومت پنهنجي پنجين ۽ تاريخي بجيٽ ۾ توانائي بحران تي ضابطو آڻڻ، هڪ لک نون روزگار جي فراهمي ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام سميت ٻين منصوبن جي ذريعي عوام کي رليف ڏيندي، جڏهن ته ايندڙ بجيٽ ۾ ڪو به نئون ٽيڪس نه لڳايو ويندو، نيٽو سپلائي جي حوالي سان ڪو به حتمي فيصلو ناهي ٿيو، ان سلسلي ۾ قومي سلامتي بابت پارلياماني ڪميٽي جون سفارشون اچي ويون آهن جنهن تي ڪابينا جي دفاعي ڪميٽي ۾ بحث هيٺ آندو ويندو، توهين عدالت ڪيس جي فيصلي تي اپيل داخل ڪرڻ جو فيصلو منهنجي ليگل ٽيم ڪندي، موجوده حڪومت پنهنجي اقتدار واري دور ۾ 3600 ميگاواٽب جلي نيشنل گرڊ ۾ شامل ڪئي، جڏهن ته ان سلسلي ۾ ٻين ڪيترن ئي منصوبن تي ڪم جاري آهي، صدر آصف علي زرداري جو شڪاگو ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ دعوت نامو مليو آهي، جنهن جي وفاقي ڪابينا ۽ ڊي سي سي آجيان ڪندي چيو ته صدر کي شڪاگو ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪرڻ گهرجي،

حڪومت پنجون بجيٽ پيش ڪرڻ وڃي رهي آهي، صدر آصف علي زرداري جو پنجون ڀيرو پارليامينٽ کي خطاب به هڪ تاريخي ڪارنامو آهي، هن چيو ته صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم کي عهدي تان هٽائڻ لاءِ آئيني طريقيڪار موجود آهي

هو ڪالهه جمعي ڏينهن سينئر وفاقي وزير چوڌري پرويز الاهي جي رهائشگاهه تي ساڻس ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو، ان موقعي تي مسلم ليگ (ق) جو صدر چوڌري شجاعت حسين، آءِ ٽي اينڊ ٽيلي ڪام وارو وفاقي وزير راجا پرويز اشرف به موجود هئا، وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته هو پنهنجي اتحادين ۽ پارليامينٽ جي طاقت سان وزيراعظم آهي، موجوده حڪومت پنجون بجيٽ پيش ڪرڻ وڃي رهي آهي، صدر آصف علي زرداري جو پنجون ڀيرو پارليامينٽ کي خطاب به هڪ تاريخي ڪارنامو آهي، هن چيو ته صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم کي عهدي تان هٽائڻ لاءِ آئيني طريقيڪار موجود آهي، آئين جي روشني ۾ صدر کي مواخذي ۽ وزيراعظم کي عدم اعتماد جي ذريعي عهدي تان هٽائي سگهجي ٿو، هن چيو ته موجوده حالتن ۾ ملڪ ڪنهن غير جمهوري عمل جي سٽ نٿو سگهي ٿي، غير جمهوري طريقي ۽ سازشن سان حڪومتون ڊاهڻ جو زمانو گذري ويو، وزيراعظم چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ کيس نااهل قرار ناهي ڏنو ويو، سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته مون ڪو به اخلاقي يا مالي ڏوهه ناهي ڪيو، صرف آئين جي پاسداري ڪئي آهي هن چيو ته حڪومت پنهنجي اتحادي پارٽين سان گڏجي عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته 18 هين ترميم کانپوءِ صوبائي حڪومتون به توانائي پيدا ڪرڻ جا منصوبا شروع ڪري سگهن ٿيون، جڏهن ته 18 هين ترميم کان اڳ به صوبن کي ڪنهن به بجلي پيدا ڪرڻ جا منصوبا شروع ڪرڻ کان ناهي روڪيو، صوبائي حڪومتن کان پڇيو وڃي ته انهن نيشنل گرڊ ۾ ڪيترن ميگاواٽ جو اضافو ڪيو، وزيراعظم چيو ته موجوده حڪومت 3600 ميگاواٽ بجلي نيشنل گرڊ ۾ شامل ڪئي، ٿرڪول سميت منگلا ريزنگ پراجيڪٽ، يامير ڀاشا ڊ:م ۽ ٻين هائيڊل منصوبن تي ڪم جاري آهي، ان کانسواءِ ايران کان 1000 ميگاواٽ، ڪاسا پراجيڪٽ جي ذريعي 1000 ميگاواٽ ۽ ڀارت کان 500 ميگاواٽ بجلي خريدڻ جي منصوبن تي به ڪم جاري آهي، حڪومت جو تسلسل رهندو ته سمورا منصوبا مڪمل ٿيندا،

هڪ سوال تي وزيراعظم چيو ته هو توانائي جي بحران جي حل لاءِ چوڌري شجاعت حسين جي فارمولي سان اتفاق ڪري ٿو، توانائي بحران جو مسئلو به ڪنهن صوبي جو ناهي پر پوري ملڪ جو مسئلو آهي، سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته ان سلسلي ۾ ڪابينا جي خصوصي ڪميٽي جوڙي وئي آهي ۽ انرجي ڪرائسز سيل بڻايو ويو آهي، ڪميٽي ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير، ناڻي وارو وفاقي وزير، پيٽروليم وارو وفاقي وزير، پاڻي ۽ بجلي وارو وفاقي وزير، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ۽ گورنر اسٽيٽ بئنڪ شامل هوندا، ڪميٽي جو روزانو اجلاس ٿيندو جڏهن ته اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير روزاني جي بنيادن تي توانائي جي پيداوار ۽ کپت جي حوالي سان بريفنگ ڏيندو، لانگ مارچ جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هن وقت سموريون پارٽيون حڪومت ۾ آهن، لانگ مارچ ڪنهن جي خلاف ڪندا، هن چيو ته لانگ مارچ جون خواهشمند پارٽيون پهريان اسيمبلي مان مستعفي ٿين، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته صوبائي حڪومتون کي ماڻهن کي وفاقي حڪومت جي خلاف ڀڙڪائڻ نه گهرجي، موسيٰ گيلاني جي باري ۾ پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سندس پٽ سياست ۾ آهي، ان لاءِ ان تي الزام لڳي رهيا آهن، هن چيو ته علي موسيٰ گيلاني عدالتن کي منهن ڏيندو، ان کان پوءِ مسلم ليگ (ق) جي صدر چوڌري شجاعت حسين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جيڪي ماڻهو سيد يوسف رضا گيلاني کي وزيراعظم نٿا مڃن سي پاڻ ڪهڙو عدالتن جو احترام ڪن ٿا، هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ ڪنهن جج اهو ناهي لکيو ته وزيراعظم نااهل آهي ۽ ڪم نٿو ڪري سگهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button