اسلام آبادلاھور

جمهوري طريقي سان تبديلي اڻٽر آهي، اسٽيڪ هولڊرز کي ميثاق جمهوريت ۾ شامل ڪيو وڃي: نواز شريف

nawaz sharif1لاهور( م ڊ ) مسلم ليگ نون جي سربراهه ميان نواز شريف چيو آهي ته ملڪ ۾ جمهوري طريقي سان تبديلي اڻٽر آهي.مسلم ليگ ق جي اڳوڻي ايم اين اي سميرا ملڪ رائيونڊ ۾ مسلم ليگ نون جي سربراهه ميان نواز شريف سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ملڪ توڙي پنجاب جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ان موقعي تي ڳالهائيندي ميان نواز شريف چيو ته ادارا پنهنجي حدن ۾ رهي ڪم ڪن ته ملڪ ترقي ڪندو. هن چيو ته ميثاق جمهوريت ئي ملڪي مسئلن جو حل آهي، تنهنڪري سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي ميثاق جمهوريت ۾ شامل ڪيو وڃي. ميان نواز شريف چيو ته کين يقين آهي ته هو ڊينگي تي ضابطو آڻي وٺندا.سندس چوڻ هو ته ڊينگي جي خاتمي لاءِ فوري ۽ مستقل بنيادن تي قدم کنيا پيا وڃن.ميان نواز شريف چيو ته امتحان جو وقت آهي، ڊينگي جي خاتمي لاءِ سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button