ٺري ميرواھ

سئي گيس شھر۾ موسمياتي تبديلي ۽ انساني حقن جی عنوان ھیٺ اسيمبلي

محمد اقبال سومرو
ٺري ميرواھ
ٺري ميرواھ ڀرسان سئي گيس شھر ۾ سماجي تنظيم المصطفٰي ويلفيئر ،دڪاندار ايسوسيئشن ٺري ميرواھ ،سئي گيس پاران موسمياتي تبديلي۽ سنڌ ۾متاثر ٿيندڙ انساني حقوق جي عنوان سان ھڪ عوامي اسيمبلي منعقد ڪئي وئي ،جنھن جي صدارت هيومن رائٽس ڪميشن سنڌ حڪومت جو ميمبر جوڊيشل II رٽائرڊ سيشن جج محمد اسلم شيخ ڪئي۔
عوامي اسيمبلي ۾ تعلقا ٺري ميرواھ سول سوسائٽي ،سرڪاري ،غير سرڪاري تنظيمن جي اڳواڻن ،شھرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ، ان موقعي تي عوامي اسيمبلي کي خطاب ڪندي ھيومن رائٽس ڪميشن سنڌ حڪومت جي ميمبر جوڊيشل II ريٽائر سيشن جج محمد اسلم شيخ چيو آهي ڪميشن جو مقصد انساني حقن جو تحفظ، پاسداري ۽ سماج ۾ پيش ايندڙ مسئلن جي حل لاءِ قانوني ۽ سرڪاري سطح تي سهڪار ڪيو وڃي هي ڪيمشن سنڌ حڪومت جو انقلابي قدم آهي،عوامي اسيمبلي ۾ ڊاڪٽر وزير احمد ڦل ،دڪاندارن جي صدر غلام مرتضي ا ٻانڀڻ ،ڊاڪٽر غلام حيدر ڦل ،المصطفي ا ويلفيئر جي صدر محمد امين خاصخيلي ، سيد شاھد حسين شاھ ،۽ ٻين انگ ۾ شرڪت ڪئي ،۽ عوامي اسيمبلي ۾ ٿيندڙ انساني حقوق جي خلاف ورزي بابت آگاھي ڏني . ان موقعي تي ٺري ميرواهه ۾ برساتي پاڻي جي نيڪال بابت ڊرين جي تعمير، گندي پاڻي جي نالين جي کاٽي، صفائي ۽ روڊن جي تعمير، ، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ٺري ميرواھ واري دفتر ۾ عورتن سان ٿيندڙ زيادتين، پئسن جي ادائيگي واري ميڪنزم بهتر ڪرڻ، سميت اهم مئسلن تي شڪاتيون، تجويزون ۽ سفارشات پيش ڪيون ويون ،جنهن بعد عوامي اسيمبلي ۾ ڳالھائيندي هيومن رائٽس ڪميشن سنڌ حڪومت جو ميمبر جوڊيشل IIرٽائرڊ جج محمد اسلم شيخ چيو ته اسانجو ڪم صوبي جي عوام کي قانوني ۽ سماجي سطح تي انهن جا جائز حق وٺرائڻ ۾ مدد شامل آھن ، هن چيو ته ڄاڻايل مسئلن جي حل لاءِ سمورن کاتن جي آفيسرن کي هدايتون ڏنيون وينديون ،جلد نتيجن کان آگاهه ڪيو ويندو . هن صحافين کي اپيل ڪئي ته مسئلن جي حل لاءِ ڪيمشن سان ٻانهه ٻيلي ٿي عوام کي رليف فراهم ڪرڻ ۾ سهڪار ڪن.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button