ٺري ميرواھ

  • Flood in Thrimirwah

    سئي گيس شھر۾ موسمياتي تبديلي ۽ انساني حقن جی عنوان ھیٺ اسيمبلي

    ٺري ميرواھ ڀرسان سئي گيس شھر ۾ سماجي تنظيم المصطفٰي ويلفيئر ،دڪاندار ايسوسيئشن ٺري ميرواھ ،سئي گيس پاران موسمياتي تبديلي۽ سنڌ ۾متاثر ٿيندڙ انساني حقوق جي عنوان سان ھڪ عوامي اسيمبلي منعقد ڪئي وئي

    وڌيڪ پڙھو
  • بوزدار وڏا: نئون ٽانزيشن آفيسر عبدالحميد جمالي کي مقرر ڪيو ويو

    ٺري ميرواه جيئن ته خيرپور ڊسٽرڪٽ جو وڏو تعلقو سڏيو ويندو آهي ان تعلقي ۾ گذريل ٽنهن مهينن کان ٽانزيشن آفيسر مقرر نه هيو جنهن ڪري تعلقي جا ڪم رولهڙي جو شڪار ٿئي ويا هئا تعلقي ميرواه جي عوام کي تمام سخت مشڪلاتن کي منهن ڏیڻو پئجي رهيو هيو

    وڌيڪ پڙھو
  • صوبائي پ پ پ اڳواڻ تعلقي ميرواه جي مختلف ڳوٺن جو دورو ڪيو

    صوبائي پ پ پ اڳواڻ نثار احمد بلوچ تعلقي ميرواه جي مختلف ڳوٺن جو دورو ڪيو تفصيل موجب پ پ پ اڳواڻ نثار احمد ڳوٺ ظفر علي شر ۾ مير هزار شر وٽ چانهه پارٽي ۾ شرڪت ڪئي ، درگاه غلام حيدر گودڙيه جي درگاه تي حاضري ۽ درگاه هادي حسن شاه تي پڻ دعا گهري

    وڌيڪ پڙھو
  • ٺري ميرواهه: نا معلوم جوابدارن ھڪ گهر کي باهه ڏئي ڇڏي

    سئي گئس ڀرسان ڳوٺ در محمد ٽالپر ۾ نا معلوم جوابدارن پاران هڪ ڳوٺاڻي نياز حسين ٽالپر جي گهر کي باهه ڏئي ڇڏي ، گهر ڀاتي معجزانه طور بچي ويا جڏهن ته گهر ۾ پيل سمورو سامان ڪڻڪ ، ڪلر ، گهر جو سامان ڪپڙا ڏاج سڙي راک ٿي ويو ڳوٺاڻن پاران ٺري ميرواهه پوليس کي اطلاع ڏنو ويو

    وڌيڪ پڙھو
  • اڻڄاتل ھٿياربندن ھٿان ڳوٺاڻو قتل

    ٺري ميرواهه ڀرسان جي ڳوٺ باغ بچراهه جي رهواسي خيرپور حاضري کان موٽندي ٻن موٽر سائيڪلن تي سوار هٿيار بندن لياقت علي جوڳي کي ڪوٽ ڏيجي ٿاڻي جي حد ۾ هٿياربندن پاران ويگن مان لاهي مٿان فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا

    وڌيڪ پڙھو
  • ڳوٺ خدابخش شر اچانڪ باهه لڳڻ سبب ٽي گهر سڙي ويا

    ٺري ميرواهه ڀرسان ڳوٺ خدابخش شر اچانڪ باهه لڳڻ سبب ٽي گهر سڙي ويا ، گهرن ۾ پيل سمورو سامان سڙي رک ، ڳوٺ خدابخش شر جي ڳوٺاڻن گل حسن جعفري جمعو جعفري سکيو جعفري جي گهرن کي باهه ساڙي رک ڪري ڇڏيو

    وڌيڪ پڙھو
  • مختيار ڪار جي مبيعنه زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

    سنڌ تپيدار ايسوسيئشن ضلع خيرپور پاران ڪنگري تعلقه جي مختيار ڪار جي مبيعنه زيادتين خلاف ضلعي جي صدر الله ورايو شر ۽ بين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو هنن احتجاج ڪندي ميديا کي بڌايو ته ڪنگري جو مختيارڪار تپيدارن کي بلا جواز تنگ ڪري رهيو آهي انهي سلسلي ۾ تپيدارن رابطا مهم ۾ اڄ 22/1/12 تي ٺري ميرواه ۾ هڪ اهم گڏجاڻي ڪئي وئي جنهن بعد هڪ احتجاجي مظاهرو پڻ ڪيو ويو ضلعي تپيدار ايسوسيئشن ضلع خيرپور جي صدر تپيدار الله ورايو شر انڊس نيوز سان ڳالهائيندي بڌايو ته هڪ مهيني کان هلندڙ قلم ڇڏ ۽ وصولي جو بائيڪاٽ سڄي ضلعي ۾ جاري آهي سنڌ تپيدار ايسوسيئشن ضلع خيرپور جي صدر وڌيڪ بڌايو ته سڀاڻي سيشن ڪورٽ خيرپور اڳيان بک هڙتال سميت مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج جاري رهندو

    وڌيڪ پڙھو
  • پ پ جي حڪومت ھوندي به پراڻن ڪارڪنن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي، ڳوٺاڻڻ جو پاڻ ساڙڻ جو چتاءُ

    ٺري ميرواهه پريس ڪلب اڳيان ڳوٺاڻن جو احتجاجي ڌرڻو مظاهرو ڳوٺ ظفر علي شر جي ڳوٺاڻن ۽ جهونن پ پ ڪارڪنن بنيادي سهولتون نه هجڻ خلاف احتجاج ڪيو . ٺري ميرواهه لڳ يونين ڪائونسل صبڙ رند جي ڳوٺ ظفر علي شر جي ڳوٺاڻن ۽ جهونن پ پ ڪارڪن، معصوم ٻارڙن بنيادي سهولتون نه هئڻ خلاف مظاهرا ڪيا. پ پ قيادت پاران نظر انداز ڪرڻ بنيادي سهوليون روڊ، اسڪول، ڊسپنسري وغيره نه هئڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو،ان موقعي تي ڳوٺ جي نيڪ مردن غلام قادر شر، جمشيد احمد شر، سليم رضا شر ، ممتاز علي شر، سڪندر علي شر ۽ غلام علي شر ۽ ٻين دانهيندي ٻڌايو ته اسان هر آمريت ۽ جمهوريت جي دئورن ۾ پارٽي لاءِ قربانيون ڏنيو ۽ جيل ڀوڳيا مخالفن جو سختيون برداش ڪيو، هن وقت پنهنجي پارٽي جي حڪومت هوندي به ڪارڪنن ۽ ڳوٺ کي مڪمل طور تي نظر انداز ڪيو پيو وڃي

    وڌيڪ پڙھو
  • پ پ پ ڪي ختم ڪرڻ جا خواب ڏسندڙ اڍورا رهجي ويندا: پي پي صوبائي اڳواڻ

    مخالفن شريف ڀائرن اجائي واويلا پيا ڪن،پ پ پ ڪي ختم ڪرڻ جا خواب ڏسندڙ اڍورا رهجي ويندا،شريف ڀائر موجوده حڪومت جو مدو پورو ٿيندي ڏسي بوکلائجي ويا آهن ۽ عوام سندن اصل چهرا ڏسي ورتا آهن ڇاڪاڻن ت انهن جي سياست ڊونگ تي ٻڌل آهي انهن ڪڏهن عدليا جي آزادي جون ڳالهيون وري ڪڏهن جمهوريت جي بحالي جون ڳلهيون ڪري عوام کي بيوقوف بڻايو آهي هنن اهڙن خيا لن جو اظهار ٺري ميرواه تعلقي اندر مختلف ڳوٺن ظفر علي شر ۽ ٻين ڳوٺن جي دوري دوران پ پ پ جي صوبائي اڳواڻ نثار احمد بلوچ ،حاجي احمد بخش شر ۽ ٻين پ پ پ جي ورڪرن کي خطاب ڪندي ۽ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو

    وڌيڪ پڙھو
  • فنڪشنل مسلم ليگ لبير ونگ ضلع جي اڳواڻ فقير غلام رسول شر تعلقه نارو، فيض گنج ۾ فنڪشنل ۾ مسلم ليگ ليبرونگ جي ڪارڪن سان گڏجاڻي

    فنڪشنل مسلم ليگ لبير ونگ ضلع جي اڳواڻ فقير غلام رسول شر تعلقه نارو، فيض گنج ۾ فنڪشنل ۾ مسلم ليگ ليبرونگ جي ڪارڪن سان گڏجاڻي ڪئي ان موقعي تي فنڪشنل مسلم ليگ ليبر ونگ ضلع خيرپور جي ڳواڻ فقير غلام رسول شر انڊس نيوز سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ٺري ميرواهه، فيض گنج،جا واپاري ڪاٽن فيڪٽرين جي مالڪن سان ملي ڀڳت ڪري غريب هارين آباد گارن کي ٻنهي هٿن سان ڦري رهيا آهن ۽ سرڪاري اگهه ڏيڻ بنا صرف 2000 هزار روپين ۾ ڦٽين جو مڻ خريد ڪري رهيا آهن

    وڌيڪ پڙھو
Back to top button